ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
زرعي شعبي جي حالت ۽ هارين جي معاشي بدحالي!

پاڪستان جي مشهور ماهر معاشي جاويد برڪي موجب، 2013ع تائين پاڪستان کي پنهنجي خوراڪ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هڪ ڪروڙ 20 لک ٽن خوراڪ ٻاهران گهرائڻي پوندي، جنهن جي شروعات به ٿي چڪي آهي. هينئر 20 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائي پئي وڃي. ڇا اها حيرت جهڙي ڳالهه نه آهي ته هڪ زرعي ملڪ اناج ۽ کنڊ به ٻاهران پيو گهرائي؟! مطلب ته هڪ زرعي ملڪ پنهنجي عوام جون زرعي ضرورتون به پوريون ڪرڻ جي قابل نه آهي. پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ 18 ڀيرا زرعي سڌارا آيا ۽ قانون به جوڙيا ويا پر اهي غير موثر ثابت ٿيا. 1972ع ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت جو زرعي سڌارن وارو قانون، جنهن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي مارشل لا ريگيوليشن نمبر 15 ذريعي لاڳو ڪيو هو، پر ان تي پڻ درست طريقي سان عمل ٿي نه سگهيو، ڇو ته جاگيردارن مختلف طريقن سان ان قانون جي دائري ۾ اچڻ کان نه صرف پاڻ کي بچايو، پر اهي پنهنجون غيرآباد زمينون مالي ادارن ۾ گروي رکي، وڏا وڏا قرض وٺي ۽ انهن جي سيڙپڪاري ڪري سرمائيدار بڻجي ويا، پر پوءِ حڪومت کان پنهنجا قرض به معاف ڪرائي ويا ۽ جن هارين کي ٿوريون گهڻيون زمينون مليون هيون، اهي پڻ 1977ع ۾ جنرل ضياءَ جي فوجي حڪومت اچڻ ڪري واپس ٿيڻ شروع ٿي ويون. گذريل 63 سالن ۾ ملڪ جو زرعي شعبو ترقي ڪرڻ بجاءِ اڃا پوئتي ويو آهي. هڪ زرعي ملڪ جي ناتي هتان 70 سيڪڙو زرعي شيون ڏيساور موڪلي سگهجن ها، پر ان جي ابتڙ کنڊ، اناج، ڀاڄين کان ويندي ڪپهه تائين شيون ٻاهران گهرايون وڃن ٿيون. پاڪستان کي هڪ زرعي ملڪ ليکيو وڃي ٿو. جنهن جي 44 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي. پر حڪمرانن هن شعبي کي ترقي نه وٺرائي ملڪ جي آبادي جي وڏي حصي کي مستقل عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. شعيب حبيب ميمڻ/ٺٽو