سورن جي برسات شيشي جهڙي دل مٿان، سُک آهن ڪنهنجي نصيب ۾ ڪنهنجي رت ۾ رات، عاشق اهڙي ذات، جنهنجي سور سموري زندگي. اي ڪاش! محبت ۾ ڪوئي شل دل جي هٿان مجبور نه ٿئي، ڏينهن رات لبن تي آهي دُعا محبوب ڪنهنجو مغرور نه ٿئي. اهڙا ته مليا آهن صدما مُنهنجي دل مان نڪرن پيا اُڌما، آ سُور ڀلي جا سُور ٿئي، پر سور ڪڏهن ناسور نه ٿئي. جن سور سَٺا تنکي آ خبر، ڪيئن پُرزا پُرزا ٿين ٿا جِگر، دل جهڙي نازڪ شيءَ جيان ڪير شيشي جيان چڪنا چُور نه ٿئي، ساگر شاھ گھاوَ جُدائيءَ جا، ٻيو سور خدا جي خدائيءَ جا، ڏکيو آهي عذاب وڇوڙي جو، ۽ دلبر ڪنهنکان دور نه ٿئي. آواز : مريد عباس ٻول : ساگر شاھ