آمريڪي رياست اريزونا ۽ سنڌ!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    آمريڪي رياست اريزونا ۽ سنڌ!
    بئريسٽر ضمير گهمرو

    آمريڪي رياست اريزونا ۽ وفاقي سرڪار وچ ۾ تڪرار اهڙي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، جو صدر اوباما اريزونا رياست کي آئين جي خلاف ورزي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. مسئلو ڇا آهي؟ اريزونا رياست جو چوڻ آهي ته وفاقي سرڪار ڌارين جي آبادڪاري واري قانون تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، ان ڪري ڌارين جي آبادڪاري تي ايزونا اسيمبلي قانون پاس ڪيو آهي. قانون جو مقصد اهو آهي ته جڏهن وفاقي سرڪار ڪنهن قانون تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام وڃي ته پوءِ صوبائي اسيمبلي کي ان وفاقي اسم تي قانون سازي ڪرڻ جو اختيار آهي. هن تڪراري قانون کي اريزونا ۾ ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، ايتري تائين جو ٻئي ڌريون طاقت آزمائڻ لاءِ جلسا جلوس ڪري رهيون آهن. پر اريزونا رياست چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڇا به ڪري پر ڌارين جي آبدڪاري تي ڪنٽرول ڪرڻ اريزونا رياست جو حق آهي، ڇو ته وفاقي سرڪار اريزونا رياست ۾ ڌارين جي آبادڪاري واري قانون تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري زور شور سان جاري آهي ۽ لکين برمي، بنگالي، ايراني، افغاني، هندستاني ۽ ٻين ملڪن جا رهاڪو لکن جي تعداد ۾ ڪراچي کي پناهه گاهه بڻائي رهيا آهن، پر سنڌ حڪومت قانون ته ٺهيو، پر وفاقي سرڪار سان ان مسئلي تي ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه آهي. هي هڪ عجب مثال آهي ته اريزونا رياست ته ڌارين جي آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار کي قانون پاس ڪري چئلينج ڇڏيو آهي، پر وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار ٻاهرين ملڪن توڙي اندرونِ ملڪ مان ايندڙ ڌارين جي آبادڪاري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

    1973ع جي آئين موجب آرٽيڪل 15 (پندرهين) ۾ واضح لفظن ۾ لکيل آهي ته ملڪ اندر هڪ صوبي کان ٻئي صوبي ۾ آبادي جي منتقلي لاءِ قانون ٺاهيو ويندو، پر 1973ع کان وٺي پارليامينٽ ۾ ويٺل سنڌ جي ميمبرن نه ته اهڙي گهر ڪئي آهي ته آرٽيڪل 15 هيٺ قانون ٺاهيو وڃي، نه وري سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ سرڪار مرڪز کان اهڙي ڪا گهر ڪئي آهي ته وفاقي سرڪار هڪ ته ٻاهرين ملڪن مان غير قانوني آندل ڌارين خلاف قدم کڻي واپس ڪري ۽ ٻين صوبن کان ايندڙ ماڻهن لاءِ قانون ٺاهي. اهڙي نازڪ ۽ وڏي مسئلي تي سنڌ سرڪار جي چپ ۽ وفاقي سرڪار ۽ پارليامينٽ جي خاموشي سنڌي عوام جي پنهنجي صوبي ۾ دربدر ٿيڻ ۽ پنهنجا وسيلا، نوڪريون توڙي آئيني عهدا ٻين صوبن جي ماڻهن حوالي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ڪا به سرڪار سنڌي عوام جي مسئلن ۽ خواهشن موجب ووٽ وٺي ٿي، پر جيڪڏهن اها صوبي جي هيڏي وڏي مسئلي تي خاموش هجي ته ان کي آئين جي انحرافي ئي ڪوٺي سگهجي ٿو.

    وفاقي سرڪار جا ادارا:
    وفاقي سرڪار شناختي ڪارڊ ٺاهڻ لاءِ ”نادرا“ ۽ ڌارين جي رجسٽريشن لاءِ ”ايرا“ ٻه ادارا قائم ڪيا آهن. ٻنهي ادارن ۾ سنڌ جي عوام کي ڪا به نمائندگي نه آهي، ان ڪري سنڌ ۾ نادرا جون آفيسون ڌارين جا شناختي ڪارڊ ٺاهڻ ۾ ڀڙ ٿي ويون آهن. ايرا بجاءِ جو ڌارين جي آبادگاري جي رجسٽريشن ڪري انهن کي ٻاهر موڪلي، انهن جي رجسٽريشن ذريعي کين قانوني تحفظ ڏئي رهي آهي. اهڙي طرح ايف آءِ اي ٻاهريان ايندڙ ماڻهن جو 1973ع کان اڄ ڏينهن تائين هڪ به جهاز ڀرائي ٻاهر نه موڪليو آهي، توڙي جو ٻين ملڪن مان هزارين ماڻهن کي پاڪستان پئي موڪليو ويو آهي. سنڌ سرڪار اڄ ڏينهن تائين هڪ به اهڙو ڪو آفيسر مقرر نه ڪيو آهي، جيڪو ٻاهرين ماڻهن کي گرفتار ڪري ايف آءِ اي حوالي ڪري، ۽ پوءِ ايف آءِ اي انهن کي پنهنجي پنهنجي ملڪ حوالي ڪري. اسان جي ڪنهن به پارلياماني ميمبر، نه سينيٽ ۽ نه قومي اسيمبلي ۾ اهو سوال اٿاريو آهي ته وفاقي سرڪار 22 سئو ارب رپين جي بجيٽ مان ساڍا ارڙنهن سئو ارب غير ترقياتي مدن ۾ خرچ ڪري رهي آهي ته اها سنڌ سان غير قانوني طور رهندڙ ڌارين کي وطن واپس ڪرڻ لاءِ بجيٽ ۾ ڪيترا پئسا رکيا آهن. هينئر حالت اها آهي، جو بنا روڪ ٽوڪ جي هزارين ڌاريا ايف آءِ اي ۽ ٻين ايجنسين کي هڪ هزار ڊالر ڏئي ڪراچي ۾ داخل ٿي رهيا آهن. سنڌ سرڪار جا عملدار اهڙي حالتِ زار بيان ڪرڻ کان به ڪيٻائي رهيا آهن، ڄڻ سندن چپ چورڻ تي ڪا پابندي پيل هجي. پنهنجي حقن تي به ٻه لفظ واسطيدار ادارن لاءِ نه ڳالهائڻ سنڌ جي مينڊيٽ سان مذاق آهي.
    وري مٿان نادرا ۾ سنڌ سرڪار پنهنجي نمائندي طور ڪنهن ڀڙ ماڻهو کي مقرر ڪرائڻ بجاءِ قيصر بنگالي کي مقرر ڪرايو آهي. هاڻي بنگالي بنگالين جي آبادگاري روڪيندو؟ سنڌ جي جن مک مسئلن تي صوبائي سرڪار جي خاموشي سنڌي عوام کي پنهنجي صوبي ۾ ٿورائي ۾ تبديل ڪرڻ، صوبي جي ڊيموگرافي تي اثرانداز ٿيڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. ملڪ جو ڪهڙو صوبائي گاديءَ جو هنڌ آهي، جتي اهو اصلوڪن ماڻهن کان ڦريو ۽ کسيو ويو آهي ۽ صوبائي سرڪار خاموش هجي؟ ڇا لاهور ۽ پشاور ۾ اهڙي صورتحال ٿئي ته وفاقي سرڪار حرڪت ۾ نه ايندي؟ سنڌ سان اها ويڌن سندن پارلياماني ميمبرن، صوبائي سرڪار ۽ وفاقي سرڪار جي خاموشي جي ڪري آهي.

    صوبائي سرڪار ڇا ڪري سگهي ٿي؟
    صوبائي سرڪار جيڪڏهن اريزونا رياست وانگر ڌارين جي آبادڪاري لاءِ قانون سازي ڪرڻ جي همٿ نٿي رکي ته اها وفاقي سرڪار سان مختلف سطحن تي اهو اشو اٿاري سگهي ٿي ۽ ڌارين جي آبادڪاري لاءِ پوليس ۾ جدا ونگ قائم ڪري سگهي ٿي، جنهن لاءِ کيس آئين ۽ قانون موجب ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. پر بجاءِ اهو ڪرڻ جي اها ڪراچي ۾ سنڌين جي آبادي کي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ به نه داخلا جو حق ڏياري سگهي آهي، ۽ نه وري انهن لاءِ ڪراچي ۾ نوان تعليمي ادارا قائم ڪري سگهي آهي. مثال طور اها فوري طور ڪراچي ۾ ٻه يونيورسٽيون ۽ انيڪ هاسٽلون ٺهرائي سگهي ٿي ته جيئن سنڌي شاگردن کي ڪراچي ۾ متڀيد جي سرشتي کان بچايو وڃي. جساف پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جسقم چيئرمين بشير قريشي جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ بک هڙتالن تي به سندن جونءِ به نه چري آهي.

    صوبائي سرڪار کي سنڌ جي سمورن مسئلن تي آواز اٿارڻ ۽ انهن جو حل پيش ڪرڻ لاءِ مينڊيٽ ڏنو ويو آهي، پر اها شايد اهو ئي سمجهي ٿي ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري وفاقي سرڪار جو مسئلو آهي. کيس شايد خبر نه آهي ته اهو وڏي ۾ وڏو مسئلو سنڌ سرڪار جو آهي ۽ جيڪڏهن وفاقي سرڪار پنهنجي قانون تي عمل ڪرائڻ کان لنوائي رهي آهي يا پارليامينٽ قانون سازي نه ڪري رهي آهي ته صوبي جي عوام جي جذبن جي نمائندگي ڪندي اهڙي مسئلي تي نه صرف وفاقي سرڪار ۽ ان جي ادارن سان هڪ هڪاڻي ڪري پر پنهنجي ادارن کان وفاقي قانون تي عملداريءَ جو ڪم وٺي ۽ جيڪڏهن ان سان به سنڌ جو هي اجگر ۽ اهم اشو حل نٿو ٿئي ته پوءِ اريزونا رياست وانگر صوبائي اسيمبلي ۾ قانون سازي ڪري، ڇو ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار پنهنجي قانون تي هن صوبي جي مفادن ۾ عمل نه ٿي ڪرائي ته پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته اهو وفاقي اسم استعمال نه ٿيڻ ڪري صوبائي دائري ۾ اچي ويو آهي، ڇو ته آئين موجب وفاق کي صوبن ٺاهيو آهي ۽ اهو جيڪڏهن ڪنهن صوبي جي مفادن جو خيال نه ٿو رکي، ته اهڙا اختيار ان کان واپس به وٺي سگهجن ٿا.

    سنڌ ۽ بلوچستان واحد ٻه صوبا آهن، جتي آءِ جي، چيف سيڪريٽري، هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس ٻين صوبن جا ماڻهو ٿين ٿا. ڇا پنجاب ۽ سرحد ۾ اهڙي صورتحال کي تسليم ڪيو ويندو؟ سنڌ جي هاءِ ڪورٽ ۾ 27 ججن مان رڳو ست سنڌي آهن. اهڙي صورتحال لاهور ۾ هجي ها ته هينئر طوفان مچي وڃي ها. پر اسان جو مينڊيٽ اهڙي صورتحال کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ ۽ کليل طور انصاف جي گهر ڪرڻ کان به قاصر آهي ته متان صوبائيت جو الزام لڳي. انهن کي خبر ئي نه آهي ته هي صوبائيت نه، پر مرڪز پاران صوبي جي عوام سان ناانصافي ۽ تعصب آهي. وفاقي ڍانچي ۾ حق گهرڻ تي سنڌ سرڪار جا ڪنهن هٿ ٻڌا آهن؟ ارڙهين ترميم کانپوءِ به صوبي ۾ ٻين صوبن جا آفيسر اهم جڳهيون والاريون ويٺا آهن، ڇا هيءَ آئين جي سنگين ڀڃڪڙي نه آهي، پر صوبائي سرڪار، سنڌ اسيمبلي ۽ اسان جا قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ميمبر سواءِ خالد محمود سومري جي ڪجهه نٿا ڳالهائين، انهن کي اها ئي وينتي آهي ته،
    ”بول که لب آزاد هين تيري!“
    الائي ڇو اقتدار جي ايوانن ۾ وڃي سنڌ جا نمائندا ڌارين سان ٻٽ ٿيو وڃن ۽ صوبي جي اجگر مسئلن تي خاموشي اختيار ڪن ٿا؟ ان صورتحال کي سمجهڻ لاءِ ته هڪ ٻيو مضمون لکڻو پوندو. موجوده صورتحال ۾ جتي ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ ۾ هڙتالون، مظاهرا، سنڌ جي عوام ۾ وڏي پيماني تي ڪاوڙ ۽ غصو موجود آهي، پر ان اشو کي رڳو اهو چوڻ ته اهو وفاق جو اسم آهي ۽ ملڪ ۾ ڪو به شهري هڪ صوبي مان ٻئي صوبي ۾ آباد ٿي سگهي ٿو قانون، آئين، بين الاقوامي معاهدن ۽ صوبي جي عوام جي مرضيءَ جي بنهه خلاف آهي. سنڌ سرڪار جيڪڏهن ان معاملي تي ٿوري به ڦڙتي ڏيکاري ۽ ان مسئلي کي ملڪي سطح تي وائکو ڪري سنڌ جي عوام سان ٿيندڙ ناانصافي کي نروار ڪري ته به جهڙوڪ جس لهڻي، پر قانون، آئين، مينڊيٽ هجڻ باوجود ڄڻ ان جي ڪن تي جونءِ ئي نٿي چري. رهندو ڪابينا ۾ ڌارين کي نمائندگي ڏئي ان ڌاري آبادي واري مسئلي تي سنڌ جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهي آهي.

    سنڌ جي سول سوسائٽي، اديب، دانشور ۽ سياسي پارٽيون به ڪنهن حد تائين انهيءَ مسئلي تي پريشان ته آهن، پر ٺوس اپاءَ وٺڻ لاءِ سنڌ سرڪار تي زور بار وجهڻ، اسيمبلي ميمبرن کي چست ڪرڻ جهڙو ڪم نه ڪري رهيون آهن. هن مسئلي تي جيڪڏهن سنڌ جي سوسائٽي جو پريشر هجي ها ته هوند سنڌ اسيمبليءَ کي اريزونا اسيمبلي وانگر قانونسازي ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ها، ڇو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري اريزونا کان ڪيترا دفعا وڌيڪ ڳرو مسئلو آهي.

    __._,_.___
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: آمريڪي رياست اريزونا ۽ سنڌ!

    سهڻا سائين بلڪل ان ٽاپڪ تي ڪجه وقت اڳ مون پڻ لکيو هو ۽ ڪجه ملڪن جي پوليس پاران اهڙين ڪارواين جو تصويرون پڻ ونڊ ڪيون هيون بيريسٽر صاحب اسان جي دل جي ڳاله ڪئي آهي خاص طور اسين جيڪي پرديس ۾ رهون ٿا انهن حالتن کي پنهنجي اکين سان ڏسون ٿا پوء اتي حسرت ٿيندي آهي ته ڪاش اسان جي ملڪ جا ادارا به اهڙا طاقتور قدم کڻن
    واقعي اسان سول سوسائٽي کي ان ڪم کي پاڻ کي کڻڻو پوندو
    ڇونه اسان سڀ نڪري ميڙاڪا تيز ڪيون ۽ وس وارن تائين پنهنجو اهو پيغام پهچايون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو