تنهنجي سڪ ۾ ويهي لڪ ۾ روز روئڻ جو عادي ٿي ويم، جدائيءَ جون ڊگھيون راتيون، جاڳي ڪٽڻ جو عادي ٿي ويم. مونڏي نه ايندين مونسان نه ملندين، حال نه پڇندين لُڙڪ نه اُگھندين، تڏهن پنهنجا پرين ڳوڙها، پاڻ اُگھڻ جو عادي ٿي ويم. مونکي روئاريئي ڪيڏو آزاريئي، پيارُ وساريئي واعدو نه پاڙيئي، سهي صدما توکي دل سان، دعائون ڏيڻ جو مان عادي ٿي ويم. تنهنجو ستم آ ظفر کي غم آ، هٿ ۾ قلم آ هاڻي هِي ڪم آ، ڏکن وارا دردن وارا گيت لکڻ جو عادي ٿي ويم. ٻول : ظفر ڏيٿو آواز : احمد مغل