رمجھول، جي چنڊ جھڙي شاعري.

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مجيب سنڌي ڪورائي طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2017۔

  1. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    299
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    [​IMG]
    رمجھول، جي چنڊ جھڙي شاعري.

    مجيب سنڌي

    اياز جاني ۽ پنهنجي ٻارڙن کي ارپنا ڪيل ڪتاب رمجھول جديد سنڌي شاعريءَ جي سهڻي شاعر غوث پيرزادي جو خوبصورت شعري مجموعو آهي، جيڪو اياز جاني جي پبلشنگ همرچو طرفان منصور اياز جاني ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو آهي، جنھن ۾ غزل، آزاد نظم، نثري نظم، بيت ۽ ٽيڙو شامل آهن، جنھن جو مهاڳ ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري لکيو آهي، بيڪ ٽائيٽل ڪامريڊ حميده گل لکيو آهي، جڏهن ته مريم مجيدي، سلطانه وقاصي، اياز جاني ۽ اسد مڱڻهار جا خوبصورت تاثرات به شامل آهن.

    جنگ جو اعلان هو يا هئي ڌمال
    رقص ۾ رمجھول هئا ۽ سنڌ هئي.

    غوث جو ھي غزل ڪتاب کان اڳ سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ رهيو، ڪيترن ئي دوستن اعتراض واريو ۽ غوث انهن کي مطمئن ڪيو، جڏهن ته رمجھول لفظ جي معني به هر عام کي سمجھ ۾ ڪونه پئي آئي، جنھن جي معني لاءِ پڻ غوث کي وضاحتون پيش ڪرڻيون پيون آهن.
    شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪندڙ غوث پيرزادو غزل جي صنف ۾ سٺو لکڻ ۾ وڌيڪ ڪامياب ٿيو آهي، سندس غزل ۾ ڪمال جي رواني آهي، مشاهداتي غزل سرجڻ ڪو سولو ڪم ناهي، مشاهدي هيٺ آيل ڳالھ کي غزل جهڙي ڏکي صنف ۾ لکڻ غوث پيرزادو خوب ڄاڻي ٿو، سندس هن شعري مجموعي رمجھول ۾ ڪيترائي غزل اهڙا آهن جن کي پڙهندي ماڻهو حيران ٿيو وڃي ته ڇا هي غوث لکيو آهي، جيڪو طبيعت ۾ تيز، سچو کرو ۽ حساس پڻ آهي.

    رات ساڙيو هو ڊسمبر جي هوائن چنڊ کي
    ڪيترو! اونداھ! ٻاريو هو خزائن چنڊ کي
    ......
    ڀاڪرن جي باک ڳوليندي لٿو هو غار ۾
    روح جي بنواس ۾ ٻوڙيو انائن چنڊ کي.
    ......
    چنڊ جي هن پار مان پهچان ته ڪيئن؟
    اهڙي اوکي راھ تان گذران ته ڪيئن؟
    ......
    چنڊ چڙهي جنهن تي، چمڻ ايندو هيو
    دل ۾ بيٺل سو پپل جو وڻ کپي.
    ......
    سرنهن ڦولار جي سرهاڻ جهڙو هو
    ڏسي هن کي اکين تي چنڊ کڙندو هو.
    ......
    چنڊ ستو هو چنگ ستو هو
    رات اسان سان رنگ ستو هو.
    ......
    چاھ جي چنڊ تي چڙهي او مينڌرا
    ڳاھ جيان ڳاهي ڇڏيو هو آسمان.
    ......
    رات ڪو پاڇو ٻکيو هو چنڊ سان
    جو کلي گهر جي دري ايڏي ڊگهي.

    رمجھول ۾ شامل ڪيترن ئي غزلن ۾ قدرت جي شاهڪار چنڊ کي غوث پيرزادي پنهنجي لفظن ۾ خيالن ۾ تشبيھ طور ڪتب آندو آهي، جن مان ڪجھ شعر نموني طور رکيا آهن، ان کان علاوه به چنڊ جي تشبيھ ڪيترن ئي شعرن ۾ استعمال ڪئي آهي، سندس چنڊ ڏانهن روحاني ڇڪ آهي جيڪا هن جي دل دماغ تي ڇانيل آهي، هن وٽ لفظن جو ذخيرو هجڻ باوجود چنڊ کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ ئي هن جي قدرتي ڏات شاعري ڏانهن ڇڪ جو سبب بڻجي ٿي، چنڊ کي غوث وڏي مهارت سان مختلف روپن، خيالن ۽ تصورن سان شعرن ۾ شامل ڪيو آهي، ان جو مثال مٿي ڪجھ شعرن ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو.
    غوث گذريل ڪيترن ئي سالن کان شهر جي پُر شور ۽ ٿڪائيندڙ ماحول ۾ زندگي گهاري رهيو آهي جتي زندگي جي سفر ۾ هڪ پل لاءِ به سڪون سان ويهي رهڻ تمام گهڻو اوکو آهي ته اهڙي صورتحال کي سامهون رکندي غوث هن شعر ذريعي اظهار ڪيو آهي.

    ڳوٺ! مون کي پنھنجو ٻاروتڻ کپي
    مينهن جي هڳساڻ ۽ سانوڻ کپي.

    اهي بچپن جا ڏينهن، سانوڻ جا مينهن ۽ ڳوٺ جو پرسڪون ماحول، اهي ڏينهن اهي شينهن، هاڻي ناهن ورڻا، جن ڏينهن ۾ زندگي هر جهنجهٽ کان آزاد هئي، اهي ننڍڙيلا جون چلولايون ۽ موج مستيون هاڻي ڪڏهن به ناهن ورڻيون، بس هاڻي ته صرف انهن پرسڪون ۽ موج مستي وارن ڏينهن کي ياد ئي ڪري سگهجي ٿو.
    غوث پيرزادي رمجھول ۾ جيڪي آزاد نظم ۽ نثري نظم شامل ڪيا آهن، اهي به وڻندڙ آهن، سندس نظمن ۾ پڻ گهرو فڪر ۽ خوبصورت خيال جهلڪندي نظر اچن ٿا، سماجي حالتن موجب بهترين موضوع جي چونڊ ۽ ان سان نڀاءُ به خوب ڪري ڄاڻي، عورتن سان ناانصافي ۽ سماجي روين تي ڪجھ هن ريت لکيو اٿس، مثال طور

    آزاد نظم.
    نيڻن مان نيسارن وانگي
    ڇو ٿي نير وهائين ناري
    ڏس ڀلا تون
    ڪيسين سهندينءَ
    پاپ نگر جون چيڀاٽون
    ٻڌ هاڻي توکي اٿڻو پوندو.

    نثري نظم.
    ڏک اهو ناهي ته
    مان تنھنجي نظر مان
    ڪري پيو آهيان
    ڏک ته اهو اٿم
    جو تنھنجي زبان تي ڪاريهر ويٺل ڏٺم.

    رمجھول ۾ غوث پيرزادي بيت ۽ ٽيڙو به اهڙي ريت سرجيا آهن جن ۾ درد ۽ پيڙاءُ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، هي ٻئي صنفون سنڌي ادب ۾ غزل ۽ نظم جي نسبت تمام گهٽ لکيون ويون آهن پر غوث پيرزادي اهي ٻئي صنفون لکي انهن کي ڄڻ ته جيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بيت ۽ ٽيڙو ذريعي به هن پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

    بيت.
    ويچاري جي ڇن، ڪيري وڌي مينهن
    هيل ٿيا هن زهر جيان، اونهاري جا ڏينهن
    اجهي بنا ڪيئن، ڪٽيندو هو ڏينهنڙا.

    ٽيڙو.
    ننڍڙي هئس وهي
    گولي هڻي پيٽ ۾
    شاديءَ رات مئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو