سکي هوا ۾ هُڳاءُ آهي، گلي گلي گيت ٿي وئي آ، پيا بِنا ننڊ ڪيئن ايندي. سکي پيا کي ملين ته چئجان چاندني تو سواء نه ٿيندي، اچين ته مُنهنجي اماس ۾ آ، ڇو ته ٻي رات ڪانه ٿيندي. پکي پروڪا اڃا نه آيا، اُڪير تن جي هُري رهي آ، اُداس سر تي هوا اُٺي جي، چئي پئي ڪا اُڏار ايندي. ڪڏهن به توتي دُوار دل جا نه ٻُوٽبا تون ڀلي هلي آ، ٻه لُڙڪ آلا تڏهن به هوندا، متان چئين آجيان نه ٿيندي. هي ديپ دونهاٽجي ڪڏهن نه، ڏات جي لات شال جرڪي، پِرھ پري آ، پتو نه آهي، هي رات ڪيسين ڏُهاڳ ڏيندي. پَرار تي ڪا پُڪار آهي، مگر اڳيان تِک تار آهي، ڪِٿي اسانجِي اُڪار آهي، اياز ڪيڏانهن ناوَ نِيندي. آواز : شفيع فقير ٻول : شيخ مبارڪ علي “اياز”