جنوري ۾ جون ڳوليندڙ مفتون ڪورائي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مجيب سنڌي ڪورائي طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2017۔

  1. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    299
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    [​IMG]
    جنوري ۾ جون ڳوليندڙ مفتون ڪورائي

    مجيب سنڌي

    جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيترائي اهم نالا آهن جيڪي جدت سان ڀرپور شاعري سرجي رهيا آهن، غزل جهڙي اهم صنف ۾ جديد غزل لکندڙ ڪي ٿورڙا ئي نالا آهن، انهن ۾ دوڙ، نواب شاھ سان تعلق رکندڙ ميرپور ماٿيلو واسي جديد سنڌي شاعريءَ جي خوبصورت شاعر مفتون ڪورائي جو نالو به سرفهرست آهي، جنھن جو ڪتاب "رنيون ڪھڪشائون" پهريون بهترين شعري مجموعو آهي، جنھن ۾ سندس ڪيترائي شاهڪار غزل شامل آهن ۽ هي شعري مجموعو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏهرڪي طرفان 2006ع ۾ ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو، جنھن ۾ تاج جويو، آسي زميني، وسيم سومرو، ممتاز بخاري، عبدالغفور سومرو، محمد عظيم مخمور، سريچند منڌاڻ، تعبير سومرو، صادق حسين راجپوت، فدا ملڪ، پريم پتافي ۽ جميل سومرو جا شاعر ۽ شاعري بابت خوبصورت رايا شامل آهن.

    مفتون ڪورائي رشتي ۾ منهنجو پڦاٽ آهي پر هو منهنجو رهنما به آهي ۽ دوست به آهي، جنھن سان دوڙ ۽ ڳوٺ ۾ اڪثر ملاقات ۽ ڪچهري ٿيندي رهي ٿي، سندس ٻاجھ جو ئي اثر آهي جو مون به ادبي دنيا ۾ پير پاتو، سندس ڪيترائي مٽ مائٽ ۽ دوست ساڻس ملڻ ۽ ڪچهري لاءِ آتا هوندا آهن، مفتون جڏهن به ڳوٺ ايندو آهي ته کيس اڪيلائي جو احساس ڪڏهن به ناهي ٿيندو، ڪچهرين ۾ مزاحيه شاعري ۽ ٽوٽڪا ٻڌائي سڀني کي خوشيون ارپيندڙ مفتون جو اندر جهريل آهي، پر ڏکن ۽ تڪليفن سان جهيڙيندڙ مفتون ڪڏهن به مايوس ناهي ٿيو.

    مفتون ڪورائي جي غزلن ۾ خوبصورت تشبيهون ۽ استعارا سونارڪي انداز ۾ موتين جيان پويل آهن، سندس وٽ شاعري جي حوالي سان اڻ ڳڻيان موضوع آهن ۽ انهن موضوعن سان نڀاءُ به خوب ڪري ڄاڻي ٿو، سندس شاعري ۾ سياسي، سماجي سميت مزاحيه رنگ به نمايان آهي شايد ان ڪري ئي مفتون جا ڪيترائي غزل اهڙا آهن جيڪي ڪيترن ئي ماڻهن کي مڪمل ياد آهن.

    پاڻ خوشين ساڻ کيڏين روز ٿو ڏيٽي ڏڪر
    مان مگر بڻجي پيس ڇڙواڳ دردن جو ڌنار.

    خوشي ته هر ڪو ملهائيندو آهي، پر خوشي ملهائڻ جو انداز هر ڪنهن جو پنهنجو هوندو آهي ۽ محبوب جي خوشي ملهائڻ جو هڪ نئون طريقو جنهن ۾ مفتون ڪورائي خوشين سان ڏيٽي ڏڪر کيڏڻ جي ڳالھ ڪري ڪيڏو منفرد ۽ انوکو خيال پيش ڪيو آهي ۽ پاڻ کي دردن جو ڇڙواڳ ڌنار سمجھي ٿو، پنهنجي دردن سان گڏ ٻين جي دردن کي بہ پنهنجي شاعري ذريعي ڀرپور خيالن سان پيش ڪرڻ جو هنر خوب ڄاڻي ٿو.

    ڪيڏو نه معصوم خيال آهي ته پرچڻ لاءِ تو کي ڇو ۽ ڪهڙي تڪليف ڏجي، توکي تڪليف ڏيڻ ۽ توکان رسڻ بجاءِ پنهنجي پاڻ سان ئي رسي وٺڻ جي ڪوشش ڪري دل جو بار هلڪو ڪري ڇڏجي.

    پرچاءُ لاءِ توکي تڪليف ڇا ڏيان مان
    توسان رسڻ جي بدران خود سان رسي وٺان ٿو.

    قومي شاعري جي حوالي سان به مفتون ڪورائي جا سچا جذبا ساراھ جوڳا آهن، سنڌ ديس سان سندس محبت جو سچو اظهار هن شعر ۾ پسي سگهجي ٿو، ڪيڏو اجرو ۽ نڪور خيال آهي ته اي سنڌ ڀٽائي تولئہ شعر چئي ٿو تون بي مثال آهين تنهنجو ڪو ئي به مٽ ثاني ڪونهي، اي سنڌ تون عظيم آهين تڏهن ته سوين سڪندر جهڪي وڃن ٿا، اها رمز ڪٿان سکي اٿئي.

    ڀٽائي تو لئه شعر چئي ٿو، اي سنڌ! تنهنجو جواب ناهي
    جهڪن ٿا تو در سوين سڪندر، هي رمز سھڻا ڪٿان سکي تو؟.

    دنيا توڙي ملڪي سياست جي لاهن چاڙهن، سياستدانن جي انڌ انڌوڪار، بي انتها ظلم، سماجي توڙي معاشي حالتن کي ڏسندي وڏي دليري ۽ بيباڪي سان ڪجھ هن ريت خيالن جو اظهار ڪيو آهي ته

    چرٻٽن جي دور ۾ قانون ڳوليندو رهيس
    مان چريو ٿي جنوري ۾ جون ڳوليندو رهيس.
    ......
    روز ڍورن وانگيان انسان ٿا ڪسجن پيا
    اڄ لڄي آدم اڳيان ٿي سوچ آ شيطان جي.
    ......
    دل، جگر، جيرا، بڪيون، آنڊا اچن ٿا وات ۾
    خرچ ايندو ڪيترو آهي نه پُڇ هڪ آھه تي.

    مفتون ڪورائي جي شاعري ۾ مجازي رنگ به لاجواب خيالن سان ڀريل آهي، مجازي شاعري ۾ به سندس اسلوب ٻين شاعرن بلڪل الڳ ٿلڳ آهي، عوامي لهجو، خوبصورت لفظن جي چونڊ سان سجيل شاعري پڙهندي پڙهندڙ بي اختيار واھ واھ ڪرڻ لڳي ٿو.

    لڳي دل اچانڪ ته سرٻاٽ ٿي ويا
    ٽٽي دل ته ميلن ۾ ٽڙڪاٽ ٿي ويا.
    ......
    اوپرو، اوپرو اڻ ڏٺل ٿو لڳين
    سنڌ جي ڀاڳ جان تون رٺل ٿو لڳين.
    ......
    سوکڙي مفتون آيو گل کڻي
    تون ڏئين ڀل خار، تنهنجو شڪريو!.

    "رنيون ڪھڪشائون" ۾ مفتون ڪورائي جي شاعري پڙهندي ڪٿي به بوريت نٿي ٿئي ۽ نه ئي سندس شاعري ۾ ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿئي ٿو، هر غزل ۾ نوان ۽ خوبصورت خيال پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ آهن، سنڌ ديس سان محبت، سماجي سجاڳي، سياست جي چالبازين، محبوب جي ادائن، خوبين ۽ ماڻن کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي، مفتون ڪورائي پنهنجي تخليقن وسيلي ديس جي پيڙهيل طبقي سميت محنت ڪش هارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ پڻ ڀرپور آواز اٿاريو آهي.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو