• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فيس بوڪ ۽ سنڌي دوست

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
مان جڏهن پهريون ڀيرو فيس بوڪ تي آيس ته سوچيم ته اسان سنڌي، سنڌ جي ڳنڀير مسئلن تي تفصيلي بحث ڪري، ان جو ڪو عمل جوڳو نبيرو ڳولي لهندا سون پر افسوس ته ائين ڪونه ٿيو ۽ نه ئي ائين ٿيڻ جي ڪا ويجھڙائيءَ ۾ اميد ڏسڻ ۾ اچي ٿي ڇاڪاڻ ته ڪيترا فيس بوڪي دوست، اختلاف راءِ جو حق به ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهن ۽ موٽ ۾ بدتميزي ڪرڻ پنهنجو قومي فرض سمجھن ٿا ـ هئڻ ته ائين گھرجي ها ته اخلاق جي اندر رهي ڪنهن تي به مثبت تنقيد ڪجي ۽ اڳيون به اخلاق جي اندر ئي رهي، دليلن سان ان جو جواب ڏئي پرائين ڪونه ٿو ٿئي ـ مان 4 ڀيرا بنگلاديش ويو آهيان، اتي ڪنهن به سياسي اڳواڻ تي تنقيد ڪندئو ته ان جو جواب سندس حامي دليلن سان ڏيندا، گارگند ۽ بدتميزيءَ سان نه ـ ڪاش! اسان وٽ به ائين ٿئي..!!ـ
 
سائين منهنجا اسان جا سنڌي ڀائر فقط هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ پورا آهن.
 
Back
Top