مجيب سنڌي خوبصورت شاعر منور ملاح کپرو شھر کان اولھ طرف نارا ڪئنال جي ڪپ تي ڳوٺ ساجن ملاح جي زرخيز ۽ سرسبز سرزمين ۾ هڪ پورهيت مهاڻي ٽلندو خان ملاح جي ڪکائين گهر ۾ 5 جنوري 1980ع جي سرد موسم ۾ جنم ورتو، پورهيت جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻار جو نالو منور علي رکيو ويو، منور ٻالڪپڻ کان غربت واري زندگي گهاري آهي، سندس ٻالڪپڻ پورهيت پيءُ سان گڏ مکي ڍنڍ سانگهڙ ۾ مڇي ماريندي گذريو، ان دوران ئي سندس والده کيس پڙھڻ لئه ناناڻي گھر کپرو ۾ ڇڏيو جتي ھن پرائمري جا پنج درجا پاس ڪيا سندس والد مڇي جو ڪم ڇڏي کپرو ۾ هڪ زميندار وٽ ھارپو شروع ڪيو، وڌيڪ تعليم لئه پاڻ اسڪول جي وقت کان پوء والد سان زمين جي ڪم ۾ ھٿ وڊائيندو رهيو ۽ اھو سلسلو ميٽرڪ تائين جاري رهندو آيو، ميٽرڪ اسلاميه هاءِ اسڪول ۽ گورنمينٽ ڪاليج کپرو مان بي اي جي تعليم حاصل ڪئي، غربت سبب ان کان اڳتي تعليم حاصل نه ڪري سگهيو ۽ هڪ دڪان تي نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي ته والد کان هارپي جو ڪم ڇڏائي کيس گهر ويهاري ڇڏيو، سندس والده رات ڏينھن توريون ٺاھي ھٿ جو پورھيو ڪري گھر جي خرچ ۾ ھٿ ونڊايو، ننڍي ھوندي کان سندس گھرجي ذميواري وڌي وئي ھئي کيس ڇھ ڀينرن ۽ ٻن ڀائرن کي به پڙھائڻو ھو انھن جي خوشين لئه پنھنجي خواهشن ۽ تمنائن کي ھڪ پاسي ڪري ڇڏيائين، کيس ضعيف والد جي ذاتي خرچ جو به خيال رکڻو پوندو ھو سندس لئه وڏو درد اھو به رهيو ته ڀينرن جون برادري ۾ شاديون نھايت غربت جھڙيون رھيون سندس ڀينرن جا اداس چھرا کيس اڄ تائين جھوريندا رھن ٿا انھن جي پنھنجي وس آھر اڄ به مدد ته ڪندو رهي ٿو پر ڀينرن جي تعليم کان وٺي سندس شادي تائين سندس حيثيت کان خرچ وڌيڪ اچي چڪو ھو پر سندس چھري تي ساڳي توڪل رهي. مختلف جاين تي انٽرويو ڏيڻ باوجود گورنمينٽ نوڪري نه ملڻ سندس قسمت جو عجيب تماشو آھي ان احساس جي اندر زخمي ٿيل وجود کي لڪائي پنھنجن لئه جي رھيو آھي سندس ڪمال اھو آھي ته پاڻ مرڪي سڀ جي عزت ڪري ٿو، سندس ارادن ۾ پختڳي سندس والده جي حوصلي جي جلا آھي پاڻ صبر جي دامن کي وڏي جرئت سان جھليو آھي سندس لکڻ سان وڏو عشق آھي ڇو ته سندس چوڻ مطابق اھو لکڻ ئي منھنجي اڪيلائي جو جياپو آھي. منور ملاح اهڙي بي حس سماج ۾ زندگي گهاري رهيو آهي جتي سماجي اڻ برابري آهي، جتي جيئڻ لاءِ ڪروڌ ڀريل زندگي آهي ۽ زندگي جي هر موڙ تي ناڪاميون آهن، جتي ڪا به خواهش پوري نٿي ٿي سگهي، هر پل هر قدم بس صرف درد ئي درد آهن، احساس محرومي ۾ جڪڙيل زندگي آهي جتي پيار اڻ لڀ آهي، هر پل جستجو ته ڪاميابي جي آهي پر ناڪامي پلئه پئي ٿي ۽ پيار ۾ ناڪامي سبب هن جو اندر جهريل آهي. منور ملاح ننڍڙي عمر ۾ انهن اذيتن مان گذرڻ سبب خاص ڪري پيار ۾ ناڪامي ڏسڻ کانپوءِ ڪجھ وقت اڪيلائي پسند ٿي پيو ۽ اڪيلائي سبب هن جي اندر مان هڪ شاعر جنم ورتو ۽ سندس اندر مان شاعري ٿوهر جيان ڦٽي نڪتي، پنهنجي منهن ڪچي پر سچي شاعري لکڻ شروع ڪيائين، ڪجھ وقت تائين ائين ئي شاعري سرجيندو رهيو ۽ جيڪو اڳتي هلي هلندڙ ٽھي جو خوبصورت شاعر ٿي اڀريو ۽ ادبي دنيا ۾ منور ملاح نالي سان پنهنجا پير پختا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، منور ملاح باقاعدي لکڻ جي شروعات 2000ع کان ڪئي جنهن ۾ وسيم سومرو، خاڪي جاني ۽ هدايت ڏيپر جي کيس رهنمائي ۽ رهبري حاصل رهي، هن وقت منور ملاح جو شمار نئين ٽھي جي سيبتن شاعرن ۾ ٿي رهيو آهي. ان کان اڳ گورنمينٽ اسلاميه ھاء اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استاد نبي بخش جماڻي ۽ اعظم آزاد ملاح سان ملڻ کانپوءِ انهن جي ھمٿائڻ سبب سندس دل ۾ ادبي حوالي سان جذبو جاڳيو، ڪجھ وقت فنڪارن کان گيت ڳارائڻ جو شوق به رکيائين پر اھو سلسلو گھڻو جٽاءُ نه ڪري سگھيو ۽ پوءِ به ڪجھ نه ڪجھ لکندو رهيو، جنهن کان بعد ادبي رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيائين جن ۾ سوجھرو، مهراڻ، امرتا، ڪاوش ميگزين، پرک، ادب، عبرت مئگزين، ھزارداستان شامل آهن، انهن رسالن ۾ سندس شاعري ڇپجڻ لڳي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ شاعر جي حيثيت سان سڃاڻپ پيدا ڪيائين، سندس شاعري سان عشق ۽ رڳ رڳ ۾ فطرت شامل هئڻ ڪري هي سٺن شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ان دوران ئي 19922ع ۾ هن جي ادبي سنگت سان وابستگي قائم ٿي ۽ سندس ڪاروباري ڪميٽي ميمبر جي حيثيت ۾ فرائض سرانجام ڏنائين، س،ا،س کپرو ڏھ سال احسن طريقي سان هلي، جيڪا ڪجھ ذاتي،انا ۽ گروپ بندي جي ڪري ناڪام رھي آخري سال 2000ع تائين. سترنھن سالن جي وڇوٽي کان پوءِ کپرو جي نوجوان ادبي دوستن جي ساٿ سان سنڌي ادبي سنگت کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کپرو ۾ س،ا،س جو بنياد وڌو ۽ تمام سھڻي طريقي سان سوشل ميڊيا، اليڪٽرنڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا جو سهارو وٺندي ادبي سرگرميون شروع ڪيون پر تازو مرڪز جي غلط رويئي جي ڪري اھو س،ا،س،جو کاتو بند ڪري، سورھيه ادبي سنگت کپرو جو بنياد وڌو. منور ملاح جي ادبي دوستن ۾ وسيم سومرو، ايوب کوسو، خاڪي جاني، هدايت ڏيپر، ساحر راهو، رزاق عاصي، اياز عمراڻي، رفيق سيال، حاجي شاد راڄڙ، نويد چاچڙ، مجيب سنڌي، مختيار سهتو، عجب شيخ، مسافر رفيق رند، غلام آدرش، مخمور رضا، راجا رشيد، وفا فضلاڻي، فقير عباس، بيتاب مير حسن، سهڻو لاشاري ۽ ٻيا به ڪيترائي دوست شامل آهن جن سان منور جو روح جو رشتو آهي. منور ملاح سان منهنجي پهرين ملاقات نويد چاچڙ ڪرائي جيڪو گهوٽڪي کان مون وٽ دوڙ آيو ۽ اسان گڏجي منور ملاح سان ملڻ کپري پهتاسين، منور جو پيار ڪڏهن به وسارڻ جهڙو ناهي، سندس شاعراڻي طبيعت من موهيندڙ آهي، پهرين ملاقات ۾ ئي پنهنجائپ محسوس ٿي ۽ ان وقت کان اڄ تائين منور سان ڀائرن جهڙو ناتو جڙيل آهي. منور ملاح هلندڙ ٽھي جو سيبتو شاعر ته آهي ئي پر ان سان گڏ هڪ بهترين نثر نگار به آهي، سندس شاعري جيان نثر به ڪمال جو آهي جنهن کي پڙهندي ڪڏهن به بوريت محسوس نٿي ٿئي، دعا آهي ته الله پاڪ سندس قلم اڃان وڌيڪ سگھ بخشي ته جيئن ٻولي جي جهول خوبصورت تخليقن سان ڀريندو رهي.