مالڪ تون در ته ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
هر هنڌ هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندي.
سنڌ جو اڳوڻو شان عجب هو،
راحت هُئي ڄڻ راضي رب هو،
رهندو هِندو ۽ مومن گڏ هو،
هڪٻئي کي ڏيندو سڏ ۾ سڏ هو.
اڳ واري اڄ اُلفت ناهي،
ملڪ ۾ ساڳي محبت ناهي،
درد سهڻ جي طاقت ناهي،
جُدا ٿي رهڻ جي جرئت ناهي.
پرديسي هُت روئندا هوندا،
ڳوڙهڻ سان مُنهن ڌوئندا هوندا،
ڌارين ۾ ڪيئن سُمهندا هوندا،
سُور هزارين پوءِ ايندا هوندا.
چندر عُمر شل وطن ۾ گُذري،
وطن کان شل دشمن به نه وڇڙي،
جو دم نِبري وطن ۾ نبري،
جي دم نڪري ته به وطن ۾ نڪري.
آواز : ممتاز لاشاري
ٻول : ماسٽر چندر
.