• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا حيدرآباد ۾ ڌماڪو ٿيو آهي؟

نثارابڙو

نائب منتظم
هينئر هڪ دوست ڏک جي خبر ٻڌائي آهي ته حيدرآباد جي هالا ناڪي وٽ بم ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي بي ڏوهي شهيد ۽ گهڻا زخمي ٿيا آهن ۔۔۔؟
 
جواب: ڇا حيدرآباد ۾ ڌماڪو ٿيو آهي؟

جي سائين هالا ناڪي وٽ هڪ ڪيميڪل ٽينڪر ۾ ڌماڪو ٿيو آهي ۔۔۔ اڃان اها تصديق نه ٿي سگهي آهي ته ڌماڪو دهشت گردي جي ڪاروائي هو يا وري گئس سلينڊر جي ڦاٽڻ جو نتجيو هو۔۔۔ بحرحال هن ڏکوئيندڙ واقعي ۾ هيل تائين 20 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن۔۔۔۔ تفصيل ڪجهه هن طرح آهي۔۔۔

2i6kxfr.jpg
 
جواب: ڇا حيدرآباد ۾ ڌماڪو ٿيو آهي؟

سائين بلڪل ڌماڪو ٿيو آهي۔۔ افسوس جي خبر آهي۔۔۔ جيو ٽي وي وارن جي مطابق اهو ڌماڪو ڪيميڪل جي ٽرڪ ۾ گيس جي پريشر وڌي وڃڻ سبب ٿيو آهي۔۔۔ گهٽ ۾ گهٽ 18 ماڻهو شهيد ۽ 40 زخمي ٿيا آهن
 
جواب: ڇا حيدرآباد ۾ ڌماڪو ٿيو آهي؟

دنيا ڀر جي ملڪن ۾ گيس، پئٽرول ۽ ٻين ڪيمياوي شين جي رسد ٿيندي آهي، پر اتان جون حڪومتون ۽ ادارا ان ڳالهه جو خاص خيال رکندا آهن ته مال بنا نقصان جي محفوظ پهچي وڃي، پر جي اهرو ڪو واقعو يا حادثو ٿي به پوندو آهي ته نقصان جي پوري کان به گهڻي ڀرائي ڪري ماڻهن کي خوش ڪيو ويندو آهي ۔۔۔ هاڻ ڏسجي ته اسانجي حڪومت ڇا ٿي ڪري ۔۔۔ مئلن کي لک لک ۽ زخمين کي 50 هزار ڏئي ڳالهه آئي وئي ڪئي ويندي ۔۔۔ پر اهو نه ڏٺو ويندو ته مري ويل پنهنجي خاندان جو ڪيترو قميتي انسان هو ۽ سندس جان جو ڪاٿو ڪيترو هو ۔۔۔ !!!!

مطلب ته مال وڃي پنجاب ڏانهن مرن سنڌي ويچارا ۔۔۔ وڏي ڀا پنجاب لئه قرباني ننڍي ڀا کي ڏيڻي آهي ، اها به بنا ڪنهن لالچ جي اکيون بند ڪري ۔۔۔

انا لله و انا عليه راجعون ۔۔۔
 
جواب: ڇا حيدرآباد ۾ ڌماڪو ٿيو آهي؟

ادا نثار صاحب اسان کي ڳاله سمجه ۾ نه ٿي اچي۔ بم بلاسٽ به سنڌ ۾ ٿين، ٽارگٽ ڪلنگ به سنڌ۾، ۽ اسان سنڌي جڏهن پنهنجي حقن خاطر آواز ٿا اُٿاريون ته اسان کي لاٺي چارج ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ٿو وڃي۔ هاڻي جيڪو واقعو حيدرآباد ۾ پيش آيو آهي انهي۾ ڪافي مائرون پنهنجي جگر جي ٽڪڙن کا ن محروم ٿي ويون۔ هاڻي انهي واقعي کي لڪائڻ خاطر ٽنڪر ڦاٽڻ جو ڍونگ ٿا ڪن.
 
جواب: ڇا حيدرآباد ۾ ڌماڪو ٿيو آهي؟

سائين ان ڏينهن مان حيدرآباد ۾ هيس ليڪن الله تعالى امان بخشي ٿورو وقت اڳ ڌماڪو ٿيو هو بس الله تعالى رحم ڪري اسان وٽ ڪا به شيء‌ صحيح طرح ان جي ڪيئر نه ٿي ڪئي وڃي گئس وغيره جي سلينڊرن کي چيڪ ڪرائڻو هوندو آهي سوبه نه ٿو ڪيو وڃي نتيٍجي ۾‌ اهڙا واقعا سامهون اچن ٿا۔
 
جواب: ڇا حيدرآباد ۾ ڌماڪو ٿيو آهي؟

ادا نثار صاحب اسان کي ڳاله سمجه ۾ نه ٿي اچي۔ بم بلاسٽ به سنڌ ۾ ٿين، ٽارگٽ ڪلنگ به سنڌ۾، ۽ اسان سنڌي جڏهن پنهنجي حقن خاطر آواز ٿا اُٿاريون ته اسان کي لاٺي چارج ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ٿو وڃي۔ هاڻي جيڪو واقعو حيدرآباد ۾ پيش آيو آهي انهي۾ ڪافي مائرون پنهنجي جگر جي ٽڪڙن کا ن محروم ٿي ويون۔ هاڻي انهي واقعي کي لڪائڻ خاطر ٽنڪر ڦاٽڻ جو ڍونگ ٿا ڪن.

هائو ادا نادر! ڳالهه اها آهي ته دشمن سنڌ کي وڪوڙي ويا آهن، ان چوڻيءَ جيئان ته ڪنهنجي کلڻ به خواري ته ڪنهنجو روئڻ به راحت ۔۔۔ سنڌي ويچارن جو کلڻ به خواري آهي ۽ دشمن اسانجي منهن تي مرڪ ڏسڻ نٿو چاهي ۔۔۔
ڌاريا ته ڌاريا پر مٽ مئيءَ جا نه ٿيا ۔۔۔ واري ڳالهه جيئان ۔۔۔ سنڌين جي حڪومت آهي واري ڳالهه چئي ڌاريا پنهنجا ڪم ٽپايو وڃن ۔۔۔
بس ڙي ادا ۔۔۔ پنڌ پيرن کان نه ٿئي لک لعنت گوڏن تي ۔۔۔ اسانجا پنهنجا جي غداريون نه ڪن ۽ اسانجا حق نه کپائن ته هوند اهڙا بڇڙا حال نه هجن ها ۔۔۔
 
ادا اهيا حقيقت آهي اسان هر دور ۾ عذاب ۾ آهيون،​
 
Back
Top