عاشق کي ڪڏهن ڪات کان ڪنڌ

'سنڌي شاعري' فورم ۾ داني شاه طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2017۔

  1. داني شاه

    داني شاه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2015
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    103
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    عاشق کي ڪڏهن ڪات کان ڪنڌ پوئڻو ڪونهي،
    وقار ائين عشق وارو کوئڻو ڪونهـــــــــــــــــــي!

    داوا جي ڪجي عشق جي دانهون پوءِ ڪجن ڇو،
    ليلاهي اڳيان لوڪ لنوءَ کي لوئڻو ڪونهـــــــــي!

    جي چاڪ اٿئي چِت ۾ اُهي ڇڏ ته پيا چـــــــڪن،
    دِيدن جي دُنالن جو زخــــــم ڌوئڻو ڪــــــــونهي!

    دِل ڌار مٿـــي دار اکيــــــون نـــم نه ڪڏهن ڪَر،
    رِندن جي رسُومات ۾ ڪڏهن روئڻــــــو ڪونهي!

    اعــــــــجاز ملي وار اٿئــــــــي مُـــور نه مُڙ تون،
    جنڊ عشق جـــــــو هِن جڳ کي آ جوئڻو ڪونهي!
     
    MUHAMMAD ASIF BROHI هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو