ضراب حيدر سرحدن کان اڳتي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    سرحدن کان اڳتي (ڪهاڻي)

    ضراب حيدر

    ڪارونجهر، ننگر شهر جي مٿان ڪرَ کنيو بيٺو هو، سانوڻ جا آگم ائين ڀريا بيٺا هئا، جيئن تازي وئايل مينهن جا ٿڻ، کڙ سان ڀريا بيٺا هوندا آهن. ننڍيون ننڍيون ڪڪريون جبل جي چوٽيءَ سان ڪُڏي رهيو هيون، ڪجهه ڪڪريون جبل سان ٽڪرائجي اُڀ ڏانهن ٿي هليون ويون ته وري ڪي جبل جي سيني تان ترڪنديون جبل کي پُسائينديون، دونهي جيان وکري ٿي ويون.

    شام جو ٽيون پهر، جبل جي ڪور کان وائکو ٿي رهيو هو. ”الله اڪبر“ جو آواز ڪجهه مسجدن جي ٿلهن کان نروار ٿي، ڪڪرن جي کجڪاٽن ۾ گم ٿي ويو. هلڪي بوند، ننگر شهر جي بجريءَ کي پسائي ڇڏيو، جبل جا سمورا منظر پسي ويا، شهر جون زندگيون ٺڪر جي ڇتين هيٺان پناهه وٺڻ لڳيون. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ وکون، ڪماٺيءَ تي پاڻي جا دٻا کوهه مان ڀري پوسل ۾ پُسرڻ لڳيون، جبل جا سمورا جناور پنهنجي آکاڙن ۾ وڃي لڪيا. مورن جون ٽَهوڪا، وشال آڪاش ۾ پڙاڏو بڻجي گونجڻ لڳا، وڇوڙو، نه ڄاڻ ڪٿان جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ جون پٿريليون ديوارون اورانگهي سڪينا بنگالڻ جي سورن ۾ ڪاهي پيو.

    هوءَ ٻنپهرن کان مسلسل سورن ۾ هئي، ”الله اڪبر“ جي پُرڪيف آواز سندس سورن کي ماٺوڪين ڪيو هو، ويتر سانجهيءَ جي آذان سندس سورن کي تِکو ڪري ڇڏيو. گونگن آگمن اچي رنگ لاتا، جيل جي ڀرسان هوا تي لڏندڙ سريل جي وڻ پاڻ کي نيستو ڪري رکيو، جيڪو ٽپهريءَ کان هوا تي لُڏي لمي رهيو هو. سورن جي گهڙين جا گهٽيل آواز، مينهن جي وڏ ڦڙن ۾ ملي ٽپڪڻ لڳا، اوچتو کنوڻ جي کجڪاٽ سان سڪينا هڪ گهٽيل آواز ۾ دٻيل ڪيڪ ڪئي، جنهن سان هڪ اگهاڙي پتڪڙي بنگاليءَ، جيل جي کوليءَ ۾ زندگي جو آواز بلند ڪيو، بنگالي ٻار جو ناڙو، ماءُ جي وجود کان ڌار ٿي ڌرتيءَ جي وجود سان ڳنڍجي ويو. اها ڌرتي جيڪا هر بني آدم جي ماتا آهي، جنهن وٽ ذات پات حسب نسب جو ڪو به تضاد ڪونهي.

    رات ساري، آگم وسندا رهيا. خدائي، ڪال ڪوٺڙي جي روشندان مان لڪي ڪاهي ٿي آئي ۽ اگهاڙي ٻالڪ کي ڳراٽڙي پائي وري آڪاش ۾ گم ٿيو ٿي وئي، ٻار جهڙي خدا جو روئڻ، بادلن مان ڪرندڙ ڦڙين جي ساز ۾ ننڊ ڪري رهيو هو.

    صبح جون هوائون، بادلن کي هڪ وڏي ريگستان ڏانهن ڪاهي ويون، سج جا ڪرڻا، ڌرتيءَ جي سيني کان نمودار ٿيا، کن پل ۾ سج پنهنجو منهن، ڌرتيءَ جي اوٽ کان ڪڍيو، سج جا روشن ڪرڻا ڪارونجهر سان ٽڪرائجي، روشندان مان ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ڪاهي پيا. سوجهري نئين زندگيءَ جي آجيان ڪئي، زندگيءَ مُرڪي ورندي ڏني، سوجهري ڪارونجهر جي پاڇن کي ويتر چِٽو ڪري ڇڏيو.

    ڪارونجهر جي پيرن ۾ پيل ننڍڙي شهر جي زندگيءَ ۾ چوٻول مچي ويو، رات جي وسڪاري کان پوءِ سمورو شهر ڌوپجي ويو هو، ڪارونجهر جو ڌوتل ڪارو سينو، سج جي ڪرڻن تي، مينهن جي پُٺيءَ جيان جَرڪڻ لڳو.

    اوس پاس جي هارين، هر ۽ ناڙيون تيار ڪيون، اُٺن ۽ گڏهن سان جوٽيل هر ۽ ناڙيون، واريءَ ۽ پٿريءَ جي گڏراٺ مٽيءَ جو سينو چيرڻ لڳيون ۽ ڪن هارين ٻي وسڪاري لاءِ هَرن جي گهوٻن کي ٺپرائڻ لاءِ ننگر جو رُخ ڪيو.

    ڪارين جي نارين، جون اڏول ٻانهون ڌنوڻ هلائڻ لاءِ اُٺ جي ڳچيءَ وانگي هيٺ مٿي جهولڻ لڳيون، سندس ٻانهن ۾ پيل وڏا عاج جا چوڙا پاڻ ۾ ڪڪرن جيان ٽڪرجڻ لڳا ۽ سندن اُرهه نور جي لياڪن جيان اُڀ ساها ڇُلڻ لڳا. ڪاريا هرن جي گهوٻن کي ٽانڊن جي بٺيءَ مان چمٽيءَ سان ڪڍي، ٽپڻ لاءِ زور سان سٽن لڳا. سٽڪن جي آواز تي شهر جي زندگي ويتر تِکي ٿيندي وئي.

    بني آدم جي چهرن تي لڳل غم جا بُخيا اُڊڙڻ لڳا ۽ خوشيون سندن ڪم سان گڏ رُڌجي معتبر ٿيڻ لڳيون. شهر جي ڪنڊ ۾ رکيل شِوَ جو علامتي پُتلو، نارنگي سِندرو سان نارنگي ٿي ويو. ديوَن ۽ داسين، ٻاوَن ۽ ٻائِين جي ٻڌل هٿن وچان سندن تپسيا، ماڪ جيان زمين تي ٽيپو ٽيپو ٿي ڪِرڻ لڳي، ٻن مسجدن جا مينار، ڪونج جي ڳچيءَ جيان اُڀا ٿي، آسمان ۾ صدائون ڳولڻ لڳا، مورن جا ٽهوڪا، ڪارونجهر کان به اوچو گونجڻ لڳا. پر سڪينا بنگالڻ جو درد اڃا به اوچو هو، بلند هو، سندس درد ۾ ماڪ کان به وڌيڪ نزاڪت هئي، صدا کان به وڌيڪ صداقت هئي، ڪُوڪن کان به وڌيڪ ڪرب هئو، سندس اکين جي رڻ تي اڃان به وسڪارو جاري هو.

    هَن کي رحمان کان جدا ٿيئي اٺون مهينو ٿيو هو، رحمان جيڪو راجستان جي ڪنهن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ اڪيلو رهجي ويو ۽ هوءَ سندس ڀاءُ سليم ۽ ڀاڄائي امينا رات ويلي ڇڪڙي جي ڊالي ۾ وجهي، راجستان جي سرحد کان پارڪر جي جوءِ ۾ اُڇلايا ويا هئا.

    رزق جي ڳولا ۾ نڪتل قافلو، رڻ ۾ ئي رُلي ويو، کين ڪابه سُڌ ڪانه هئي ته ڌرتيءَ جون به ڪي حدون هونديون آهن، جن کي اورانگهڻ سان اکين ۾ صرف اوندهه لهي ايندي آهي، جنهن ۾ پنهنجو پاڻ به ڏسي ناهي سگهبو! نظر ايندو آهي ته رڳو دنيا ۾ تمام سستو وڪامجندڙ قانون، لوهي شيخون ۽ مٿن پهرو ڏيندڙ ٺيڪيدارن جون بي وقتيون خواهشون. اُن لمحي ته خدائي به پَر ڪري اڏامي ويندي آهي، فقط رهجي ويندو آهي پنهنجو هڏ، چم، رتُ ستُ، جيڪو وقت جي تيز هلندڙ چرخي سان سلوموشن ۾ ٿاٻڙجندو آهي.

    ”سڪينا نالو ڇا رکنديس؟“ امينا سندس ڀرسان ويهندي چيو.

    ”نالو ته ديس سان هوندو آهي، پرديسين جو ڪهڙو نانءُ؟“

    امينا ٽهڪ ڏنو،

    ”چري هِن جڳ ۾ هر ڪو پرديسي آهي.“

    سڪينا ماٺ ٿي وئي. امينا اٿي سليم جي ڀرسان وئي، جيڪو شِيخن جي ڀرسان ويٺو، پَٽ تي ليڪا پائي، پهرو ڏيندڙ سپاهيءَ جي قيد تي ويچاري رهيو هو:

    ”ڇا مان ئي قيدي آهيان؟ هت ته هر ڪو قيد ۾ آهي، پنهنجي ئي هٿ ٺوڪيل، ريتن، اخلاقن ۽ قانونن جي قيد ۾، هي سپاهي ڇا قيدي ڪونهي؟ پيٽ ۽ ورديءَ جي ڍڪ ۾ ڍڪيل قيدي ۽ مان، شيخن جي پٺيان بند ٿيل قيدي. آزادي ته روح کي هوندي آهي، سوچ کي هوندي آهي ۽ هن سپاهيءَ جو روح، مهيني جي پگهار ۾ اٽڪيو بيٺو آهي ۽ سندس سوچ سندس ڪلهي ۾ لڙڪيل بارود واري بندوق سنڀالڻ ۾ پوري آهي.

    ”اڄ وري منهنجي حاضري آهي، حاضريون ڀريندي اچي اٺون مهينو ٿيو آهي، پر ڪجهه به ڪين وريو آهي، لڳي ٿو عمر ائين ئي هن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ گذري ويندي!!“

    سليم ڇرڪ ڀريو، ”هون.... ها.... پوءِ ڇا هي؟ سڀڪي ته ملي ٿو. روٽي پاڻي، ٻيو ڇا کپي، اِن لاءِ ته نڪتا هئاسين.“

    امينا جي منهن جو رنگ ڪجهه وڌيڪ ڦٽي ويو.

    ”۽ هي هيڏو سارو جبر جو ٿو سهڻو پوي، توکي ته ٻه چار ٿڦون ٿيون لڳن ويل ته مون لاءِ آهي، ڀيڻين به فلحال اِن مصيبت کان بچيل آهي، جيسين سندس ايڪيهون (اِڪويهون) گذري تيسين ته سارو قهر مون تي ٿو ڪِري.“

    سليم بيوسي ۽ چِڙ وچان ڳاڙهو ٿي ويو،

    ”پوءِ مان ڇا ڪريان، ڪهڙو ڦاهو کاوان، ٻڌاءِ نه، ڇا ڪيان؟ تنهنجي رئي جا به ته ٻرگهل نڪتا پيا آهن، نه ته جيڪر اِن سان ئي پاڻ کي ڦاهو ڏئي ڇڏيان.“

    ان ويل هڪ ٻيو سپاهي، کوليءَ ڏانهن آيو، لاڪپ کوليائين.

    ”امينا توکي صاحب گهرايو آهي.“

    امينا پڇيو، ”ڪهڙي صاحب؟“

    سليم کيس ڏسندي چيو:

    ”تون وڃ... ڪهڙي صاحب!! هت کوڙ صاحب آهن، جڏهن قانون انڌو، ٻوڙو ۽ اپاهج ٿي پوندو آهي ته اُن جي لغام وحشي ماڻهن جي هٿن ۾ اچي ويندي آهي ۽ پوءِ انڌو ۽ اپاهج قانون سندن هٿن ۾ پُتلي جيان نچندو آهي.“

    سپاهيءَ جو ٿڏو سندس ڪُک ۾ کپي ويو.

    ”دلا ڀيڻان! هڪ ته پرايون حدون ٿا اورانگهيو، ٻيو وري ڳالهايو گهڻو، توکي ته اڄ ئي ٿا ڏسي رهئون.“

    سليم دل ۾ سوچيو:

    ”اُن سمي توهان جون حدون ڪوريئڙي جي ڄار کان به ڪچيون ڪيئن ٿي پونديون آهن، جڏهن ٻاهريون قوتون توهان کي پنهنجي اِشارن تي نچائينديون آهن، اُن لمحي توهان جو قانون ڪٿي هوندو آهي، جڏهن بنگالي عصمتون سرعام وڪبيون آهن ۽ توهان جي قانون کي نچائيندڙ مداري کين وڏي اگهه تي وٺندا آهن، اُن لمحي توهان جا قانون ۽ حدون ڪٿي هونديون آهن، جڏهن ٿر جي رڻ- پٽن مان اُٺن تي بڇڙايون چاڙهي توهان جي آنڊن ۾ اوتيون وينديون آهن ۽ توهان جو سارو سرشتو، نشي ۾ الوٽ ٿي سمهي رهندو آهي، اُن قانون کي به ته ڳوليو نه، جيڪو توهان جي حدن ۾ بارود جون ٻوريون ڀري وقتي ڪيمپن ۾ پناهه وٺي، توهان جي شهرن جي حدن ۾ فساد ۽ موت بڻجي ڪاهي پوندو آهي.“

    شام جي پهر سليم جو وجود بارود سان ڀسم ٿي ويو ۽ سندس سوچون هميشه لاءِ رات جي اوندهه ۾ گم ٿي، ميسارجي واريءَ جي دڙن ۾ لٽجي ويون.

    امينا، جيل جي کوليءَ کان ٻاهر آئي، کيس ائين لڳو ڄڻ، هوءَ جنت جي در کان اُڪري اندر ٿي هئي، پر پوءِ به سندس ذهن ۾ جهنم جا لاوا سندس جسم کي تَــئهُ ڏئي رهيا هئا، ڪارونجهر جو اوچو ڳاٽ مٿس ڇانوَ بڻجي سندس اندر ۾ پيهي ٿي ويو. هُن چاهيو پئي ته جيڪر پنهنجو پاڻ ڪارونجهر جي هنج ۾ ڏئي ڇڏي ۽ اُن جي سرڪشيءَ جي پناهه ۾ اچي هميشه لاءِ عذاب کان بچي پوي، هوءَ پٿريلي پيچري تان سپاهيءَ پويان هلندي وئي.

    سپاهي کيس ڏٺو،امينا به کيس نهاريو. امينا کي محسوس ٿيو ته سپاهيءَ جي اکين ۾ آڇ هئي، هن اکيون جهڪائي ڇڏيون.... شايد امينا سندس پيروي ڪرڻ لاءِ رضامنديءَ جو دستاويز، دل ئي دل ۾ صحيح ڪري چڪي هئي، قبولي چُڪي هئي، اِن ڪري سندس پويان جيل جي کوليءَ کان تمام ڏور نڪري وئي، اِهو ڄاڻيندي به ته اڄ نه ته سڀاڻي ضرور نيلام ٿيندي ۽ پوءِ نيلام ٿيندي رهندي.

    گونگي سڪينا جي وسندڙ اکين ۾ سندس عصمت جي پائمالي جون رڙيون ٻن سالن تائين، سندس ٻالڪ جي معصوم شرارتن جي باوجود به بند ٿي نه سگهيون ۽ هن پنهنجي آلين اکين سان پنهنجي ٻالڪ کي بنا ڪجهه ٻڌائڻ جي روشن دان مان ايندڙ اَڻ پوري سوجهري کي آخري ڀيرو ڏسي ۽ ٻوٽي ڇڏيو.

    اڄ وري آگم ڀرجي آيا هئا ۽ اِهو ڪارونجهر تي ٻيو وسڪارو هو، پر سڪينا جو وجود ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بي ساهو پيو هو. اگهاڙي ٻالڪ ماءُ جي ڦاٽل چولي مان سندس بي جان ڇاتين کي پنهنجي ننڍڙي وات سان چوسڻ لاءِ چڳڙون ڏنيون، پر کيس کير جي هڪ بوند به ڪونه ملي ۽ هو مايوس ٿي، ننڍڙيون پتڪڙيون وکون کڻندو جيل جي شيخن وٽ آيو ۽ پنهنجا پتڪڙا هٿ، شيخن جي ٻاهران ڪڍي وسندڙ مينهن جي ڦرين کي هٿ جي ترين تي کڻڻ لاءِ، پنڻ واري انداز ۾ جهلي، آڪاش ڏي ڏٺائين ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ ٻاتن ٻولن ۾ ڪجهه چيائين، جيڪو جيل جي ديوارن کي ته سمجهه ۾ ڪونه آيو، پر ڪائنات جي خدا کي ڇڏي زميني خدائن ۽ آقائن جي سمجهه کان به مٿاهون گذري ويو.
     
    TAHIR SINDHI ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو