لڪيل فائلون ظاهر نه ٿيون ٿين

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ وحيد سمون طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2009۔

  1. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    اڄ ڪلهه هي مسئلو جام آهي ته Show Hidden Files and Folders جو آپشن سليڪٽ ڪرڻ جي باوجود لڪيل فائلون سامهون نه اينديون آهن۔ Folder Option جي View ٽيب ۾ وڃي ڏسنداسين ته جيڪو آپشن اسان سليڪٽ ڪيو هيو اهو سليڪٽ ٿيل نه آهي۔ يعني Show Hidden Files and Foler وارو آپشن جيترا دفعا چاهيو سليڪٽ ڪريو پر اهو لڳندو ئي نه آهي۔
    مختلف وائرس ۽ اسپائي ويئر هن آپشن کي غير فعال ڪري ڇڏيندا آهن۔ اينٽي وائرس هن ڪنهن وائرس کي ختم ته ڪري ڇڏيندا آهن پر انهن جي ڏنل نقصان کي پورو ڪرڻ هنن جي وس جي ڳالهه نه آهي۔
    هن مسئلي جي حل لاءِ توهان کي هڪ ننڍڙي ٽرڪ ڏسي رهيو آهيان سڀ کان پهريان سٽارٽ مينو ۾ وڃو ۽ پوءِ رن پروگرام کوليو هاڻي هتي هيٺيان لفظ لکي انٽر بٽڻ پريس ڪريو
    regsvr32-IMshell32.dll​

    هي فائيل اک ٻوٽ ۾ ري اسٽور ٿي ويندي ۽ Show Hidden Files and Folder وارو آپشن بلڪل صحيح ڪم ڪرڻ لڳندو۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا نالي ڀائي
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا اڌ نالي ڀائي، وحيد تمام سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي، دل کي وڻي وئي، منهجا مٺا ادڙا، اسان آهيون اڌ اکري اسان کي اهڙي ناياب ڄاڻ ڏيڻ جي مهرباني.
    پر مٺڙا ادا، اهو ڪوڊ ڪاپي ڪري پيسٽ ڪيم ته ڪجهه به نه ٿيو. لکجي آيو ته32 Windows cannot find Regserv هاڻي انگريزي پاڻ سمجهون ڪونه، سو هاڻي ٻڌايو ته ڇا ڪريان.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو