سُهُڻي گهڙو ڀڳو مُنڌَ مُئِي، وَسِلا وِئا

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    گهڙو ڀڳو مُنڌَ مُئِي، وَسِلا وِئا
    تِهان پوءِ سُئا، سهڻيءَ سڏَ ميهارَ جا


    شاهه لطيف
    سر سهڻي
    داستان : 01 بيت : 23



    ڏکين لفظن جي معني'

    مُنڌَ = ننڍي نيٽي نوجوان زال سهڻي زال هتي سهڻي
    وَسِيلا = آسرا، اُميدون، اُپاءَ ، ذريعا ، واسطا
    تِهان = تنهن کان، ان وقت کان
    سُئا = ٻڌا

    بيت جو پس منظر

    * دلو ڀڄي پيو، سهڻي ٻڏي وئي هاڻي ڪا اميد نه رهي.
    * تنهن کان پوءِ ئي سهڻيءَ ميهار جا سڏ ٻڌا.

    سمجهاڻي

    سر سهڻيءَ جو هي بيت تصوف ۽ وحدانيت جي رنگ ۾ رڱيل آهي. ڀٽائي هن سر ۾ عاشق عورت کي ۽ مرد کي معشوق بڻايو آهي. تنهنڪري ساهڙ حقيقي محبوب ۽ سهڻي سالڪ آهي. جڏهن سهڻيءَ جو دلو ڀڄي پيو ته هوءَ لهرن ۾ لڙهي لهواري ٿي ۽ حق سان ملي هڪ ٿي وئي.

    _____

    ڊزائن : آفتاب حسين کوهارو
    محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو