پرين پيار پنهنجي ٿي منزل ٿا چاهيون، انهيءَ ڏوھ ۾ قيد ڪڙيون ٿا پايون، جيڪي زر وٺي ذهن وڪڻي ڇڏن ٿا، اسان يار زاهد انهن مان نه آهيون. اسانجي سڏ ۾ آ سڪ سهڻا، وڻئي ته وهواه ڪندو هليو آ، هي دل لڳي آ لڪي نه سگھندي وڻن ۾ واڪا ڪندو هليو آ. جھلي نه سگھبي ڪڏهن جواني، بڻاءِ آزاد زندگاني، لڳا ٿِي جوڀن تي جيل جيڪي، سي ڪوٽ ڪا ڪا ڪندو هليو آ. رُسي ويو ڌرتيءَ کان ڀاڳ آهي، انڌير سارو سماج آهي، سچن کي سيني سان لائي سائين، ٺڳن کي ٺا ٺا ڪندو هليو آ. بُرو مري ڀل بچڻ نه گھُرجي، عذاب اڳتي اچڻ نه گھُرجي، دلين جي دشمن مٿان دڳن ۾، وڏا ڌماڪا ڪندو هليو آ. جي حُسن زنده ضمير ٿيندو، ته عشق زاهد امير ٿيندو، جڏهن به توکي ته جانِي، تڏهن تون ها ها ڪندو هليو آ. آواز : سرمد سنڌي (رحمان مغل) ٻول : زاهد .