محمد خان سيال
سينيئر رڪن
منهنجي صحافيءَ جي حيثيت ۾ ڇنڊڇاڻ آهي ته قادرمگسي درست چوي ٿو ته ون يونٽ ٽوڙڻ ۾ مکيه هٿ بنگالين جو هو ـ هونئن به بنگالي ساري ملڪ جي آباديءَ جو54 کان 56 سيڪڙو هئا ۽ هنن ”ون مين ـ ون ووٽ“ جي فائدي ۾ ڀرپور عالمي تحريڪ هلائي جيڪا اڳتي هلي ون يونٽ ٽوڙڻ جو ڪارڻ بڻي، منجھن سياسي سجاڳي تمام گھڻي هئي ـ بنگالين کي، گھڻائيءَ جي باوجود، ون يونٽ ٺهڻ تي نمائندگي گھٽائي 50 سيڪڙو ڏني وئي جڏهن ته اولهه پاڪستان کي 44 سيڪڙو مان وڌائي 50 سيڪڙو نمائندگي ڏني وئي ـ انهيءَ ساري ڪارروائيءَ کي پيريٽيءَ جو نالو ڏنو ويو جيڪا دنيا ۾ ڪٿي به رائج نه هئي ـ اهڙو ناٽڪ پنجاب کي فائدو رسائڻ لاءِ رچايو ويو ـ انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته سنڌين ۽ پختونن ون يونٽ خلاف ڀرپور مهم هلائي (جنهن جو مان به ننڍڙو حصو هوس) پر بنگالين جي ڀيٽ ۾ سندن حصو گھڻو گھٽ هو ـ