• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : مقدر جا آهن عجب فيصلا (ضامن علي)

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


مقدر جا آهن عجب فيصلا،
توسان گڏ گذارڻ مون چاهِي حياتي،
وئي دل ۾ رهجي حسرت آ ساٿي،
افسوس جو ٿِي وياسين جُدا،
مقدر جا آهن عجب فيصلا.


ڪيتري پنهنجي چاهت ڪيڏي پنهنجي دِل هُئي
تنهنجي منهنجي چپن تي مرڪ هوندي هرپل هُئي
پوءِ هي صنم ڪيئن! ملي وئي سزا؟

ياد اچن ٿيون محبت واريون ڳالهيون
دل سڏڪي پوندي آ اکڙيون ٿين ٿيون آليون
سوچيو مون ڇا ۽ ٿي ويو هِي ڇا !؟

قسمت ويري ٿِي ۽ بخت منهنجو بگڙي آ
گلشن دل جو ”ظفر“ آ اُنکان پوءِ اُجڙي ويو
جڏهن کان لڳو هِي وڇوڙي جو واءُ..





آواز : ضامن علي
ٻول : ظفر ڏيٿو

 
Back
Top