ٻول : اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي، اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته هوندا

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي،
اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته هوندا.

اسان جن کي چاهيو اسان جن کي پوڄيو،
ڏيئن سان سڄي رات جلندا ته هوندا.

ڪُلهي تي رکي ڪنڌ جيڪي سُتا ٿي،
اُهي ننڊ ۾ ڇِرڪ لهندا ته هوندا.

جتي گڏ ڀِناسين ۽ رانديون رهيوسين،
اُنهيءَ شهر تي مينهن وسندا ته هوندا.




آواز : احمد مغل
ٻول : امداد حسيني

 
Back
Top