ادا منهنجو نالو جميل احمد عباسي آهي ۽ منهنجي پيءُ جو نالو روشن علي آهي منهنجي ذات ڪلهوڙو عباسي آهي. پان تعليم بي ايس سي آهي ڪمپيوٽر ۾ هارڊويئر ۽ سافٽ ويئر جو ڪم تقريبن سٺو ڄائيندو آهين هن وقت مان هڪ پرايويٽ اسڪول ۾ پرنسپال آهيان. اوهان دوست دعا ڪيو ته پنهنجي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جي خدمت ڪريان ۽ سنڌ سلامت وارن سان هر دعا هر گهڙي گڏ رهان. مهرباني. وڌيڪ رابطي لاءِ 03453783298
جواب: تعارف ادا جميل احمد عباسي آخر ڪار توهان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پير ڀري آيو، جنهن جي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي۔ اميد ته توهان کي سنڌ سلامت جو فورم پسند ايندو، ۽ توهان سنڌ سلامت مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪندا رهندوء۔
جواب: تعارف سيتا ننگر جا جميل عرف سهڻا سائين، ڀلي ڪري آيا، هڪ ته تون جميل ٻيو وري عباسي، مطلب ته هڪ سهڻو سلڇڻو سنڌي ماڻهون ۔۔۔ دوست! ڀلي ڪري آيا هن اڱڻ تي ۔۔۔ سنڌ سلامت جي اوطاق جا سڀ دوست سلڇڻا ۽ ڪجهه سکڻ ۽ سيکارڻ تي يقين رکندا آهن، اميد آهي ته اوهان به هن اڱڻ جي دوستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا ۽ ڪجهه سکڻ ۽ سيکارڻ جي بنياد تي اڳتي وڌندا ۔۔۔ نصير چنا صاحب جن جا لک ٿورا جو هو پنهنجي سنگت کي اسان سان ڏيٺ ڪرائي اسانجي سنگت ۾ پڻ سهڻو اضافو ڪري رهيو آهي ۔۔۔ ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔ سڄڻ آيــــــا، ڀلي آيــــــا سهڻن جو سلامي ٿيان
جواب: تعارف پيارا جميل عباسي السلام عليڪم توهان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي قرب جا قدم ڀري آيا لک لائق اسان چنا صاحب جا به ٿورائتا آهيون جو سنڌ سلامت ۾ شامل ٿيڻ جو توهان کي سنيهو ڏنو، اسان سڀ سنڌ سلامت جا ساٿي توهان کي پنهنجي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون۔ توهان جي راين، ۽ توهان جي لکڻين جو شدت سان منتظر رهنداسين هي ڪجهه گُل آهن جيڪي توهان جي آجيان واسطي سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين پاران توهان کي پيش ڪجن ٿا [/CENTER]
جواب: تعارف ادا جميل احمد عباسي۔۔ اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چوان ٿو۔۔۔ اوهان جو تعارف پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي۔۔ اوهان هڪ علم دوست ماڻهو آهيو، ان کان وڌيڪ خوشي جي ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي۔۔؟ نصير چنا صاحب جن جا به تمام ٿورائتا آهيون جيڪي پاڻ ته هڪ فعال ميمبر آهن ئي ، ان سان گڏ ٻين دوستن کي به سنڌ سلامت جي سٿ ۾ شامل ٿيڻ جو سنيهو ڏين پيا۔۔۔
جواب: تعارف جميل صاحب اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي جو توهان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي آيا ۽ اسان کي اميد آهي ته توهان هتان ڀرپور فائدو وٺندا ۽ ڏيندو،،،،
جواب: تعارف جميل صاحب اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي جو توهان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي آيا ۽ اسان کي اميد آهي ته توهان هتان ڀرپور فائدو وٺندا ۽ ڏيندو
جواب: تعارف ڀائڙا جبار جان! جبار رب ستار تنهنجي جان جي حفاظت ڪري، سنڌي ٽوپيءَ سان سلهاڙيل سنڌ جي مستقبل سان ملائڻ جي مهرباني ۔۔۔