هر روز دنيا ۾ انيڪ رشتا ٺهن ٿا ۽ ڊهن ٿا جهڙوڪ دوست، محبوب، مٽ مائٽ، وغيره وغيره، جي غور سان ڏسجي تہ هر رشتي ۾ ڪنهن نہ ڪنهن قدر ڪجھ مفاد، لالچ ۽ لوڀ شامل هوندي آهي، بنا مفاد توڙي مقصد جي تہ ڪير ڪنهن کي کوکلو سلام بہ ڪونہ ٿو ورائي، اسان پاڻ رشتن جي هڪ اهڙي ڏور ۾ ڦاٿل آهيون جنهن مان پاڻ ڇڏائڻ مشڪل ئي نہ پر ناممڪن آهي، اسان کي اهو واضع نموني سان سمجهڻ گهرجي تہ اسان جي ان ڏور کي اسان جو هر اهو مٽ مائٽ، دوست توڙي محبوب پاڻ ڏي ڇڪي ٿو جنهن جا اسان ۾ ڪنهن قدر مفاد باقي آهن، بس ڪو تہ آهي جيڪو بنا مفاد توڙي لالچ جي هميشه اسان جو ڀلو چاهي ٿي، هر پل هر گهڙي پنهنجو ساه اسان تي نڇاور ڪري ٿي، خدا کان پو۽ اسان جو سڀ کان وڌيڪ خير خواه اسان جي امڙ جنهن کي اسان آئي چئو، امڙ چئو، مدر چئو، موم چئو، يا ڪجھ بہ چئو وري بہ تہ عڪس ان جو ئي ٿو ٺهي جنهن کي دل جيجل چئي مخاطب ٿيندو آهي، لفظ کوکلا ٿي ويندا، لکڻ وارا لکي لکي ڪري ٿڪجي پوندا پر پو۽ بہ سندن هڪ رات جي ڪيل اوجاڳي جي قيمت ادا ڪونہ ڪري سگهندا، قدرت سندس شان، عظمت توڙي محبت کان واقف هئي تڏهن تہ سندس قدمن جي هيٺيان جنت رکي اهو ثابت ڪري ڇڏيائين تہ امڙ کي رنجھ، تڪليف توڙي ايذ۽ ڏئي ڪري ڪوبہ مومن جنت جو حقدار ڪونہ ٿو ٿي سگهي. جيجل اها هستي آهي جنهن جي محبت جا پئمانا پنهنجي اولاد لا۽ هميشه پُر هوندا آهن، سندس اکڙيون هميشه ان اوسيئڙي ۾ هونديون آهن تہ سندس ٻچا ڪي گهڙيون ڪي پل ساڻن ڪچهريون ڪن، ڪي حال احوال ڪن، ڪي دل جون ڳالهيون ڪن، تہ جئين سندن صدين جا ٿَڪ لهن، سندن نيڻ ٺرن، اسان مان اڪثر فرد پنهنجي روشن مستقبل جي يڪا يڪ ڊوڙ ۾ اهو وساري ويهندا آهن تہ سندن هڪ جيجل ماءُ بہ آهي، جنهن سان ڪي مٺا ٻول ٻولي ڪري هو سندس دعا حاصل ڪري سگهن ٿا، پنهنجي محنتن جو حال احوال ان جيجل سان اُوري سگهن ٿا، ڪي ڪي امڙيون بنھ اڻ پڙهيل هوندي بہ چڱيون خاصيون شعور رکندڙ هونديون آهن، دنيا جهان جي کين ڪافي ساري معلومات هوندي آهي، اسان مان اڪثر نوجوان اهو سوچي ڪري پنهنجي جيجل سان ڳالھ ٻول ڪرڻ کان لوائيندا آهن تہ امڙ کي ڪهڙي خبر ؟؟ جنهن هستي اسان کي ڳالهائڻ ٻولڻ، هلڻ توڙي کائڻ سيکاريو، اسان ان هستي جي باري ۾ ان غمان جو شڪار هوندا آهيون تہ امڙ کي ڪهڙي خبر ؟، ڪيڏي نہ بي خبري چئبي، اگر ڪو استاد ڪنهن شاگرد کي الف، ب، ت پڙهائي ڪري ياد ڪرائي ۽ جڏهن اهو شاگرد کي ياد ٿي وڃي ۽ ان کان پو۽ اهو شاگرد ان گمان جو شڪار ٿي وڃي تہ سندس استاد کي ڪهڙي خبر؟؟ مون اهڙا بہ صالح اولاد ڏٺا جن پنهنجن امڙين جي جئيري ڪنهن بہ قسم جي خدمت گذاري ۾ ڪا ڪسر باقي ڪونہ ڇڏي هئي، جن جو رشتو جيجل سان هڪ گهري دوست وارو رشتو هو، جيڪي هڪ ٻي سان ڏک سک توڙي دنيا جا معملات اوريندا هئا، مون سندن ڳاٽ هميشه اُچو ڏٺو، قدرت واري سندن امڙ جي خدمتن جي عيوض کين قسمت ۾ عزت، شان، مان توڙي دولت جا دروازا کولي ڇڏيا، ائين بہ ناهي جو دولت يا وري هي سڀ ڪجھ ايندي هو بدلجي ويا، هو تہ ويتر ان قابل ٿي ويا سندن جيجل جي خدمت گذاري ۾ متان ڪنهن قسم جي ڪا ڪمي نہ رهجي وڃي، هو اڃا ڀڙ ٿيڻ لڳا، مون کي سندن قسمت تي رشڪ ايندو آهي مان اهو اڪثر سوچيندو آهيان تہ جي ڪاش اسان مان هر ڪو فرد پنهنجي جيجل سان سهڻي سلوڪ سان برتاءُ ڪري، ڪم از ڪم هر روز سندس چهري ڏي نهاريندي رڳو صرف مسڪرائي تہ بہ اهو ڪنهن نيڪي کان گهٽ ناهي، شام جو گهر موٽندي صرف امڙ کان ايترو پڇي تہ ” امڙ اوهان ماني کاڌي آهي “ جي کاڌي آهي تہ بهتر جي نہ تہ پو۽ جيجل کي پاڻ سان گڏ ماني کائڻ جي آڇ ڪري، اهڙي نموني کوڙ سارا معملات آهن جن جي ذريعي جيجل جي من کي باغ و بهار ڪري سگجي ٿو، اسين سندن هڪ پل، هڪ گهڙي جو بہ ٿورو نہ ٿا لاهي سگهو پر پنهنجي ننڍڙين عملن ذريعي گهٽ ۾ گهٽ سندن روح کي تسڪين عطا ڪري سگهون ٿا ! يوسف جميل لغاري