ڏوهيڙو لوڪ سڄو ئي وسري شال مَ وسرين تُون اهو مطلب مون، شل پاڻئون پاسي نه ڪرين تنهنجي سِڪ ٿي لڳي ته اچان ٿو مان، مونکي مهڻا نه ڏي مجبور ڏِسي، تون ئي مالڪ آن محبوب منهنجو، ڀلي ماري ڇڏ ڪو قصور ڏِسي. بيدرد نه ٿي ايڏو دلبر، ڏسي مونکي منهڙو لڪاءِ نه تون، صدمن تي صدما ڏي نه ائين، مونکي چاهت ۾ تون چُور ڏِسي. جڏهن مست نگاهن مان اوتي، تو پنهنجي اکين مان پياريو مونکي، مون وساري ڇڏيو مئخاني کي، تنهنجي نيڻن جو هِي سُرور ڏِسي. تولئه وحيد وفائي جو تڙپي، جي سُهڻا ساھ وڃي نڪري، توکي عرض ڪيان ٿو هٿ جوڙي، منهنجو وڃجانءِ مُنهڙو ضرور ڏِسي. ٻول : وحيد وفائي آواز : شمن علي ميرالي