اسان جي معاشري جو هر فرد يعني استاد، شاگرد، ڊاڪٽر، مريض، آبدار، تپيدار، ڪوث وار، انجنئير، وڪيل ،جج، پوليس وارو، والدين، اولاد، مالڪ، نوڪر، دڪاندار، ريڙهي وارو، ڇولن وارو، پڪوڙن وارو، جوسن وارو، ٿادل وارو، فوٽو ڪاپي وارو، بجلي وارو، سيڌو سامان وارو، نسوار وارو، ڪيبن وارو، چمپل ڳنڊڻ وارو، سائيڪل وارو، موٽر سائيڪل وارو، ڪار وارو، جيپ وارو، ويگو وارو توڙي پنڌ هلڻ واري سميت سڀئي تہ وري ڪي اُس ۾ تہ وري ڪي اي سي ۾ ويهي ڪري بہ فيس بڪ هلائيندا آهن، مطلب تہ اسان جي معاشري جو هر فرد فيس بڪ هلائڻ ڄاڻي چڪو آهي، مون وٽ هر عمر، طبقي ۽ پيشي جا ماڻهو ايڊ آهن، هڪ ڳاله جيڪا سڀني دوستن ۾ مشترڪ طور نظر ايندي آهي، اڄ ان تي ويچار ونڊبا . . . . . مون وٽ تقريبن 1900 دوستن فيس بڪ ۾ ايڊ آهن، جن مان تقريبن هڪ هزار دوست نهايت پڙهيل لکيل ۽ نوڪرين وارا آهن جن کي مان بہ ذاتي طور سڃاڻان ۽ هو بہ مون کي چڱي طرح سڃاڻن. 500 دوست اهڙا هن جن مان ڪجه کي مان نہ سڃاڻان ، ڪجه مون کي نہ سڃاڻن يعني هنن دوستن ۾ سڃاڻپ ۽ واقفڪاري وارو عمل هڪ طرفو آهي. 200 اهڙا دوست آهن جن مون کي پاڻ وٽ يا مون پاڻ کي انهن وٽ ايڊ ڪيو آهي مگر سوا۽ ان ڏينهن کان پو۽ وري مون انهن کي فيس بڪ تي ايڪٽو ڪونہ ڏٺو آهي. باقي آخر جا جيڪي ٻہ سئو دوست آهن اُهي علم ۽ ادب جي دنيا جا ستارا آهن، انهن جي لکڻين، شفاف خيالن ۽ نت نون تخليقي خوبين مون کي ادب ڏانهن ڇڪيو، مان سندن نهايت ئي شڪرگذار آهيان، پاڻ ڳالھ پيا ڪيون مشترڪ عمل جي، سو سڀني دوستن ۾ جيڪو مشترڪ عمل آهي اهو آهي سيلفي شوٽ يا وري صرف پنهنجا فوٽو اپلوڊ ڪرڻ. . . . کائيندي، پئيندي،اُٿندي، ويهندي، گهمندي، ڦرندي، رڳو پنهنجا فوٽو ڪڍي ڪري فيس بڪ تي رکڻ ظاهر ظهور ڪم عقلي جو چٽو ثبوت آهي، اهو قطئي بہ نہ ٿو چئي سگهجي تہ اوهان جو چهرو مبارڪ هر ڪنهن کي پسند هجي. مڃان ٿو ڪنهن حد تائين ڀلي پنهنجا فوٽو اپلوڊ ڪرڻ گهرجن، ڪنهن خاص يادگيري کي محفوظ يا يادگار بنائڻ لا۽ ڀلي انهي کي دوستن سان ونڊ ڪجي باقي اهو ڪٿان جو عقل آهي تہ هر وقت هر حال ۾ رڳو پاڻ وڻائڻ ۽ پاڻ چمڪائڻ خاطر اصلي صفا باه ٻاري ڏجي، اوهان ٿورو سوچيو تہ صحي فيس بڪ استعمال ڪرڻ جو مقصد تہ تعين ڪريو، اسان کي معاشري جي اصلاح ڪرڻي آهي نڪي پاڻ چمڪائڻو يا پاڻ وڻائڻو آهي، مون کي اهي دوست انتهائي عزيز ۽ محبوب آهن جيڪي پنهنجي تخليقي قوتن کي ڪتب آڻيندي هر روز نت نوان خيال ۽ خاڪا پيش ڪن ٿا، پري هوندي هو اسان جي ذهني نشرونما کي وڌائن ٿا، اسان کي ڪجھ سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا، مون کي پنهنجي دوستن جي لسٽ مان اهي ماڻهو بنھ ٺپ بہ پسند ناهن جيڪي صرف جو صرف پنهنجا فوٽو اپلوڊ ڪن ٿا ۽ هر وقت لائيڪ ۽ ڪمنٽس جي پويان لڳا پيا هوندا آهن، مون کان اڪثر دوست سوال ڪندا آهي تہ ” يار تون اسان جي فوٽن کي لائيڪ يا ڪمنٽ نہ ٿو ڪري ڇو ؟؟؟؟ اسان تہ تنهنجي فوٽن کي لائيڪ ڪندا آهيون ۽ ڪمنٽ ڪندا آهيون. . . “ مون جو اڪثر دوستن کي اهو جواب هوندو آهي تہ جڏهن توهان جا پوسٽ ان معيار تي پورا لٿا تہ کين ضرور لائيڪ ڪبو ۽ ڪمنٽ بہ ڪبو.“ يوسف جميل لغاري