آفريڪي انقلابي اڳواڻ نيلسن مينڊيلا جو قول آهي تہ ” غربت خيرات سان نہ، پر انصاف سان ختم ٿيندي آهي“ مان جڏهن بہ هي قول پڙهندو آهيان تہ منهنجي ذهن ۾ انهن اٻوڄھن، لاچارن، مسڪينن ۽ بيوس ماڻهن جون تصويرون نمايا نظر ٿي اينديون آهن جن کي سنڌ گورنمنٽ خيرات جي قابل سمجهي بينظير ڪارڊ عطا ڪيا آهن، هر دفعي گورنمنٽ جڏهن بينظير ڪارڊ ۾ قسط جاري ڪري ٿي تہ انهن ڏينهن ۾ اي ٽي ايم مشينن ۾ غير معمولي رش ٿي ويندي آهي جنهن سبب سر زمين سنڌ جي غريب ۽ اٻوجھ ماڻهن کي انتهائي خوار ۽ ذليل ڪيو ويندو آهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ کين اُس ۾ بيهارڻ کان پو۽ انهن جي آيل قسط عيوض رشوت وٺي ڪري کين اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍي ڏنا ويندا آهن ان سڄي ڪارگزاري کان لاڳاپيل بئنڪ جا ملازم بہ بخوبي واقف هوندا آهن مگر انهي رشوت وٺڻ کي ڪو بہ ناجائز نہ ٿو سمجهي هر ماڻهو خاموش تماشائي بڻيل آهي، مون کي ڪنهن ڪم سانگان پئسا کپن پيا، مون بئنڪ جو رُخ ڪيو تہ جئين اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍرائي پنهنجي ضرورت پوري ڪري سگهان، اي ٽي ايم مشين وٽ پهچڻ مهل مون کي انتهائي رش ڏسڻ وٽا ملي، جنهن ۾ گهڻي تعداد ڪراڙين ۽ ضعيف عورتن جي هئي جن جي ظاهري حالت مان سندن غربت جا چٽا اهڃاڻ نظر اچن پيا، سندن چهرن ۾ پيل گهنج سندن ڏکن، ڏوجرن ۽ فاقن جي واضع عڪاسي ڪري رهيا هئا، ۽ وري ٻي پاسي ڪلهن تي ٽوال، مٿي تي ڦڏي ٽوپي، پراڻي ۽ ڳريل قميص ساڻ انتهائي ڪمزور جسمن وارا ساده شخص نظر آيا جيڪي پنهنجي گهر جي وهنوار هلائڻ خاطر هنن پئسن وٺڻ جي آسري ويٺا هيا، منهنجو دماغ اڃا سالم هيو ۽ مان پريشان يا حيران نہ ٿيو هوس ڇو تہ مونکي خبر هئي تہ اسان جا اٻوجھ ۽ ساده ماڻهو انهن ڌڪن ۽ ٿاٻن جا عادي ٿي چڪا آهن سرڪار کين هر شئي ڌڪن ۽ ٿاٻن ڏيڻ کان پو۽ ئي عطا ڪري ٿي، مان سندن بي وس ۽ لاچار چهرن کي ڏسي رهيو هوس تہ اچانڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو ” ابا مان رن زال آهيان، ايڏو ظلم تہ نہ ڪر “ هڪ ڪراڙي عورت احتجاجن طور اي ٽي ايم مشين ٻاهران بيٺل پوليس واري کي چئي رهي هئي، ” ماسي رش ڏٺي اٿئي نہ، پير رکڻ جي جا۽ ناهي ۽ تنهنجا هي هيڏا سارا ٽي ڪارڊ ڪيش ڪرايا اٿم، في ڪارڊ جو ٻہ سئو ٿا وٺو، تون سان تہ سئو رعايت ڪئي آهي صرف پنج سئو تہ ڪٽيا ٿو “ پوليس واري تلخ لهجي ساڻ پوڙهِي سان ڳالهيندي کيس پوئتي هٽي بيهڻ جو چيو ۽ پاڻ ٻيا ٻہ بينظير ڪارڊ هٿ ۾ ڪري ماڻهن جي ميڙ کي چيرندي اي ٽي ايم جي اندر بيٺل شخص کي ڏنا تہ جئين انهن مان پئسا ڪيش ڪجن، لاچار ۽ بيوس بڻجي ڪراڙي رش کان پري ٿي بيٺي، کيس تہ اها سڌ بہ نہ هئي تہ چند پئيسن عيوض سرڪار ڪراڙپ ۾ کيس ايترا ڌڪا ۽ ٿاٻا کارائيندي، ڇا اهي معمولي پئسا ڪراڙپ ۾ مليل کيس ڇڙٻن جو ازالو ڪري سگهنديون يا سندس اهو لنگڻ لاهي سگهنديون جيڪو هو هنن پئسن وٺڻ جي انتظار ۾ صبح لاڪو ڪاٽي رهي هئي، يوسف جميل لغاري