ٽوٽ وارو واپار (گہاٹے کا سودا)
****سعادت حسن منٽو****
ڪتاب : سياه حاشيي افسانچي
ترجمو : عبيد ٿهيم
****
ٻن دوستن پاڻ ۾ ملي ڏھن ويهن ڇوڪرين مان هڪ ڇوڪري چونڊي ۽ ٻائيتاليهه روپين ان کي خريد ڪيائون.. ساڻس رات گُذاري هڪ دوست ڇوڪريءَ کان پڇيو : ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
ڇوڪريءَ پنهنجو نالو ٻُڌايو ته هُو ڇرڪجي پيو : ”اسانکي ته ٻڌايو ويو هو ته تون ٻئي مذهب جي آهين.“
ڇوڪريءَ وراڻيو : ”هُن ڪوڙ هنيو هو.“
اهو ٻُڌندي ئي هُو ڊوڙي پنهنجي دوست وٽ ويو ۽ چوڻ لڳو : ”هُن حرامي اسانکي دوکو ڏنو آهي... اسانجي ئي مذهب جي ڇوڪري ڏِني اٿس.... هل ته واپس ڪري اچونس..“