آرسي مخمور ٿي وئي آ.

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مجيب سنڌي ڪورائي طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2017۔

  1. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    299
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    [​IMG]

    آرسي مخمور ٿي وئي آ.

    مجيب سنڌي

    ادبي حوالي سان مشهور ضلعي لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ غلام رضا ميمڻ جنھن جو ادبي نالو مخمور رضا آهي سندس پيدائش 2 مارچ 1996ع ۾ ٿي ۽ 2013ع ۾ هن ادبي دنيا ۾ پير پاتو، 20 سالن جي ان ننڍڙي عمر ۽ مختصر عرصي ۾ تمام وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيندي، "ھينئڙي منجھ هڳاءُ" نالي خوبصورت شعري مجموعو "سمبارا پبليڪيشن" طرفان ڇپائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
    موهن جي دڙي جي مٽيءَ سان تعلق هئڻ ڪري مخمور رضا جي شاعري ۾ به اهو هڳاءُ آهي جيڪو ان کان اڳ لاڙڪاڻي جي شاعرن جي شاعريءَ ۾ محسوس ڪيو ويندو رهيو آهي، هن ڪتاب ھينئڙي منجھ هڳاءُ ۾ صرف غزل ئي شامل ڪيا ويا آهن، سندس غزل سادڙن خيالن، خوبصورت تشبيهن ۽ استعارن سان سھڻا، پڪا ۽ پختا آهن، سندس شاعراڻو پنڌ به ڪو ايڏو ڊگهو ناهي جيترو هن جي شاعري پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو، سندس شاعري پڙهندي ڪٿي به اهو محسوس نٿو ڪري سگهجي ته ڪو هي نئون سرجڻھار آهي توڙي جو مخمور رضا مطالعي ۽ مشاهدي جي مرحلي ۾ آهي ۽ شاعري جي هن سفر ۾ سنڌ جي برجستن شاعرن سائين وسيم سومرو ۽ عجب شيخ جي رهنمائي ۽ رهبري به کيس حاصل آهي سينئر شاعرن جي ڇانوَ ۾ هن مختصر عرصي ۾ تمام خوبصورت احساساتي شاعري سرجي آهي، سندس هر تخليق ۾ درد پيڙائون خوشي ۽ ڏک به پسي سگهجن ٿا.
    مخمور رضا جي شاعري ۾ غمگيني ۽ مايوسي جا عڪس به چٽا نظر اچن ٿا پر پوءِ به وڏي دل سان پيار جا خوبصورت احساس به سرجيا آهن، ڪومل بدن کي هوا جي ڇهڻ، ٽهڪن جي خوشبوءِ، بدن بادامي، جواني آرسي جهڙين خوبصورت تشبيهن کي ڪيئن نه خوبصورت لفظن ۾ سمايو اٿس.

    هوا ڪومل بدن تنهنجو! ڇُهي مخمور ٿي وئي آ
    گهٽا اڄ ٽهڪڙا تنهنجا! ٻُڌي مخمور ٿي وئي آ
    گلابي يار! ساڙهيءَ ۾ بدن تنهنجو هي بادامي
    ڏسي چنچل جواني آرسي مخمور ٿي وئي آ.

    ماڻهو هڪ ٻئي کي شڪست ڏيڻ جو سوچيندا آهن مختلف رٿون رٿيندا آهن ته مخالف کي ڪيئن هارائجي، ڪير به ڪنهن جو خير خواهه ڪونھي هر ڪو مطلب جو آهي، ڪهڙي به طرح سان مخالف کي هارائڻ جي ڪوشش هوندي آهي، پر هن نوجوان شاعر مخمور رضا جي هي ڪيڏي عجيب ڪيفيت ۽ انوکو خيال آهي ته پنهنجي تقدير ئي پاڻ کي شڪست ڏيڻ لاءِ داءُ ڳولڻ جي جستجو ۾ آهي.

    مون کي ڏيڻ لئہ شڪست منهنجي ئي
    روز تقدير داءُ ڳولي ٿي.

    سنـــڌ ديس جي ڌرتيءَ سان به سندس محبت جا جلوا "ھينئڙي منجھ هڳاءُ" ۾ پسي سگهجن ٿا، پنهنجي ڌرتي پنهنجي ديس جي چاهت جو جذبو ئي سندس تخليقن کي تاريخي بڻائي ٿو، ديس سان عشق جي انتها سندس هن خيال ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو، ڌرتيءَ جي نقشي کي پاڪ پوتر سمجهڻ ۽ ان ڏانهن ميري نظر ڪندڙ کي ڏوهي قرار ڏيندي ڪيڏي نه دليري ۽ سچائي جو اظھار ڪيو آهي.

    اسان جي سنڌ ڌرتيءَ جي پوتر پاڪ نقشي ڏي
    ڏسي ميرين نگاهن سان چِتائي جو، سو ڏوهي آ.

    لاش ور جو رات شاديءَ جي ڏسي
    لعل جوڙي ۾ وني غمگين آ.

    حساس دل شاعر جي اها خوبي هوندي آهي ته هو ڪنهن به مظلوم سان ٿيل ناحق کي پنھنجي لفظن ۾ بيان ڪندو آهي، مخمور رضا به نئين نويلي ڪنوار جي شاديءَ واري رات سندس گهوٽ، مڙس جي موت واري دردناڪ درد ۽ ان سان ٿيل ويڌن کي ٻن سٽن ۾ دردناڪ احساساتي لفظن ۾ پيش ڪيو آهي.

    سرخ خوابن جي لڳي تعبير پويان
    زندگاني موت جي ويجهو پڳي آ.

    جي قيامت نه آهي ته ڇا هي، خدا!؟
    ٻار معصوم ڪوئي ڪهي آ ويو.

    پيٽ جي نانگ کي هو پالڻ لئہ
    شرم وڪڻي نچڻ لڳي آهي.

    تنهنجو فوٽو لڳايو ڇا ديوار تي
    ڪمرو مخمور بڻجي ويو آ سکي.

    ھينئڙي منجھ هڳاءُ، ۾ مخمور رضا جي شاعري ۾ دردن جو درياءُ وهندو محسوس ٿئي ٿو، سندس شاعري ۾ مشاهداتي عنصر به نمايان آهي ۽ خوبصورت تشبيهون ۽ استعارا به ڏاڍي خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيا آهن، انسان جي خوابي دنيا جا عڪس هجن يا ڪنهن معصوم ٻار جي ناحق قتل جي ڳالھ هجي، پيٽ بکايل مجبور ناري جو درد هجي يا پنهنجي پرينءَ جي محبت جو ذڪر هجي، پر سندس شاعري پڙهندي خيالن جي دنيا ۾ گم ٿيڻ فطري آهي، مخمور جي شاعري هر درد مند دل جي صدا ته آهي ئي پر سندس شاعري ۾ سنڌ وطن ۽ ماروئڙن سان بي پناهه پيار به جهلڪندي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو