جا خدا کان نه ٿي جا نه امڪان ۾
ڪالھه کان ڳالھه آهي سا انسان ۾،
هُو ته مونکي چتا تي وٺي ٿي ويا،
مينهن برسي پيو ڪالھه شمشان ۾،
بادلو بادلو ڪُجھه ته برسي وڃو،
رات ترسي وڃو، هن بيابان ۾،
عشق تنهنجو ”اياز“ آهي انسان سان،
هُو چون ٿا ته تون ناهين ايمان ۾.
ٻول : شيخ اياز