داني شاه
سينيئر رڪن
نڪتا ڪمان چشم مان تيرِ نظر جدا جدا،
زخمي بنائي ويو هليو قلب و جگر جدا جدا!
”1“
تنهنجي جمال ديد کان عرش ٿو شرمسار ٿئي،
تارا ڪتيون جدا جدا شمس و قمر جدا جدا!
”2“
تنهنجو ۽ منهنجو زاهدا ڪهڙي طرح سان قرب ٿئي،
عزمِ سفر جدا جدا، راهِ سفر جدا جدا!
”3“
اختر سوخته دل سان ڪر ايڏو ستم نه اي صنم،
آه و فغان ۾ ٿو رهي برق و شرر جدا جدا!
زخمي بنائي ويو هليو قلب و جگر جدا جدا!
”1“
تنهنجي جمال ديد کان عرش ٿو شرمسار ٿئي،
تارا ڪتيون جدا جدا شمس و قمر جدا جدا!
”2“
تنهنجو ۽ منهنجو زاهدا ڪهڙي طرح سان قرب ٿئي،
عزمِ سفر جدا جدا، راهِ سفر جدا جدا!
”3“
اختر سوخته دل سان ڪر ايڏو ستم نه اي صنم،
آه و فغان ۾ ٿو رهي برق و شرر جدا جدا!