قريشي شبير احمد
سينيئر رڪن
صبح جو ڇهين بجي کان مختلف اسڪول وين وارن جي آمد شروع ٿيو وڃي .ٽن چئن سالن جي ٻارن جا ٻوڪاٽ، معصومَ ٻارن جو ماءُ جو هنج ۽ بستري ڇڏڻ کان انڪار.....گهل گهلان .وٺ پڪڙ پيء جون هڪلون ،ڪتاب ڳاٽي ۾ زوريء وين ۾ واڙيندا وڃن.لنچ باڪس ۾ رات جا بچيل ڪي ڪباب،بيدو يا هڪ ٻه سلائيس......هڪ جاهل ۽ اکڙ قسم جي ڊرائيور حوالي ڪري (جو سڄي واٽ ٻارن کي ڇڙٻون ڏيندو هلي ـاوئے چپ کرو۔۔۔۔۔۔۔۔) ٻار روئندو وڃي.. روئندو اچي ......... اسڪول جي سخت ڊيسڪ تي ستو پيو هجي . والدين اکڙين ۾ خواب سجايو وتن ته اسان جو ٻار پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويو آهي. (رڳو هڪ ڪلاڪ وڌيڪ ننڊ لاء پيء کي مليو ماء کي موبائيل تي واٽس اپ ڏسڻ جو ٽائيم مليو).............پنهنجي حصي جي ذمه واري هڪ اهڙي ليڊي ٽيچر تي هڻي خوش پيا ٿين، جيڪا غير تربيت يافته ٻارن جي نفسيات کان غير واقف (زياده ترانٽر پاس ڇوڪريون ) 3 ،4 هزار مهيني تي ڪم ڪندڙن مان توهان توقع رکندا ته 30،35 ٻارن کي سنڀاليندي ...جڏهن ته هڪ ماء پنهنجي هڪ ٻار کي گھر ۾ سنڀالي نه ٿي سگهي.توهان والدين جي حيثيت سان ڪڏهن ڪي جي نرسري ڪلاسن جي وزٽ ته ڪري ڏسو ڪينئن نه ننڍڙا ٻار پاڻ ۾ وڙهن ٿا. ڇا هڪ ٽيچر ماء وانگر ٻار جا انگل پوري ڪندي،سو سو ڪرائيندي صفائي ڪندي ،لنچ مهل هٿ ڌوئرائيندي،وهندڙ نڪ صاف ڪندي ،نيپي چينج ڪندي ......ٻار ننڊ ڪري ته آرام ده ماحول ميسر ڪندي يا ساڳيون هارڊ هارڊ بينچز............
جاچ ڪيو ته جنهن واپارين حوالي معصوم ڪيو ٿا اتي باغيچو آهي .....جھولا يا ٻيو راند جو سامان آهي فن و آرٽ جا ڪهڙا سامان آهن ڪو ڍنگ جو واش روم آهي جتي ٻار وڃي ....ڪو واش بيسن يا تربيتي ماحول ....... جي نه ته ڇو ٿا ايتري رقم فيشن طور خرچ ڪيو ...هي مڊل ڪلاس جي ڳاله آهي جتي هر گهر ۾ پڙهيل ماء آهي ڇا اوهان گهر ۾ اي بي سي جو تصور ٻار کي نٿا ڏئي سگھو.ون ٽو ٿري انگن جو تصور ڏئي نه ٿا ...مارڪيٽ اهڙي گيمس بلاڪن سان ڀري پئي آهي ..... بابا بليڪ شيپ جهڙا هزاين نرسري بيت هر ٻولي ۾ نيٽ تي آهن ....توهان جي گود ۾ ٻار چار ڪلما به سنڌو توهان کي نماز پڙهندو ڏسي نماز به پڙهندو آئي وئي سان هث ملائڻ سلام ڪرڻ سکندو.....يقين ڄاڻو 5 سالن ۾ جڏهن ٻار پهرين ڪلاس ۾ داخل ٿيندو ته ان کي نرسري کان وڌيڪ تربيت مليل هوندي.
توهان وٽ وقت نه آهي نه ؟؟
ڏسو مان پري اسڪولنگ جو مخالف نه آهيان .....ڪي جي ،نرسري سڌريل ملڪن جو تعليمي نظام آهي پر ڪمپلسري اتي به نه آهي ،ڪيناڊا ۾ ته 5 سالن کان اڳ ٻار داخل ڪرائڻ منع آهي. اتي پري اسڪولنگ ٽيچر جي قابليت گھٽ ۾ گھٽ ايم فل(ٻارن جي نفسيات ۾ ) يا پي ايچ ڊِي آهي....تمام سٺي پگهار تي ٽيچر مقرر ٿيندا آهن ڳاٽي ٽوڙ فيون ۽ خالصتا اميرن جا چونچلا آهن.... ٻارن جي صرف تربيت مشاهدي سان ٿيندي آهي ...راند روند ذريعي تعليم .ٻار جي رجهان جي مانيٽرنگ ٿيندي آهي ،وڏا ساوا گاه وڻ ٽڻ ٻارن کي ڊڪ ڊوڙ جو موقعو ملندو آهي .هڪ هڪ ايڪشن لکت ۾ ايندو والدين گھرائيندا باهمي مشاورت هلندي. هڪ ٽيچر والدين جي گهر ايندو ،ماحول جو رهڻي ڪرڻي جو مشاهدو ٿيندو،ٽي وي ڏسڻ جا ٽائيم مقرر ڪندا،ٻار جي بستر۽ لباس جي مناسبت سان بحث ٿيندو ،ٻار کان پڃندا ته تو سان والدين جو رويو ڪهڙو آهي ؟ پاڻ ۾ وڙهن ته ڪونه ٿا وڙهڻ وقت ڪهڙي زبان استعمال ڪن ٿا ............... آئي ڪا ڳاله سمجه ۾ ......هتي اهو نظام آهي ته جي بسم الله....
جي نه ته هي پرائيوٽ اسڪولن جا تاجر توهان کي رڳو ڪي جي نرسري نالي ۾ بي وقوف پيا بنائين........ معصوم ٻار درشت ماحول ۾ معصوميت وڃايو اچن ،گار گند سکيواچن.....زوري گهر مان ڪڍڻ ڪري ٻار والدين کان نفرت ڪري ٿو ،خدارا موبائيل ۽ ٽي وي مان منهن ڪڍو پنهنجي ٻارن جي تربيت پاڻ ڪيو . اسان جو اهو حال آهي جينئن انڌي گهوڙي ڪل (پاڻي جو گاه) ۾........ نڪو اڳتي چري سگھي نه پوئتي اچي سگھي.
مان ان ڳاله جو اعتراف ٿو ڪيان ته پراڻن وقتن ۾ تعليم سان گڏ تربيت جي ذمه واري به استاد جي هئي .اسان حرڪت ڪندا هئاسين ته امڙ چوندي هئي ته تنهنجي استاد ۾ ٿوم ئي ڪونهي جو توکي سڌاري..... واقعي اسان جي استادن تي الله سائين جي رحمت جو انهن ٻئي ڪم ڪيا.افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته سرڪاري شعبي جا استاد( سڀ نه) هاڻي اهو ڪردار ادا نه ٿا ڪن جو استاد جي شان ۽ مرتبي وارو هجي.