ڪڏهن باغ به ڪٽجي ويندا آهن، ڪڏهن کوھ به لٽجي ويندا آهن، اي دلڙي چري ائين به ٿيندو آهي، ته ڪڏهن دوست به مٽجي ويندا آهن. روءِ نه دلڙي جيرا ڦٽجي ويا، روئين ٿي جن لئه، سي مٽجي ويا. چيو دلڙي تون پڇ ٻين کان، پلي ويا پاڻ يان رُلجي ويا ؟ چميم پيرا سي پرين جا، لڳو طوفان اُهي لٽجي ويا. عبدالرحيم تون آهين اٻوجھه، توکان وڌ ڪيئي سي سٽجي ويا. ٻول : آواز : جلال چانڊيو