ڏُک ڏيڻ جو توکي شوق آهي ڏک سهڻ تي مان مجبور آهيان تون مونکي روئاري ٽهڪ پيو ڏِين، چُپ رهڻ تي مان مجبور آهيان بيدرد نه ايڏو ٿِي، دل مُنهنجي پوي نه ٽُٽي، جي مري ويندم ته پوءِ ڪنهنکي ازاريندين؟ ڪنهنکي ڏُک ڏيندين ۽ ڪنهنکي روئاريندين؟ مونکي جيئڻ جي حسرت ناهي، جيئان ٿو ان لاءِ پرين، تنهنجي دل خوش ٿيندي آهي مونکي درد رسائي پرين، بس تنهنجي خوشيءَ جي خاطر ئي ٿيو جيئڻ تي مان مجبور آهيان. توکي نه ٿيو احساس آهي، پر منهنجي دل ۾ سچائي آ، تون نه ڏسين ڪو ڏينهن ڏکيو بس منهنجي آس اِهائي آ سهي تنهنجا سور توکي پوءِ ڀي دُعا ڏيڻ تي مان مجبور آهيان. ناهي رهيو آرام اکين ۾ دل کي ناهي چين ”ظفر“ تنهنجا ستم ڳڻيندو آهيان تنها ويهي آڌي اَسُر، تنهنجي دردن مان هِي ڏُکن جا گيت لکڻ تي مان مجبور آهيان آواز : ضامن علي ٻول : ظفر ڏيٿو