جُوتا
****سعادت حسن منٽو****
ڪتاب : سياه حاشيي افسانچي
ترجمو : عبيد ٿهيم
****
ماڻهن جو ميڙ هاڻ سر گنگارام جي بُت تي وريو.. لٺيون هنيون ويون، سرن ۽ پٿرن جا وار ڪيا ويا.. هڪ ڄڻي مُنهن تي ڪارٺ گھمائي ڇڏي.. ٻئي کوڙ سارا پُراڻا جوتا گڏ ڪيا ۽ انهن جو هار ٺاهي بُت جي گلي وجھڻ لاءِ اڳتي وڌيو.. پر ايتري ۾ پوليس اچي وئي ۽ گوليون هلڻ شروع ٿي ويون...
جوتن جو هار پارائيندڙ زخمي ٿي پيو.. ڪُجھه دير کانپوءِ مرهم پٽيءَ لاءِ کيس سرگنگارام اسپتال موڪليو ويو..