ٻول : مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ (امداد حسيني)

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي





    مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ،
    زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.

    توکي چاهيون ٿا توکي چاهيون ٿا،
    بحث ان تي ڪرڻ اجايو آ.

    هڪڙو ئي ماڻهو آهي اچڻو پَر،
    مون سڄو گھر کڻي سجايو آ.

    حال امداد جو پُڇو ڇا ٿا؟
    اڄ مڙئي سُور ڪُجھه سوايو آ.







    آواز : تعمير حُسين

    ٻول : امداد حُسيني


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو