حاجي عبدالله ‘واقف’ محمد سليمان سولنگي جو پٽ هو، سندس جنم 27 جولاءِ 1919ع ۾ ٺاروشاهه ۾ ٿيو. مئٽرڪ جي امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪمپائونڊري جو ڪورس پاس ڪري سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو اتان ترقي ڪري وئڪسينيشن انسپيڪٽر جي عهدي تان پنهنجي مرضيءَ سان رٽائر ٿي ٺاروشاهه ۾ ذاتي مطب کولي زندگي جي گاڏي کي گهلڻ لڳو واقف صاحب سنڌي ٻولي جو ڀلوڙ سنجيده ۽ مزاحيه شاعر، افسانا نويس، ڊراما نگار هو. خانائي صاحب جي لکت مطابق سندس پوئنرن وٽ قلمي صورت ۾ موجود آهن واقف جا شعر ۽ مضمون لاڙڪاڻي جي مشهور ادبي رسالي ‘‘اديب سنڌ’’ ۾ شايع ٿيندا هئا جڏهن ته سندس همعصرن شاعرن سان به تمام سٺا تعلقات هئا. حاجي عبدالله جي شعر ۾ موزون لفظن جو انتخاب، صحيح تلفظ، لهجو وڻندڙ ۽ دلڪش هوندو هيس پاڻ 25 جون 1976ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ٺاروشاهه بابت بيت: شهر ٺاروشاهه جو ٻڌ، ســــــــــــــــنڌ ۾ مشهور آ، جي هجي واقف لکيل خط تي، ادا پهچاءِ هت. ڪافي: سدا ساهه سانگين کي منهنجو سنڀاري، عمر! ڪيئن تن کي ويهان مان وساري، 1.گهران ٿي دعــــــــــــائون، ڏسان شال سانگي، اباڻـــــــــــــــــــــــن مان آيو نه ڪو آهي وانگي، وڇــــــــــــــوڙي انهيءَ جي وڌو آهي ماري. 2. مون کان ڪين ٿيندو، وســــــــــــــــاريان اباڻا، نپايو مون کي جن، سي ســــــــــــانگي سياڻا، سنگهارن کي دل ٿي صبح شام ساري، 3. زريون، زر ۽ زيور، مون کي ڪين گهرجن، حياتيءَ ۾ ســــــــــــــــــــانگي وري شال پسجن، انهن مون کي ڳڻتين ڇڏيو آهي ڳاري. 4. ٿو واقف ڪري پيو بيان حال منـــــــــــهنجو، عمر آهي توتي عيـــــــــــــــــــــان حال منهنجو، نه ٿو ساهه منهنجو وطن کي وساري (خانائي، حامد علي قريشي: نوابشاهه ضلعو، تاريخي شهر۽ شخصيتون: ص 80/82 : سال 1987) حوالو ورتل آهي غلام قادر سومرو، حاجي عبدالله واقف ٺاروشاهي مضمون ماهوار اديون ڪراچي سنڌ، ماهه جولاءِ 1980ع.