• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : تنهنجو شهر ڇڏي جڏهن ويندس مان

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


تنهنجو شهر ڇڏي جڏهن ويندس مان
پوءِ سُهڻا تون پڇتائيندين، پيارا پيو پڇتائيندين.

تو قدر نه منهنجو يار ڪيو،
تو راھ گناه مونکي ڌار ڪيو،
تون هينئر مونکي ٺُڪرائيندين،
پوءِ سُهڻا تون پڇتائيندين.

مون ڏاڍو توکي سمجھايو هو،
توکي ٻار وانگي مون پڙهايو هو،
جي ياري مونسان ڦٽائيندين
پوءِ سهڻا تون پڇتائيندين.

مون روز تنهنجا سَوَ سُور سٺا،
اڄ دل تي ڪيا ٿئي درد ڪٺا،
جڏهن ڳالهيون منهنجيون ڳائيندين،
پوءِ پيارا پيو پڇتائيندين.






آواز : ضامن علي
ٻول : ....


 
Back
Top