حويلي کان هاسٽل تائين (خيرالنساء جعفري)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    حويليءَ کان هاسٽل تائين​

    ** خير النساء جعفري **
    ..
    ڇا آءٌ به ڪائي مومل آهيان! جا ڀيڻ کي ڀاڪر ۾ ڀري راڻي جو ويس ڪري اندر جي اُڇل کي آٿت ڏيئي سگهان ٿي؟ ڇا منهنجو جيون! هي جيون به ڪوئي ريڊيو اسٽيشن آهي جو ڇپيل پروگرام جي جاءِ تي باقي ڪوئي به پروگرام ڇيڙي من کي ماٺو ڪري سگهي ٿو! اهي به سوال آهن. جي اڪثر غير مرد جيان منهنجي ذهن کي جسم سمجهي چنبڙي پوندا آهن. ۽ آءٌ پڙهيل ڪيل اُتم زادي کٽولي تي ليٽندي ليٽندي انهن ڌارين مگر خصي ٿيل خيالن مان حامله ٿيندي ٿيندي رهجي ويندي آهيان. ۽ سندم خانداني تقدس واري برتريءَ جو ڀرم ويندي ويندي رهجي ايندو آ. اهو ڀرم جو منهنجو پڦيءَ کان نڀايو نه ٿيو. هن کي .... رهجي ويو ۽ آءٌ .... .... کان رهجي ويندي آهيان. دراصل... رهڻ ۽.... رهجي وڃڻ پنهنجي نوع کان ٻه مختلف جملا سهي پر فرق منجهن فقط ٿوري ڦير جو آ.... جو پل صراط جيان هڪ کي زوريءَ جنت جون چاٻيون مڙهيو دين دنيا ٻنهين ۾ سرخرو ڪيو ڇڏي ۽ ٻئي کي خواريءَ جي کاري سان ڌرم مان ڌڪيو ڌار ڪري... ان ليکي سان جيون کي ڏاگهي جيڏا ڏک ڀائيندي به پُڦيءَ جي مقابلي ۾.... آءٌ پاڻ کي چڱي بخت جو ڀانيان ٿي.
    مڃان ٿي ته مقدس آهي هيءَ حويلي.... جنهن جي اوچين ديوارن تان سج صدين کان لنگهڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڏينهن جو ته هن حويليءَ تان ڪڏهن گذر ٿيو ئي ناهي نه.... هر وقت، هر سو رات ئي رات سان رسڻ پرچڻ ٿيندو رهندو آ. پوءِ جتي ڏينهن اچڻ ڇڏي ڏين. صرف رات ئي رات جو ديرو دکندو رهي، اُتي ناجائز مال ڪيڏو نه اُپائي ۽ نپائي سگهجي ٿو. پر سچ پچ صرف اُپائي ئي سگهجي ٿو، سڌي طرح نپائي هرگز نه.....
    ۽ تڏهن سرخروئيءَ جو وچولو انداز اسان ٻيو به سوچيو هو. پنهنجو خانداني تقدس به روا رهي. ۽ جسم کي جيئڻ لاءِ ٻارڻ به مهيا ٿيندو رهي. جي ٻن مختلف، پر ضروري تقاضائن کي نڀائڻ جو هڪ نئون انداز... سولي ۽ سپتي وجهه سان... تڏهن جڏهن حويلي جا ڪنگر مٿي تمام مٿي تهائين مٿي هجن، ۽ حويليءَ جي ويڙهن ۾ اندر.... تمام اندر تهائين اندر مسندن تي روح کي رانهڻ لاءِ خدمتون خاص انهن جون هجن. جن جو سنڱ صدين کان آذان جي آواز ناتي ’بلاول‘ جي لڇ سان مليل هجي. مسندن تي، شهزادين سمان حاڪم زاديون... پيرانديءَ ڀريل بدن، زنجيري وارن ۽ چنجهي اکين سان حبشي ٻانهيون، پر جن تي روح جا راز، ايڏا جو الائي ڪيتريون بيوس اکيون، ۽ ڀنڀا وار مٿائن واري ڇڏجن، جبريلي جوت آ ڪا سندن ڀڀڪا ڇڏيندڙ بدن ۾... جو هڪ دفعو سيني سان لاهين ته سؤ ورهن جا ڏکڙا لحظي ۾ لهيو وڃن.
    کٽولي جي هيءَ نوار.....
    آلاءِ ڪهڙو محرڪ آهي هن نوار جي نرميءَ ۾ به.... جو هن تي ليٽندي ئي آلاءِ ڪهڙن ڪهڙن ويچارن سان ويڙهجي ويندي آهيان.. آلاءِ ڇو ننگائپ اچي ويندي اٿم، سوچن ۾... مريض بنجي ويندي آهيان مانسڪ جي... هيڏي حويليءَ ۾ آهي ڪا ٻي مون جهڙي ڳهيلي نينگر... ماڻهن ليکي نينگر پڙهي لکي سنجيده ۽ سؤ ڀري ٿي پئي آهي. پر منهنجي هن من ۾ جا پاڻي پت متل آهي ان جا لياڪا ته ڪڏهن ڪو اکين مان به پائي نه سگهيو... اَڙي علم ته انسان کي حالتن سان نڀاه ڪرڻ سيکاريندو آ.. پوءِ مون ڇو حالتن کي ڦيرڻ لاءِ خود حالتن سان ئي ڦيٽ کاڌي هئي؟..... گهڻو وقت اڳي هڪ اهڙي بغاوت تي ڀنڀلجي حويلي ڇڏي هاسٽل کان وڃي نڪتي هئس، نه ته ڪهڙي نينگر نڪتي آهي حويليءَ کان ٻاهر اڄ ڏينهن تائين؟ ڪنهن ڏٺو آ جڳن جي ريت کي ان طرح ريٽجندي؟
    پر شايد هن حويليءَ جي مڪينن جون قسمتون ڪاتب تقدير اتي ئي ڳري مرڻ لاءِ جوڙيون آهن.... تڏهن ته بن بن ڀٽڪي وري اتي ئي اچي پهتي آهيان... اهي ئي پراڻا پيچرا... پهريان ئي دڳ... اهي ئي چگهه اهي ئي لاٽون.
    ڀلا ازل کان ئي جن قسمتن ۾ محبت جي بنواس ۾ ڀڪشوءَ جيان بن بن ڀٽڪڻ لکيل هجي، اهي ڪٿ ٿا هڪ هنڌ گوتم جيان گيان ۾ گهارين... شايد آءٌ به ڀڪشو آهيان. ۽ مون کي به بن بن ڀٽڪڻو ئي آهي.
    پهرين ويڙهه اندر ۾ تڏهن متي هئم، جڏهن ننڍڙي لائي حويليءَ ۾ هرڻ جيان ڇالون ڏيندي سون سريکي پُڦي کي ڏٺو هوم... جنهن جي ٻانهن ۾ ڀڪوڙجي سمهندي سمهندي ڇرڪي پوندي هئس... هوءَ جڏهن چانديءَ جيان چمڪندڙ ٻانهون منهنجي گرد ورائيندي هئي.... تڏهن ڀانءِ ته ڪو سج جو اولڙو آرسيءَ تي لڙي آيو آ هنڌ ۾!..... پر سچ مچ اولڙو ڪونه لٿو هو. واقعي سمورو سج لهي آيو هو. اڱڻ تي جڏهن حويليءَ ۾ منهنجي پُڦي کان دين جي حفاظت ۾ آيل رشتن جي حفاظت نه ٿي سگهي هئي.
    حويليءَ لاءِ عام.... ۽ پڦيءَ کان خاص خدمتن ۾ وقف ٿيل خاص الخاص ٻانهي، چئن سالن جو ٻالڪو ڇڏي پڦي کي پارت ڪري ان ديس سڌاري ويئي..... جت جو ويو... وري ڪڏهن نه وريو.
    ۽ تڏهن سندس خدمتن جي صلي ۾ پڦيءَ ٻالڪي جي نگهداشت جي ذميداري پاڻ تي کنئين... مجنون کي ليلا جو ته ڪتو به پيارو لڳو هو.... هي نيٺ به ته انساني باز هو... جي هو کڻي شيدڪاڻي لڇ مان ته ڇا ٿي پيو... ڏاڍن نازن سان پليو... کن کن باداميون... پل پل پستا کائي.
    پڦيءَ ڪري سڏيو هوس دين جو پٽ.... ديني ديوارن جي حفاظت ۾ پلجندي.... پسون کي نڪا جهل نڪا پل... جهٽ مچي مڙس ٿيو.... ان مان نڪو ڪنهن کي اهنج نه ڪو اوکو.
    پر اوچتو ئي اوچتو...
    سج لهڻ سان قيامت ڇانئجي وئي هر سو... جڏهن حويليءَ ۾ پوري هندستان جي تاريخ ڌوڪجي آئي....
    ملڪ ڪافور جهڙي ڪمانڊر شيديءَ سان شهزادي رضيه جو نياءُ!
    پُٽ مان پُٽ ائين ٿيو جيئن قدرت ڪڻي مان ڪڻون ڪري... ڪيڏا ڪوڪڙا متا هئا.... حويليءَ ۾ تاريخ جي ان ورجاءَ تي... ڪيڏانهن ويون حفاظتي تدبيرون... ڇا ٿيو انسان جي اُتمپڻي جو.... ڪهڙي لهر ۾ لڙي ويا سڀ شاهاڻا سلسلا!!!!
    مڃان ٿي، پڦي منهنجي پوءِ به مقدس هئي.... هوءَ ڪمتر ڪنهن به ريت نه هئي... شري ڪرشنا به ته چيو هو نه ته ’سڀ کان ڪمتر آهي اها عورت جا محض موقعن نه ملڻ جي ڪري پاڪدامن رهجي وڃي‘... سو ان الزام کان بچڻ لاءِ جيڪڏهن پڦي منهنجي بقول ڪرشنا جي ’موهيندڙ مرد کي ڏسي ائين وگهري وئي جيئن سج آڏو ريتانهون پٿر‘ ته ان ۾ پڦيءَ منهنجيءَ جو ڪهڙو ڏوهه؟
    ننڍي لاءِ ڪتابن ۾ هڪ پهاڪو پڙهيو هوم...
    ”ڀلي بک ڀرم جي.... شال نه وڃي شان.“
    محاور ٺاهڻ واري جو تعلق بک سان الاءِ ڪهڙو هو.... جڏهن ته ان بک کي ئي مٽائڻ لاءِ انسان ڌرتيءَ تي آيو.... ۽ جڳن کان جهيڙيندو آيو.... ’شان‘ سان ڍؤ ته صرف خوديءَ جو ٿي ٿيو.... پر هيءُ اندر جي بک به ته ريٽڻي هئي ڪنهن طرح...
    مسئلو جي جسم کي جيارڻ جو ئي هجي.... ته اکين کي ڏسڻ... ڪنن کي ٻڌڻ ۽ جسم کي جيئڻ جي بک کي منهن ڏيڻ لاءِ... ڪنهن ٻلهه جو سهارو وٺڻو ئي پوي ٿو... تڏهن ته ٿوري تي شڪر ڪندي... پاڻ کي پرچائڻ لاءِ..... حويليءَ جي اندر حاڪم زادين کي انهن شيدڻين... ”من وسلويٰ“ جو ڪم ڏنو هو....
    جڏهن آرياڻيون انهن حبشاڻيو کي سيني سان لاهيو مراقبن ۾ مست هونديون هيون... تڏهن منهنجي اسرندڙ ذهن... ننڍا ننڍا ڪتاب هانءُ سان لاهي Sublimation جو نئون طريقو ڳولهيو هو... ان کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ بابي سائين جو ويچاريو هوم.... جنهن جي شڪل سالن کان منهنجي ذهن تان ڌنڌلي ٿي وئي هئي. بابو منهنجو هو سڀ رنگ سانول.... ڏسبو هو ڪڏهن 12-12 مهيني... سو به ان لاءِ ته جنهن هنڌ کان نڪرجي، وري اتي ئي اچڻو پوي ٿو... جو ڌرتي آهي گول. فصل لهندا، بابو ايندو، پوءِ جو کيسا ڀري نڪتو ٻاهر ته 12 مهيني يا نصيب!
    ۽ پوءِ الاءِ ڪيئن ڪيئن جهيڙي، ڪنهن ڪنهن سان جهيڙي، نڪري پئي هئس حويلي مان. علم سکڻ لاءِ چين ته پري رهيو، پر هاسٽل سوڌي ايندي جي صعوبتون هن ساه سٺيون، اها ڳالهه ڪرڻ کان ڳري.
    هاسٽل! منهنجي عملي محبت جي پهرين خواب گاهه!! جنهن کي ساري هانءَ اڄ به ائين هڄيو پويم، جيئن ڪائي اڀاڳڻ، پنهنجي سهاڳ سان سنجوڳ جون پياريون پلڪون ساري.
    سال رکيل هي پراڻا ويچار، اڄ به اهڙا تازا آهن ڄڻ اجهو اجهو هينئر هينئر. يادن جي ممي خاني مان ڇنڊڪو کائي ٻاهر نڪتا هجن. هاسٽل جي پهرين رات! ها، هاسٽل جي پهرين رات....
    سياري جو وڳڙو، ڇوڪريون اندر رومن ۾ جوڙا جوڙا ٿيو، هڪٻئي جي هنڌن ۾ گهڙيون، من مستيون ٿي ڪيون. ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ مذاق ڪندي نيزا کائي ان جا ڇلڪا ٻيءَ کي وهائي ٿي ڪڍيا. ڪا هڪ اڌ اڪيلي ڇوڪري هنڌ يا ڪرسيءَ تي پنهنجي جسم کي ڍرو ڇڏيو ڪنهن وڇڙيل وينجهار جي يادن ۾ گم هئي... ڪيڏو هيسيل ۽ آٻاڻڪو هو منهنجو من. ان ڏينهن، ڏينهن وارن احساسن هيڪاري من کي ڳؤرو ۽ وياڪل بڻائي وڌو هو.
    ان ڏينهن ڪلاسن ۾ به ته ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه آيو هوم. دماغ دٻيل ۽ سمجهه ساڻي ڀانئي هئم. پريشان ٿي ٻاهر هلي آئي هئس. ڪلاس جي... سامهون نظر نهار تائين وڏو وڏو ڦهليل لان. لان تي پري پري تائين پلٿي ماري ويٺل ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون. ڀر ۾ ڪاريڊور جي ٻنڌ تي ويٺل جوڙا. وڏي وڏي چوٽين سان ڇوڪريون.... ڇوڪرا.
    هر سو کل، مذاق ۽ مسخري......
    کليو آسمان... هلڪي روشني... ٿڌي ۽ تازي هوا......
    وايو منڊل اهڙو منڊائتو ڏسي هوائن من کي لڳڻ شروع ڪيو. هوا جي هلڪورن تي هوريان هوريان اندر جي اونهاين ۾ ڪو ستل شڪاري ننڊا کڙا نيڻ کڻي مٿي نهارڻ لڳو. اکين جو دونالي بندوق کڻي سيڌ ۾ آڻي هن سامهون نهاريو.
    پر هي ڇا؟ هر طرف Stricktly Prohibited جو بورڊ!
    اندران ڪنهن مون کي نندڻ شروع ڪيو.
    تون اُتم زادي آهين سلطانه... اندر جي ”آمي“ کي تنهنجي ٻنڌڻن جي ناهي خبر شايد.... ان اندر جي ڪافر کي ڪلمون پڙهائي سمهاري ڇڏ.... هي اڌڪون پلي ڇڏ... ماحول جون هي رسمون توکي روائينديون ڪين... شڪاريءَ جي هٿان بندوق ڇڏائجي ويئي. من ۾ ڪنهن چؤرا کورا جو احساس ڇڏي کنيل نظرون پنهنجو پاڻ ڪري پيون.
    ايڏي مايوسيءَ کان پوءِ به الاءِ ڇو..... ڪنهن جهيڻي ترشنا جو احساس... ڪنهن بيقراريءَ ۽ بيزاريءَ جو داٻو.....
    ذات نيات جو چڪر... جنت جي آڇ... دورخ جو دڙڪو.... سماجي اُتم پڻو پاڻيءَ ۾ ڪنهن پاڇولي جيان ٻڏي تري رهيا هئا.
    ان پهرئين ڏينهن ئي دل انيڪ قسمن جو دٻالٽ محسوس ڪيو هو. جسم ۾ ٽوٽ هئي... روح ۾ ٽوٽ... سرير ڪڏهن سوٽ ڪڏهن ساڻو.
    پاڻ کي سمجهايم: اهڙي جي ڪيفيت رهي من جي ته پڙهيئن سلطانه تون به.... شعلا ته هميشه مشعلن جي ميراث رهيا آهن. تو انهن کي مشعلن مان ڇني پنهنجي شڪتيءَ کي ڇو شعله زار بنايو آ... هي هلڪو هلڪو تؤ.... هي دٻيون دٻيون چڻنگون.... هي ڪتاب، ڪاغذ ساهه سرير درو ديوار سڀ ڄڻ ڪنهن شعلن جي لاٽ مان لنگهي رهيا آهن... تون حاڪم زادي آهين سلطانه... مارئي ته مقدس من سان، آڳ مان لنگهي آڳ کي گلزار بنائي وڌو هو، هي تنهنجو ڪهڙو تقدس آ راڻي جو ٿڌيءَ کي تتي ۽ تتيءَ کي تيلي ڏيو وجهين... ۽ پوءِ الاءِ ڪهڙا ويچار ويڙهي سيڙهي سيرانديءَ رکي، اچي پئجي رهي هئس پلنگ تي.
    ٻاٽ انڌيارن ۾ اندر جي ڀٽن ۾ ڀٽڪندي بتي به ته نه ٻاري هئم روم جي... تڏهن اوچتو ونجهن واري وڏي چوکٽ تان چک هٽڻ جي آواز سان روشني ڦهلڻ جو احساس ٿيو هوم.
    ڪنهن روم ۾ اچي بٽڻ دٻائي روشني ڦهلائي هئي.
    اهڙي ڪليش جي موسم ۾ قدرت آسمان تان من سلويٰ لاٿو هو، تيئن اوچتو رضوانه لٿي هئي آڪاس تان. جنهن بٽڻ سان گڏ من جي ڪا ڪل دٻائي اوچتو روشنيون وکيري ڇڏيون هيون اندر ۾....
    روشني روم ۾ ڦهيليل هئي.... روشني منهنجي روح ۾ به ڦهيليل هئي. رضوانه منهنجي روشنين جي پيامبر، جنهن سان پريت ونڊيندي مون حيات جا الاءِ ڪيترا ڏينهن ساڻس هڪ ڪلاس، هڪ روم ۽ هڪ هنڌ تي گذاريا.
    جيئڻ جا ڪي ٻيا ڏانءُ به ٿيندا هوندا پر مون هڪ ڏانءَ سکيون هو کانئس ۽ سوچيو هوم... ته جيئڻ جو جواز ڪجهه ته ممڪن آهي. جي حياتي ۾ رضوءَ جون وفاداريون ساڻ رهن.... ۽ شايد ان ئي ويلا ڪو ڪاتب تقدير کي به ڪو قلم هيو هٿ ۾. جو تڏهن ته اُتي جو اُتي هڪ رهڙ سان ٻنهين جي انگن کي هڪ ئي ڊنگ سان جڪڙي ڇڏيئين....
    ياد اٿم هوءَ بتي ٻاري اچي منهنجي پيرانديءَ کان بيٺي هئي. چيو هئين: آءٌ تنهنجي روم.. ميٽ رضوانه آهيان. اڄ انگلش پڪچر جو پروگرام ٺهيو هو سو وئي هئس اوڏي. آئنده ڀئي توکي به اڪيلو نه ڇڏبو.“
    هن منهنجي اکين ۾ عجب نظرن سان نهاريو. اکيون نه هيون... پر ڪا ويبسٽر جي ڊڪشنري، جنهن ۾ پيار ۽ اُڪير جا مڙيئي اکر اڪري آيا هئا... پر تڏهن ذهن هوم دٻالٽ... سو اکرن جي اُچارن کي پروڙي ڪانه سگهي هئس. البت ايترو سو سمجهيم ته انهن نظرن پويان ڪي لفظ هئا. انهن لفظن پويان ڪا معنيٰ هئي ۽ ان معنيٰ پويان ڪي مقصد هئا..... جن جي نسبت الاءِ ٻنهين مان ڪنهن هڪ سان وڃيو ٿي ملي. يا ته سندم وجود ئي هو ڪو همدرديءَ جوڳو، جنهن کي هن پيار جي پالوٽ سان جيارڻ ٿي چاهيو. يا ته ذهن ۾ هئس، شام واري انگلش پڪچر جو پرتوؤ..... جنهن کي هن مون تي آزمائڻ ٿي چاهيو....
    مون اکين جا پلر ڇڪي مٿي کڻي ڏانهنس نهاريو... الاءِ پياري هئي ڪن لڳي هئي.... پر ياد اٿم ته من کي ڏاڍي وڻي هئي. ڀريل بدن، سونهري رنگ، چپن تي گهري گهري لپسٽڪ جو ليپ... چپ! بقول ڪنهن جي ”ڪجهه بند ڪجهه کليل شرير چپ.... جي ٻين چپن تي اَچن ته لڳي، ڄڻ خون جي وهڪ ۾ چڻنگون مچي پيون آهن، ڄڻ جذبو وگهري خون ۽ خون وڳري شعلا ۽ شعلا پڄري چميون بنجي ويا هجن.
    ڪيڏي وڻي هئم... ڪيڏي وڻي هئم.... تڏهن ته شايد ان ڀؤ کان ته ڪٿي ايڏو پيار پرڙا هڻي منهنجي اکين مان اُڏري نه وڃي.... اکيون پوري ڇڏيون هئم. هوءَ هراسجي پيرانديءَ ڇڏي اچي سيرانديءَ بيٺي. الائجي هراس هوس ڪن حرامپائي... پر مان بند اکين سان ڪجهه ڏسي ڪانه سگهي هئس. البت ايتري ويجهي قربت سان هن جي لپسٽڪ جي خوشبو منهنجي روح ۾ گهڙي وئي هئي..... هن جا گرم گرم چپ منهنجي سوچن سان سڻڀا ٿي منهنجي ذهن تي ترڪڻ لڳا.... نرم نرم ڳاڙها چپ... بقول بوسفيلڊ ”جن جو گرم گرم لمس جيڪر روح جي زخمن کي ريٽي ڇڏي“... ياد اٿم ته هن منهنجي منهن تي منهن رکي ڪي لفظ چيا.... جي گهري گهري اُماس ۾ اتي ئي گم ٿي ويا. ٻرندڙ بلب هوريان هوريان حواسن تان هٽي ويو... ڄڻ هيڪر وري انڌيرن جي لهر ۾ لڙهندي وڃان..... پر ان لڙهڻ ۾ لئي هئي ڀؤ نه هو.....
    جسم جو جسم سان الجهاءُ، موٽ ۾ روح جي ايڏي سلجهن! پهريون تجربو. ڪائنات جي هن ڪايا ۾ جسم جي رعنائي ايڏي هو شربا!! ٻيو تجربو، سرير ۾ ايڏي سونهن جنهن کي انڌيرن ۾ ڏسي نه پر محسوس ڪري سگهجي ٿو!!! ٽيون تجربو.
    واقعي ملڪه ڪافور ڪي جئي! پهرين ئي وجهه ۾ رات جي ٽن تجربن جن پوءِ جسم جي گاڏي کي اڳيان رڙهڻ لاءِ ڊيزل جو ڪم ڏنو...
    سچ ته هاسٽل جي پهرئين ڏينهن ڪلاس ۾ Theory جيڪي ڏنجهه ڏنا، اوترو ئي رات وارو Practical رانهين ويم روح کي...
    ٻئي ڏينهن ساڳي طرح ڪلاس ۾ تاريخ ۽ جاگرافي پڙهي ٻيڪڙيل دروازن ۾ ان کي پريڪٽيڪل ۾ آڻي ورجائي ڏٺم... پريت کي راند نه البت رضوءَ کي ڀيچي ڪري ضرور ڀانيم... ننڍي هوندي لاشعور ۾ رسيل هئم هڪ حويليءَ جي ريت جنهن کي پرکي ڏٺم هاسٽل ۾. پهرئين ئي ڌڪ جي ٽن تجربن ۾ سمجهي ويس ته علم واقعي ٿيوري آهي، پر صرف علم ٿيوري ناهي. علم جيسين پريڪٽيڪل ناهي تيسين فقط ٿيوري علم ناهي. ڏينهن جي ڪلاس ۾ ٿيوري، رات جو روم ۾ پريڪٽيڪل... راتين پويان راتيون ڏينهن پويان ڏينهن لنگهڻ لڳا هئا...
    منهنجو علم به وڌڻ لڳو هو. پڙهيو هوم. الاءِ ڪيڏي وڏي وسعت آهي ڪائنات ۾. آڪاش تي الاءِ گهڻا وڏا ۽ ڪهڙا ڪهڙا سياره آهن. زهره، شمس، عطارد، سج، چنڊ، ڌرتي... هڪ گول ننڍڙو دائرو آهي. انهن سيارن اڳيان انهن سيارن تان بهي جي هيٺ ڌرتيءَ تي نظر اُڇلبي ته هڪ ٽٻڪو نظر ايندي. پر جي اهو ٽٻڪو اچي وڃي اکين ۾ ته الاءِ ڪيترا گرهه ۽ سيارا واري ڇڏجن مٿانئس...
    رضوءَ کي به ته ٻانهن ۾ ڀري سمجهندي هئس سڄي ڌرتي سموئجي آئي آ منهنجي سرير ۾... هڪ ٽٻڪو، پر الائجي ڪيڏا ور وڪڙ... زاويا اونچايون ۽ گهرايون هيون ان ۾ محسوس ٿيندو هئم منجهس ڪينجهر جو گهريون گهريون گهرايون. ڪارونجهر جيان وس ۾ ايندڙ اوڀاريون... سڻڀا سڻڀا چيڪي مٽيءَ جا ٻيٽ، لسڙيون لسڙيون ترايون...
    ايڏو حسن، ايڏا زاويا ڏسي محسوس ٿيندو هوم پاڻ ۾ هڪ وحشي پر مار... جنهن ان جسم جي ڌرتي کي کنڀڻ ۽ کوئڻ ٿي چاهيو. تر تر پيهڻ ٿي چاهيو، لوئڻ ۽ نچوئڻ ٿي چاهيو تڏهن ته منهنجو سڄو جسم، هٿ ، لب ۽ لمس جاگرافي جي جوڌي جيان هن جي جسم تي جهپٽي پوندا هئا... هن جي جسم جي جاگرافي تي نظر رکي ئي ٿي ته مون کي ڪلاس ۾ ڪڏهن تاريخ ڏکي نه لڳي... سمجهي ويندي هئس اهي سبب جنهن ڪري ڌاريان پرمار ڳڪ جيان لڳڙ ٿي ڇو لڳي پوندا هئا وسندي وستين تي، ڇو ٻاهريان پرمار اچي، پر گهٽ ٿيندا هئا ڪنهن پرٿويءَ تي.
    تڏهن ته تاريخ جي ورجاءُ جيان هاسٽل جي هر رات پاڻ کي ائين ئي ورجائيندي هئي.
    اُڪنڍ ۽ اڪير، ڪير لڪائي ۽ ڪنهن کان لڪائي ٿي سڀني کي ته پروڙ پئجي ويئي اسان جي پريت جي...
    هاسٽلرز کلنديون هيون... ڇيڙينديون هيون اسان کي.
    ”هو اوهان جو... ۽ اوهان هنن جو لباس آهيو.“ ها. واقعي شايد اسان هڪ ٻئي جو لباس آهيون. بقول موهن ڪلپنا، اسين باغ عدن جا فرشتا ناهيون... اسان جي اکين ۾ اهي ڀيد آهن جي لباس جي پويان به جسم ڏسي سگهن ٿا!
    رضو! لاشڪ ته جنهن کي مون حواسن سان ڏسي نه، پر احساس سان محسوس ڪري ڏٺو هو.
    پر لباس جي اندر جسم، جسم جي اندر به ته ڪا جهيڙ ٿي سگهي ٿي، تڏهن ته هو اوهان جو، ۽ اوهين هنن جو لباس آهيو... هو اوهان جو ۽ اوهين هنن جي پناهه آهيو! جهڙا جملا هرو ڀرو ڪنهن عَتاب جيان ڳؤرو ڪري وجهندا هئا من کي...
    رات ڀل کڻي وقتي وندر لاءِ هئي به سَهي، پر ڏينهن به ته اوترو ئي ڏانوڻيو بيٺا هئا ڏکن کي.
    هوريان هوريان رات ٺرڻ سان اندر جا گرم گرم احساس. ڀنڀرڪي جي ماڳ ۾ ڀڄي ڀڄي نستا ٿي پوندا هئا، جي باک ڦٽڻ سان لاش سمان ضمير کي چنبڙي پوندا هئا، جي پينو ٻار جيان ڇڏائي نه ڇڏين الاءِ ڇو ڪي لاشا ضمير کي بيطرح ضربيندا آهن ڪجهه اُجهاڻيل آس جو وڌيڪ احساس ڏياريندا آهن. تڏهن ته سر تي الاءِ ڪهڙا ۽ ڪيڏا بوجهه ڍوئي ڏينهن جو منڌين منڌين اکين سان نهاريندي هئس هر ڪنهن ڏي.
    الاءِ گهڻا دفعا خيال آيو هوم ته پاڻ تان اها ساداتي تقدس جي چادر لاهي ان ۾ ڪنهن ڪفن سمان انهن آزاريندڙ احساسن جا لاشا پوري پري ڦٽو ڪري ڇڏيان زندگي گذاريان هلڪي ڦلڪي ڪنهن رواجي نينگر وانگر... جنهن ۾ واقعي لباس جي عظمت برقرار رهي سگهي... سچ پچ ڪوئي مون لاءِ ۽ ڪنهن لاءِ آئون ڍَڪ بنجي وڃان...
    ڀلا هي احساسن جا بار... شرم عتاب ۽ گهٽتائيءَ جا خيال، ذات نيات جا چڪر، اندر جا اُڌما سڀئي هڪ وقت وارو ڪري مون کي مريض نه بنائي وجهن ها مانسڪ جو...
    مڃان ٿي جا زندگي مون ٿي گذاري نارمل... نه هئي ڪنهن نوع کان انسان جي سماجي جانور آهي... ۽ عقيدتن آسين جي مساوات جا قائل آهيون، ته آئون ڇو باقي سماج کان اتم ڀانيان پاڻ کي... ڪو عام ماڻهو مون تائين رسي نه سگهي... ڪنهن عام تائين رسڻ لاءِ آئون هيٺ لهي نه سگهان... ته ڪٿان رهي ها لائف نارمل.
    تڏهن ته روز صبح جو آرسيءَ تي بيهي پنهنجي نستي ۽ نٻل چهري کي ڏسي اندر ۾ ڪنهن مزيد داٻ ۽ زور جي گهٽنا ڀائيندي آهيان، روز ڪنهن بيوسي ۽ بيقراريءَ جو احساس ويچاريندي آهيان... آرسيءَ آڏو پنهنجي اکين ۾ اکيون پائي اندر پتلين ۾ ويٺل هڪ دالو ٻارڙو ڏسندي آهيان. ۽ پاڻ کي اُن سان ڀيٽيندي آهيان... ڇا چريو هو منهنجو من، ٻالڪي راما جيئن! ڪنهن آرسيءَ کي گود ۾ ڀري ڀانيو هئين چنڊ منهنجن چرنن ۾ اچي ويو آ...
    سچ ته چريو هو منهنجو من... چنڊ ته پري، بنهه پري، پولارن کان پري هو، صرف گود ۾ لهي آيل اولڙي کي ڏسي دلبي ۾ اچي وئي هئس روز روز دلبا! انهن دلبن سان ئي Adjustment!!
    ڪير ٿو چوي ته جيئڻ لاءِ ڪوڙائي صحيح پر جواز ضروري ناهن؟ ڪير ٿو چوي ته حقيقتون جي واقعي کوکليون هجن ته صرف دلبا ڪافي ناهن؟؟
    رضو! منهنجو حالاتن سان compromise جو اُهڃاڻ! منهنجي هم نشين، منهنجي غمگسار.
    جنهن کي آخري دفعو بدلائيندي سندم آڏو صلاح الدين جو هڪ جملو ورجايو هوم رضو، توکان چاهڻ جي تمنا جيتري قدر مون ڪئي آهي، ديوتائن اوتري پاڻ مڃائڻ جي به نه ڪئي هوندي.
    پر انهن آخري ڏينهن ۾ هن تي انهن جملن جو ڪوئي اثر نه ٿيو هو... شايد جن اکين، ۾ پرش جي پريت سمائجي وڃي اُهي اکيون، سڀ اکيون، محمود غزنوي، جون بنجي وينديون آهن، جنهن بت شڪن جو لقب ورتو هو سومناٿ جا الاءِ گهڻا بت ڀڃي- هئي نه پنهنجي اندرئين پرمار جي اَنا جي تسڪين، نه ته هن جي پنهنجي ساه ۾ ڪي سومناٿ ڪين سانڀيل هوندا ڇا؟...
    ها ته، ڌرتي جو سڀ کان اهم قضيو اهو هو جنهن جو ذڪر الاءِ ڇو قرآن ۾ نه آيو ته... رضوءَ مون کان اکيون بدليون هيون، هن جي اکين ۾ ڪنهن مرد جي محبت سمائي هئي.
    هجان ها آئون به ڪو مرد ته، جيڪر عمر جيان چاڙهي وڃانس ها ڪرهي تي ڪڏهوڪو، پر، هاءِ ڙي هي عورت پڻو! 40 دفعه مرد کان مضبوط احساس هوندي به ڪلها هئم ڪمزور... ۽ مٿان ٽريجڊي اها ته رضو واقعي پنهنجو اکيون بدليون هيون، هوءَ بيرخي برتڻ لڳي هئي مون سان.
    مَن وديا وارن جو چوڻ آهي، ته جي حساس ماڻهو کي درگذر ڪبو ته هو پنهنجي عمر کان ڏهه سال اڳي ئي درگور ٿي ويندو، ڀلا جي من جو مسيحائي اکيون ڦيري وجهي ته ڪنهن کان پڄندو، ۽ ڪير چاهيندو جيئڻ، ڪٿ رهنديون حيات جون باقي رنگينيون ۽ ڪنهن کان پڄندو کائڻ ۽ کوئڻ، حيات جي هر شيءِ تڇ نه لڳندي من کي؟ جڏهن ته ڪپڙن مان نرمي، کاڌي مان گرمي ۽ کل مان شوخي ئي نڪري وڃي.
    تڏهن موت کي برحق ڄاڻي، قسطن ۾ قبولڻ جو فيصلو ڪيو هوم... هوريان هوريان... آهسته آهسته، آه در آه، هاسٽلرز مون کي ڏسي سسڪا هڻنديون هيون.
    ”رضوان اڄڪلهه Part III واري عاصم سان Attach... ٻڌو آ هن ساڻ جهٽ شادي به پئي ڪري.“
    ”ڀئي هوئن به روشني وکيرڻ لاءِ ضروري آ ته Positive ڪرنٽ کي Negative سان لڳائجي... اگر سائين ٻه ڪرنٽ ٿيا هڪ جهڙا ته نتيجو آهي فيوز!“
    ”رضو اڄ ڪلهه روشنين ۾ آ...“
    ”سلطانه ويچاريءَ جو ته فيوز ئي فِش!“
    اهڙا ريمارڪس ٻڌي ڪيڏي شدت سان احساس ٿيندو هوم پنهنجي زندگيءَ جي بيڪاري جو... ڄڻ زندگي نه هئي ڪو رڱيل رئو هئي. جنهن کي ڪنهن پاڻي مان ڪڍي اُس ۾ ڦهلائي ڇڏيو هجي، جا بجا اَڏريل رنگ... داغ... ڊاٽ ڦٽ.
    اڙي سلطانه... تون سماج ۾ ايڏو اوچو مقام رکين ٿي ڳهيلي، اُن جي زندگي ته ڪنهن ثقيل ڪتاب ۾ ڪنهن اهم سيٽ سمان به ناهي جنهن کي کڻي انڊر لائين ئي ڪري سگهجي.
    انهن احساسن ئي ڏنجايو هوم جو هر شيءِ تياڳي وڃي پئجي رهي هئس پلنگ تي، ڪنهن اڪيلائي ۽ اُٻاڻڪائي جي شدت سان، ياد ٿم هوءَ شروع شروع ۾ ٿورو گهڻو پڇندي به هئي، خيال رکندي به هئي، پر پوءِ...
    هڪ لڱان ائين ئي هيڊ هاريل منهن سان ٻاهر آڳر ۾ پئي هئس ته هن ٻاهران گيٽ مان مرڪندي اندر نهاريو هو... مون تي اوچتو نظر پيس ته جهٽ منهن تي سنجيدگي طاري ڪري پڇيو هئين ”اڙي تو اڄ به ٻنپهرن جي ماني نه کاڌي! مان ٿورو ٻاهر هلي وئي هئس، ڀلا هينئر بک اٿئي؟ چيم ”ها. بک اٿم ته سهي رضو.“ الاءِ ڇو من ڪنهن ڦوڪيل ڦوڪڻي جيان ڦسي پيو... ڳوڙهن جو لڙيون ڳلن کي لڳي ويون. ”جي اهي ئي آزار بخشڻا هئي، رضو ته ڳنڍيو ڇو هئي... ڇا ڇنڻ لاءِ؟“ هن سنجيدگيءَ سان چيو ”آئون نه ته ڪا ٻي سهي، تون ڀل ڀيچي بدلائي ڇڏ...“
    ”مون کي تنهنجي همدردي ۽ ڌيان جي ضرورت آهي رضو... ڪنهن ڀيچيءَ جي نه، هيءَ هيڏي ساري پريت ڪا راند ته نه هئي رضو؟“
    وراڻيئين: ”هي پريت محض تنهنجي ذهن جي اختراع آهي ورنه هر جاندار سڌي يا اڻ سڌي طرح پنهنجي ئي ضرورتن جو محتاج آهي.“ ”منهنجي ضرورت تون، ۽ آئون تنهنجي محتاج آهيان رضو“ مون چيو. چوڻ لڳي ”هو آئيدن جو نظريو نه پڙهيو ٿئي ته هر جاندار پنهنجي ئي ضرورتن جو محتاج آهي، ايتريقدر جو ڪڪڙو جو آرو به ممتا جي ڪشش ناهي، پر محض مسلسل آنن لاهڻ ڪري مڪاني سوزش ۽ سوڄ کي ٺارڻ جو طريقو آهي.“ خبر ٿئي سلطانه هن مرڪي مزيد وار ڪيو ثبوت ثابت ڪرڻ لاءِ هن نَر ڪڪڙ کي پڇيءَ تي ڪارا مرچ هڻي آري تي جو ويهاريو ته هن بنهه ماديءَ جون سڪون لاٿيون هيون...
    اهو ٻڌڻ کان پوءِ قيامت جو ڏينهن ٻيو ڪهڙو هو. مون کي خبر نه هئي...
    ’بس‘ هاڻ ته ناڪار جو ڪوبه پاسو نه آهي، جي مصداق هن آڏو ليلائڻ ڇڏي ڏو هوم... هن کي حالتن جي وس ۽ پاڻ کي قسمت جي وس سمجهي پنهنجن چپن تي خاموشيءَ جي مهر هڻي ڇڏي هئم... هن ته پاڻ تان ڏوهه لاهي سڀ ڏوهه ڏنو هو منهنجي ڪٽنب ۽ ڪيڙ کي... پر مون سڀ پنهنجي ڪرم کان ڪري ڀانيو هو. چپ کانسواءِ ڪو ٻيو چارو نه ڏسي ئي ته چپ ٿي وئي هئس... هڪ دفعو نرجي ٿي پڇيومانس اڄ هيڏي دير ڪاڏي وئي هئين رضو؟ چيو هئين ”walk تي...“ ”ڪو وقت هو جڏهن مون کان سواءِ walk ۾ مزو نه ايندو هئي... هاڻي شايد اچيئي ٿو...“
    چئين ”اخلاقاً نه اچڻ کپي، پر اصولن اچي ٿو. ۽ سچ مچ اچي ٿو.. خبر ٿئي نه سلطانه... منهنجي شادي جي ڊيٽ Fix ٿي وئي آهي.“ ”تو ڪڏهن ٻڌايو ئي ڪونه...“ مون ڳالهه ٽاريندي چيو. پر هن جملو جاري رکيو. ”سچ سلطانه... Opposite sex جو فيور وٺي ڏس اهڙي تازگي ٿي اچي وڃي طبيعت ۾... جڏهن عاصم صرف تعريفي ئي نگاهن سان مان ڏي نهاريندو آ... ته محسوس ٿيندو ٿم. مان، مان ناهيان بلڪه مادام ڪيوري آهيان ۽ اجهو، اجهو ڪنهن 10 لکن جي چيڪ تي صحيح ڪري آئي آهيان... ايڏو اعتماد، ايڏو حوصلو ڀرجي ايندو اٿم پاڻ ۾، ڄڻ زندگي جو هر ليکو سولو ٿي پيو هجي... سچ سلطانه جيڪو Security جو احساس ۽ تحفظ جو خيال هڪ سٺي ساٿي مان ٿو ملي... اهڙي امان ۽ اهڙي پناهه ٻي ڪٿي؟ تون به انهن جُوٺي نيائن مان ڪڍي ڇڏ پاڻ کي. پنهنجي شخصيت کي سنوارڻ لاءِ ڪنهن مضبوط سهاري جي آڏ وٺ، جنهنجو هٿ تنهنجي هٿ ۾ اعتماد جي لهر آڻي ڇڏي، حيات ۾ نياءُ جو اهوئي سلسلو سڀاويڪ آ... باقي ان نوع جو هر فرضي پيار Perverted آ... جو وقتي وهنوار جي وندر ته ٿي سگهي ٿو پر من کي ڌوتل پوتل ڪپڙي جيان پوتر نٿو بنائي. آ سڀاويڪ پريمن ۾ رکيو ئي ڇاهي، رڳو پڃ ۽ پاپ، پڇتاءُ ۽ پيڙا! پاڻ کي انهن اٽڪائن مان آزاد ڪر... ان Deception مان ڪڍي وٺ... آزاد ڪر پاڻ کي سچ سلطانه آزاد ڪر...“
    ”هيئن ڪرڻ گهرجي“ ۽ ”هونئن ڪرڻ گهرجي“ جي فارمولا تي جيڪر هلڻ ممڪن هجي ها ته زندگي کي آلجبرا جي فارمولا پٽاندر ڪاٽوءَ کي ڪاٽوءَ سان جوڙي ”جوڙ“ نه بنائي سگهجي ها، جيون ڪمپيوٽر جيان رڳو منافعي جو ڪارڊ نه پاسيرا ڪندو وڃي ها، پر هتي ته ڳالهه ئي Taboos جي سفر ۾ ڀٽڪيل اُن مسافر جي، جنهن جي هٿن ۾ هئا رڳو ڪاٽوءَ جا نشان، پوءِ اهي مسافر جن جي منزل جو ڪو خاص تعين نه هجي، پيار جي هر ننڍڙي ننڍڙي اسٽيشن تي پنهنجي ساهه جو سمورو سامان لپيٽي هيٺ لهي پوندا آهن... اهو ڄاڻندي به ته اسٽيشن غلط ۽ بيحد فاني آهي.
    آءٌ به بن بن ڀٽڪيل مسافر هئس، پيار جي آسري ڪنهن غلط اسٽيشن تي لهي پئي هئس...
    ڪنهن چيو جا ٿاڪ ٿوهر جيان ڪنڊا ڏي اوهان کي، اهو هنڌ ئي ڇڏي هليا وڃو.
    ان کان پهرين جو رضو شاديءَ جي لمبي موڪل تي هتان هلي وڃي ڇو نه آءٌ اهي ماڳ مٽي وڃان، تڏهن اٿي هوريان هوريان نستي بدن ۽ جهريل جيءَ سان ميز تان ڪتاب ۽ ڪٻٽ مان ڪپڙا ڪڍيا هئم... سڀ ليکا چوکا لاهي سامان پيتين ۾ ۽ الاءِ ڪيڏا سور سيني ۾ سموهي آخري وار رضوءَ کان موڪلائڻ وئي هئس...
    چيو مانس، ”آئون وڃان پئي رضو.“ پڇيو هئين ”ڪيڏانهن؟“
    ڏنج وچان وراڻيومانس ”پنهنجي پراڻي حويليءَ ڏانهن... اسين جتان آيا آهيون... اسان کي واپس اتي موٽي اچڻو آ...“
    اڄ هن حويليءَ ۾ آئي ڪي سال ٿيا... حويلي! منهنجو اصلي مسڪن منهنجي پراڻي پناهه گاهه، جنهنجي مقدس ڪنگرن تان سج ڪڏهوڪو لنگهڻ ڇڏي ڏنو آ... رات ويلا بين آرياڻين جيان ڪنهن بلاؤز کي ڀاڪر ۾ ڀري زندگي پئراميشم جيان پنهنجي ئي وجود جهڙي حصي سان لئي ۾ اچي لڙهڻ لڳندي آهي... روز جيان جسم سان جسم جي ٽڪراءُ سان احساس گرم ٿي ويندا آهن، عام ماڻهو جيان منهنجا به لنئوڻا تپندا ۽ رڳون تاڻجي وينديون آهن. انڌيرن جي خوف کان... ڪن بستري جي ڀَوَ کان سماج، اُتم پڻو ۽ ساداتي تقدس سڀ ساٿ ڇڏي پري هليا ويندا آهن، هوريان هوريان هميشه رات جي پوئين ڄڀي جي ماڪ ۾ اهي احساس ڀڄي ڀڄي نستا ٿي پوند اآهن... باک ڦٽڻ سان اهي نستا احساس لاشن سمان منهنجي ضمير کي ضربون هڻڻ شروع ڪندا آهن... اهو ئي ڪنهن اڻ ڏٺي پاپ ۽ پيڙا جو احساس! ڪنهن پڃ ۽ پڇتاءُ جي ڀوڳنا!!
    ڪنهن ڪاتب تقدير کان ڪا شڪايت نه آهي، شايد اهو ئي اسان جو در ڀاڳ آهي... پر ڪڏهن ڪڏهن ويچارن جي ويرن ۾ لڙهندي لڙهندي اڪثر پاڻ کان پڇيو اٿم ”ڇا آءٌ به ڪائي مومل آهيان، جا ڀيڻ کي ڀاڪر ۾ ڀري راڻي جو ويس ڪري اندر جي اُڇل کي اُٿت ڏيئي سگهان ٿي؟ ڇا منهنجو جيون هي جيون به ڪوئي ريڊيو اسٽيشن آهي جو ڇپيل پروگرام جي جاءِ تي ڪوئي به پروگرام ڇيڙي من کي ماٺو ڪري سگهي ٿو؟؟
    اهي ٻه سوال آهن جي غير مرد جيان اڪثر منهنجي ذهن کي جسم سمجهي...
     
    سليمان وساڻ ۽ حميده ميربحر هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو