ڪرامتون ****سعادت حسن منٽو**** ڪتاب : سياه حاشيي افسانچي ترجمو : عبيد ٿهيم ....................................... ڦر ٿيل مال واپس ورائڻ لاءِ پوليس ڇاپا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. ماڻهو ڊپ مان ڦريل سامان رات پيٽ ۾ ٻاهر اڇلڻ لڳا.. ڪجھه اهڙا ماڻهو به هئا جن موقعو ملندي ئي پنهنجو سامان به پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏيو ته جيئن قانون جي پڪڙ کان بچيل رهن. هڪ شخص ڏاڍو پريشان ٿيو، وٽس ٻه کنڊ جون ٻوريون هيون جيڪي هُن پاساريءَ جي دڪان مان چوري ڪيون هيون.. هڪڙي ٻوري ته هُن جيئن تيئن ڪري رات پيٽ ۾ ڀر واري کوھ ۾ اُڇلي ڇڏي، پر جڏهن ٻين ٻوري کڻي کوھ ۾ ڦٽي ڪرڻ ويو ته پاڻ به ٻوريءَ سان گڏ هليو ويو.. شور ٻُڌي ماڻهو گڏ ٿيا.. کوھ ۾ رسا اُڇليا، ٻه جوان هيٺ لٿا ۽ شخص کي ٻاهر ڪڍيائون.. پر ڪُجھه ڪلاڪن کان پوءِ گذاري ويو.. ٻئي ڏينهن جڏهن ماڻهن استعمال ڪرڻ لاءِ کوھ مان پاڻي ڀريو ته اُهو مٺو هو. اُن رات ئي اُن شخص جي قبر تي ڏيئا پئي ٻريا..