• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حق عشق جو بس هينئن جي ادا

داني شاه

سينيئر رڪن
حق عشق جو بس هِينئن جي ادا ٿيو ته بجا ٿيو،
سِر يار جي قدمن تان فدا ٿيو ته بجا ٿيو!
1
ٿوعقل نٿو عشق کي تسليم ڪري هِت،
سوعقل وٽان تنهنجو وِداع ٿيو ته بجا ٿيو!
2
سِر گهور ڪجي گهور ڪجي يار تان سڀ ڪجهه،
ياريءَ ۾ لٽيو جو به ادا ٿيو ته بجا ٿيو!
3
دولت سان نه طاقت سان نڪو لاڀ ٺڳيءَ سان،
هِت جو به محبت ۾ شيداء ٿيو ته بجا ٿيو!
4
ائين ٿيندو اچي ٿي به تو محبوب جي در تي،
ڪو شاهي ڇڏي ڪول گدا ٿيو ته بجا ٿيو!
5
عاشق جي اناالحق چوين ٿو ته ڀلي چئه،
تو ۾ پڌر تنهنجو خدا ٿيو ته بجا ٿيو!
6
مرڪب به اٿس عشق ۽ مذهب به اٿس عشق،
عاشق جو ڌرم سڀ کان جدا ٿيو ته بجا ٿيو!
7
اعجاز کي ان ڳالهه کان انڪار ڪڏهن آ،
ساقيءَ جو سندس يار سندا ٿيو ته بجا ٿيو!​
 
Back
Top