هن رات جي انڌياري ۾ صنم، مان چين گنوائي ويٺو آهيان، جو جِيون جو هو سرمايو سو پيار وڃائي ويٺو هان، تو روشنين لئه پاڻ وڪيو ۽ پاڇولي کان ڏُور ڀڳين، مان روشنين کي صدين کان تاريخ بڻائي ويٺو هان. تو ڏُور وسايو پاڻ وڃين احساس نه توکي منهنجو ٿيو، مان مُدت کان تنهنجي راهن ۾هي نيڻ وڇائي ويٺو هان. توکي هِي دعا آ واجد جِي، تون روشنين ۾ شال وسين، مان چاهت جي ارمانن سان هن دل کي سجائي ويٺو هان. آواز : احمد مغل ٻول : واجد