ٻول : هن رات جي انڌياري ۾ صنم مان چين گنوائي ويٺو آهيان

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


هن رات جي انڌياري ۾ صنم، مان چين گنوائي ويٺو آهيان،
جو جِيون جو هو سرمايو سو پيار وڃائي ويٺو هان،

تو روشنين لئه پاڻ وڪيو ۽ پاڇولي کان ڏُور ڀڳين،
مان روشنين کي صدين کان تاريخ بڻائي ويٺو هان.

تو ڏُور وسايو پاڻ وڃين احساس نه توکي منهنجو ٿيو،
مان مُدت کان تنهنجي راهن ۾هي نيڻ وڇائي ويٺو هان.

توکي هِي دعا آ واجد جِي، تون روشنين ۾ شال وسين،
مان چاهت جي ارمانن سان هن دل کي سجائي ويٺو هان.



آواز : احمد مغل
ٻول : واجد

 
Back
Top