• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڌورا ڄڻ تہ حصا آهن

https://m.facebook.com/groups/263347250729413
اڙي او پيار جا پاڳل ڪهڙي مٽي کي ڳولهين ٿو....
اڙي او پيار جا پاڳل،
ڪهڙي مٽيءَ کي ڳولين ٿو.
اجايو پاڻ رولين ٿو.
نه ڪا ڪنهن نينهن جي نگري،
نه ڪو ئي سونُهن جو سايو.
رڳي گهايل دليون آهن،
نه ڪي مُرڪن جا ميلا هِن،
نه ڪي ٽهڪن جا ٽولا هِن.
نه ڪنهن چوڙيءَ جو چرچو آ،
نه ڪنهن پايل جو کڙڪو آ.
رڳي چنچل هوائن تي،
نگاهن جي صدائن تي،
سڄو جوڀن لُٽايوسين.
اکين جو منڊ ڀي ناهي،
اسان تي ڪنهن به صورت جو،
لٿو ڪو چنڊ ڀي ناهي.
نه ڪو ڪنهن راهه سمجهائي،
نه ڪو ”رهبر“ رهيو اڳتي.
نه ڪو ڪنهن دانهن ورنائي.
سموري راهه جا پانڌي،
پنهنجي ئي لاش جا ڪانڌي.
نه ڪي ڪو دڳ مليو آهي،
نه ڪوئي دَرُ کليو آهي.
لُٽيل ڪنهن قافلي وانگيان،
نه ڪي اورار جا آهيون
نه ڪي پرار تي پُهتا.
اسان وٽ جي به قصا هِن.
جواني جي ڪهاڻيءَ جا،
اڌورا ڄڻ ته حصا هِن.
اڙي او پيار جا پاڳل!
کڻي ڪشڪول نيڻن جا،
ڪهڙي مٽيءَ کي ڳولين ٿو،
اجايو پاڻ رولين ٿو!
شاعري بخشڻ مهراڻوي آواز ساجد چاڪراڻي
چونڊ غريب ڇوڪرو سنڌ جو
گروپ سنڌ منهنجي امڙ تان ورتل
 
رهن ٿا عرش جا آرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا،
اهي مقتل اهي مارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.
هلو پرڀات جا پياڪئو! جو مئخاني جو در کوليون،
اڃارا سانگ هن سارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.
اسان زندان واسين جو، نه رنگ بدليو نه رُتِ بدلي،
ڪراين ۾ ڪلف ڪارا، ڪڏهن ڪهڙاڪڏهن ڪهڙا.
هينيان! ايڏو نه هارج ڪجهه ڪليجا! تون به هڏڪيون جهل،
اجهي ڳڻتيون ويا ڳارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.
سڀاڻي جي به سورين کي، پيا منصور منهن ڏيندا،
اسان پنهنجا وتا وارا، ڪڏهن ڪهڙاڪڏهن ڪهڙا.
اڙانگين عشق جي راهن، لڦون ڀريون ڌڌڙ آڇي،
اکين ۾ لڙڪ هي کارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.
ڇڙي تنهنجي ڪٿا ۽ رات،تنهنجيءَتات ۾ ويئي،
اکيون جليون، ٻريا چارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.
 
Back
Top