** مُنهنجي لکيل مختصر ڪهاڻي ** ** ”محترم! راحب رومانٽڪ صاحب! منهنجو غزل پڙهيوَ؟“ ”ها پڙهيم! غزل ته واه واه پر ڊزائين جو جواب ئي ناهي“ ”متان نه مڃو! ڀلا! ڇوڪريءَ جو ڦوٽو ڪيئن لڳئي؟“ ”اڙي يار! تون مونکان ٿو پُڇين! قسم سان روم روم رومانٽڪ ٿي ويو آ، ڪارونجھر ڇاتيون، غزالي اکيون، پشم ڳلهڙا! ڇوڪري ته ڄڻ جنت جِي حور پئي لڳي“ ”هممممممم“ ڪُجھ دير کان پوءِ شاعر راحب رومانٽڪ صاحب مونکان پڇيو: ”ڀلا ٻُڌ! اهو ڦوٽو ڪٿان هٿ ڪيئي؟“ ”گوگل زنده باد، گوگل اميجز ۾ Hot Pakistani Girls لکيم ته اچي ويو“ ڪُجھ دير کان پوءِ، شاعر راحب رومانٽڪ گوگلنگ ڪرڻ کان پوءِ واپس مونکي ميسيج ڪري ٿو ته : ”يار ڪمال ٿو ڪرين! تنهنجن اڳ ۾ ڇپيل غزلن ۾ جيڪي ڇوڪريون لڳل آهن سڀ اتان کنيون ٿئي! وڏو لاھ آهين“ ”هاهاهاها، ان کي چئبو ٿئي ڊزائنر جو دماغ!“ ڪجهه ڏينهن گُذري ويا! ته راحب رومانٽڪ به مونکي شاعريءَ جي ڊزائين لاءِ چيو، مون نڪا هم نڪا تُم ڪري، گوگل تان ساڳيا ڪيورڊز لکي ڳولها ڪئي ته دنگ رهجي ويس! هن ڀيري جنهن ڇوڪريءَ جو ڦوٽوءَ هو سو ڏِسي منهنجي اکين اڳيان اوندھ ڇانئجي وئي، زمين پيرن هيٺيان ڇڏائجي ويم، ساھ مُٺ ۾ بند ٿيل محسوس ڪيم، لڱ ڪانڊارجي ويم.. هن ڀيري گوگل تي Hot Pakistani Girls ۾ مُنهنجي بابا جِي ڌيءَ ۽ مُنهنجي سڳي ڀيڻ ”رمشا گُل“ جو اڌ ڍڪيل اُرهن وارو ڦوٽُو هيو..