نوجوان قليچ ۽ بمبئي جو ايلفنسٽن ڪاليج

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    نوجوان قليچ ۽ بمبئي جو ايلفنسٽن ڪاليج ​

    [​IMG]
    گل محمد عمراڻي

    ويهين صدي ۾ سنڌي نثر ۾ مرزا قليچ بيگ کي اها حيثيت حاصل آهي، جيڪا 18 هين صدي ۾ گِبن (Gibbon) کي انگريزي ادب ۾ حاصل آهي. مهان ڪوي شيخ اياز چواڻي ته، ”مون کي فقط هڪ سنڌي اسڪالر لاءِ عزت آهي.... قليچ بيگ لاءِ. هن جي وسيع ذوق هن کي پنهنجي دور جي گوناگون ادب سان روشناس ڪرايو. قليچ بيگ اسان جي ادبي ذوق ۽ انقلاب جو باني هو. ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجي شعور جا قالين آهيان ته انهن ۾ ٻه ٽي رنگين ڌاڳا قليچ بيگ جا به ملندا آهن. منهنجي عمر ڏهه ورهيه هئي، جڏهن مون قليچ بيگ کي پڙهڻ شروع ڪيو هو. هن جي تصنيفات منهنجي ذهن کي کُنهبي ۾ ويڙهي، ان جي چوڌاري هزارها رنگين پوپٽ اڏاري ڇڏيا. شاهه لطيف کانپوءِ قليچ بيگ سنڌ جي عظيم ترين ادبي شخصيت آهي“. (جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي -ص 102)

    نوجوان مرزا صاحب سنه 1872ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري 1873ع ۾ بمبئيءَ (ممبئي) جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ بي اي جي تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. ان وقت ان ڪاليج ۾ فارسي ۽ عربي جو هڪ زبردست عالم مرزا حيرت فارسي ۽ عربي زبان و ادب جو پروفيسر مقرر ٿيو هو. هن صاحب مالڪم (Malcom) جي انگريزي ۾ لکيل History of Persia کي ٻن وڏن جلدن ۾ فارسي ۾ ترجمو ڪري انگريز سرڪار کي تمام گهڻو متاثر ڪيو هو. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مرزا حيرت کي وري مرزا قليچ بيگ جي فارسي داني بيحد حيرت زده ڪري چڪي هئي. پنهنجي سوانح عمري ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ نوجوان قليچ بيگ 1873ع جو واقعو هن ريت بيان ڪري ٿو: ”وقت جا پروفيسر يا فيلو (Fellow) سڀ مون منجهان راضي هوندا هئا ۽ مون تي مهربان رهندا هئا، خاص طور پروفيسر مرزا حيرت، جيڪو مون کي نه فقط شاگرد وانگي، پر پٽ وانگي سمجهندو هو ۽ محبت ڏيندو هو... مرزا حيرت وٽ آئون هر روز شام جو ويندو هئس، صبح جو به ويندو هوس. آئون ڪلارڪ وانگي سندس خانگي يا سرڪاري لکپڙهه به ڪندو هئس. ڪتاب، جيڪي وٽس راءِ ڏيڻ لاءِ ايندا هئا، سي به مون کي ڏسڻ ۽ راءِ ڏيڻ لاءِ ڏيندو هو. امتحانن ۾ سوالن ڪڍڻ ۽ جوابن ڏسڻ ۾ به آئون خانگي طور گهڻي مدد ڏيندو هوسانس. پهرئين سال ئي هن کي معلوم ٿيو ته فارسي ۽ عربي آئون زياده ڄاڻان ٿو. اسان کان جيڪي وقت به وقت امتحان وٺندا هئا، تن ۾ فارسيءَ جي پيپر ۾ هو هميشه مون کي سئو مان سئو مارڪون ڏيندو هو، جنهن تي ٻيا پروفيسر کلندا هئا ۽ مرزا حيرت جي هلت تي حيرت ۾ پوندا هئا. خانگي وقت ۾ هو مونسان هزارين مضمونن تي گفتگو ڪندو هو ۽ جدا جدا شاعرن جا شعر ٻڌائيندو هو.“ (ص 34)

    اڄڪلهه جيان ان وقت به عالمن جا حاسد ڪي گهٽ ڪين هئا. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي هڪ سوانحي خاڪي ۾ (جيڪو ”نئين زندگي“ جي جولاءِ 1971ع جي شماري ڇپيو هو) بيان ڪري ٿو ته پروفيسر مرزا حيرت قليچ بيگ جي علمي قابليت ۽ ذهانت کي پرکي، پروڙي ۽ پرجهي کيس ڪاليج ۾ فيلو (Fellow) مقرر ڪرايو، ان تي حسب دستور، سنڌ جي ”شاندار روايتن موجب“ هڪ سنڌي شاگرد کي دل ۾ اچي حسد ۽ ساڙ پيدا ٿيو، ۽ هن فرضي نالي سان Times of India ڏانهن متواتر خط موڪلڻ شروع ڪيا. اها دکدائڪ ماجرا هاڻ توهان پاڻ مرزا خود قليچ بيگ جي زباني ٻڌو ۽ عبرت حاصل ڪريو. ”انهيءَ وقت جي هڪڙي ڳالهه ٿي ياد پوي، جنهن ۾ مون کي پنهنجي نالائقي ۽ بي عقلي قبول ڪرڻي ٿي پوي. سنڌي شاگردن مان هڪڙي کي، مرزا حيرت جي مهرباني ڏسي، مون تي حسد پيدا ٿيو ۽ ڪي خط وڌا، جن ۾ مرزا حيرت جي شڪايت ڪيائين ۽ منهنجي فيلو ٿيڻ تي اعتراض آندائين. اهي خط گمنام هئا، جي ڏسي مرزا حيرت کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. آخر ٻيا سنڌي شاگرد، جي منهنجا دوست ۽ زياده خيرخواهه هئا، تن کي خبر پئجي وئي ته لکندڙ اهو آهي، بلڪه هن هڪڙو ٻيو خط لکي ٽپال ۾ وجهڻ لاءِ پنهنجي نوڪر کي ڏنو، جو هن ڪنهن تجويز سان انهيءَ کان وٺي مون کي ڏنو. مون کي به ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ پنهنجن سنڌي دوستن جي چوڻ تي اهو خط مون وڃي مرزا حيرت کي ڏيکاريو، جنهن کي نهايت ڏک ٿيو ۽ ڪاوڙ به لڳي، ڇالاءِ جو هو سڀني شاگردن تي مهربان هوندو هو ۽ اهو شاگرد وٽس گهڻو ويندڙ هو. هن اهو خط چڙ مان ڦاڙي ڇڏيو ۽ انهيءَ سنڌي شاگرد کي گهڻو ڳالهايائين ۽ وري ڪڏهين به پاڻ وٽ اچڻ نه ڏنائين. انهيءَ حرڪت ڪري آئون بروقت پشيمان ٿيس ۽ اڃا تائين پشيمان آهيان ته ائين نه ڪريان ها ته چڱو هو“. (ص 36-37)

    هاڻ سائين اهي خيالات پڙهي اوهين اندازو لڳائي سگهو ٿا ته مرزا قليچ بيگ جواني کان وٺي ڪيڏي بلند ڪردار ۽ اعليٰ ظرفي جو مالڪ هو ۽ اسين ”سٻاجهڙا“ سنڌي اوڻهين صدي ۾ به پرديس ۾ ڪيئن هڪ ٻئي جي بدخواهي ۾ مشغول ۽ مصروف هئاسين، جيئن اڄڪلهه به ”فل ٽائيم“ مشغول آهيون. قديم ۽ پياري سنڌ جي هن عظيم المرتبت عالم، مصنف، مترجم، ڊراما نويس، شاعر، ماهر لسانيات، محقق، صوفي لا ڪوفي ۽ يگاني فيلسوف جي 81 هين ورسي 3 جولاءِ تي ملهائي ويندي. وقت ڪڍي اهو ٿورو غور ڪجو ته اسان قليچ جي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟

    دنيا سان قليچ رهه نه تون دل بستو

    دل بستو وڌيڪ جو، سو وڌ دل خستو

    آهن ٻه مٿا جي ساهميءَ کي، ڏس

    هلڪو جو ٿيو، آهه سو وڌ برجستو“. (قليچ)​
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: نوجوان قليچ ۽ بمبئي جو ايلفنسٽن ڪاليج

    تمام سٺي شئرنگ آهي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو