رابيلن جي رُت جهڙي شاعري. مجيب سنڌي. شاعري جي ذريعي سماجي عڪس چٽڻ، محبوب جي خوبين کي بيان ڪرڻ، ديس جي چاهت جو چرچو ڪرڻ سميت مختلف ٻين انيڪ موضوعن تي شاعري سرجڻ ئي اصل ۾ هڪ سٺي شاعر جي ڪمال ڪاريگري ۽ ڪاميابي سمجھي ويندي آهي، شاعري جا ڪيترائي روپ آهن، جنھن ۾ کل خوشي درد ميلاپ ۽ وڇوڙو به شامل آهي، جيڪڏهن ڪو شاعر مختلف رنگن جي رنگينين ۾ نٿو رنگجي ته اهو شاعر سٺي شاعري سرجي نٿو سگهي، شاعر عام لاءِ هڪ رهنما ۽ رهبر جي حيثيت رکي ٿو، شاعر پنهنجي قوم کي شعور ڏيندڙ هوندا آهن، فرزانه شاهين به پنهنجي ڪتاب "نيڻ آسائتا" ۾ اهڙي ئي شاعري سرجي آهي، جنھن ۾ وطن جي حب، ديس واسين جو درد، پيار ۽ محبت شامل آهي، عام جي ڏکن تڪليفن ۽ پيڙائن کي بہ بيان ڪيو آهي، سندس شاعري ۾ ڪمال رواني به آهي ته سرگم به آهي، جنھن کي آسانيءَ سان جهونگاري به سگهجي ٿو، سماجي ناانصافين، نااهلين توڙي سماجي اڻ برابري تي به سندس جيءَ جهريل محسوس ٿي رهيو آهي، سندس شاعري ۾ مختلف رنگن ۽ موسمن جون بهارون به آهن جيڪي فرزانه شاهين کي ڪامياب شاعرن جي صف ۾ آڻي بيهارن ٿيون. نه شاهي ڪا پوشاڪ شاهين گهرجي مٺي آهي مون کي اباڻن جي پوتي. نيڻ آسائتا، ڪتاب ۾ شامل فرزانه شاهين جي پهرين غزل جا سمورا شعر پنهنجي جاءِ تي پڪا ۽ پختا آهن، پر سندس مقطع ڪيڏي نه شاندار آهي، جنهن ۾ سچائي جهلڪندي محسوس ٿئي پئي، شاهي پوشاڪون ٺڪرائي پنهنجي ديس واسين جي پوتي کي پنھنجي پاڪ پوشاڪ جو درجو ڏيندي ان جي وڌيڪ اهميت جي ڳالھ ڪئي وئي آهي، ڪيڏي نه سنجيدگي ۽ سچائي آهي ان شعر ۾، اهڙا انمول خيال سرجڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ڪونھي. رابيلي رت آئي آهي خوشبوءِ ڳالھ ٻڌائي آهي سپنا سھڻا ڪيئي من ۾ سندر ساڀيان ڪائي آهي. فرزانه شاهين خوشبوءِ سان ڪيئن ٿي محسوس ڪري ته هاڻي رابيلن جي مند شروع ٿي وئي آهي ۽ ان موسم ۾ ئي سندس ساڀيائن جي به اڻ تڻ وڌي وڃي ٿي پر کيس اهو به يقين آهي ته سمورا خواب ساڀيان ناهن ٿي سگهندا، حساس دل شاعر ئي اهڙا سچا خيال سرجي سگهي ٿو، آسان لفظن ۾ خوبصورت شعر لکڻ جيڪي هر عام کي بہ آسانيءَ سان سمجھ اچي سگهن. فرزانه شاهين جي ڪتاب نيڻ آسائتا ۾ شامل غزلن ۾ جيڪو فلسفو بيان ڪيو ويو آهي ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، ڪيڏي نه خوبصورتي سان خيال پيش ڪيا ويا آهن، جن کي پڙهي هر پڙهندڙ پنهنجي من جو خيال محسوس ڪري. رنگ سمورا هن ۾ آهن پياري پياري منهنجي ڌرتي. قياس مري احساس ويا سڀ ماڻهو جڳ ۾ جيرا آهن. مايوسين کان پاسي گهاريون چين ڏکن تان گھوري هلبو. چين مفلس جو ٿو ڦري سارو سور ڇا سامراج ڪونهي ڪو. پاڻ حالت نه ٿي اگر بدلي قوم ان تي عذاب ايندو آ. پڙھي توکي ماڻهو، ٿو ماڻهو ٿئي فضيلت جو آهين رسالو امان. نيڻ آسائتا ۾ شامل غزل، گيت، وائي، نظم، نثري نظم توڙي نئين ڪويتا کي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ڪري سگهجي ٿو ته فرزانه شاهين جو انهن سمورين صنفن تي ڪيترو عبور حاصل آهي انهن سمورين صنفن ۾ ڪيترو آسانيءَ سان لکيو آهي، سندس هن شعري مجموعي ۾ شامل هر صنف پنهنجي قدرتي ڏات وسيلي فرزانه شاهين انتهائي پختن خيالن سان سرجي آهي، اها ئي سندس ڪاميابي آهي جو هر پڙهندڙ خيالن جي وهڪري ۾ سندس خيالن کي پنھنجي من اندر جو خيال سمجھي. فرزانه شاهين جي شاعري ۾ گهڻ رخي خيالن جي رس چس سان ڀريل آهي جيڪا پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري ٿي، سندس گيت ۽ وائي ۾ به اهڙا ئي خوبصورت رنگ رچيل آهن. گيت آءُ ته گڏجي پيار ورهايون رات جي هٿ تي ٻارڻ ٻاري چاهت جا ڪي ڏيئا ٻاريون. سمنڊ فطرت ڀريو، ڪين سڪندو ڪڏهن پيار دل جي افق تان نه کٽندو ڪڏهن ساٿ رهندو سدا، دلربا! دلربا! وائي هينئون هاريان ڪين ٿي ويندس هتڙان هيل منهنجو پنڌ پري الا! اڀري ايندو ڏينهڙو ٿيندي نيٺ سويل منهنجو پنڌ پري الا!. فرزانه شاهين جا گيت ۽ وايون پڙهندي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته هن ڪٿي به مصنوعيت کي پنھنجي خيالن ۾ نه آندو آهي، هر تخليق ۾ سندس پنهنجو ئي رنگ آهي، هر تخليق سنجيده آهي جيڪا مئل ضميرن کي جاڳائيندڙ آهي، سندس هي شعري مجموعو هر حوالي سان داد لائق آهي، دعا آهي ته الله پاڪ قلم کي اڃان وڌيڪ سگهه بخشي ته جيئن اهڙي پاڪ پويتر شاعري سرجيندي رهي.