• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : عشق هو چرچو نه هو رونشو نه هو (استاد بخاري)

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر




زهر ڏيندين ته زهر پي ويندس،
تنهنجو هر رنج و غم سهي ويندس
منهنجي سامهون نه مل رقيبن سان،
مان صفا ڀورا ڀورا ٿي ويندس.



عشق هو چرچو نه هو رونشو نه هو،
باھ جو شعلو هو گلدستو نه هو.

جو وڻيو سو جيءَ سان جَڙجي ويو
جِن چيو پنهنجي مٿان ٿورو نه هو

مان به عيدن تي خريديان ها کڻي،
پر خوشي بازار جو سودو نه هو.

مفت ۾ محبت کان اڳ لُٽجي ويو،
ايترو ”اُستاد“ اڳ سَستو نه هو.



آواز : ضامن علي
ٻول : استاد بخاري

 
Back
Top