تاريخي لحاظ کان سنڌو ماٿري جي تهذيب هن فصل جو اصلي مرڪز رهي آھي ۽ اهڙيون شاهديون موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ وقت مليون آهن. هندو مذهب جي پراڻي ڪتاب رگ ويد ۾ اهي اهڃاڻ ملن ٿا ته سنڌي ڪپھ (Indus Cotton) جنهن کي ڪرپاسا يا ڪپھ سڏيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ ململ جي ڪپڙي جي ڌاڳي واسطي پوکي ويندي هئي. هڪ ٻئي مذهبي ڪتاب توريت ۾ آيل آهي ته ڪپھ جي ملائم ۽ عمدي ڪپڙي کي سنڌو سڏيو ويندو هو. اهو ظاهر ڪري ٿو ٿه ڪپھ جو اصلي پراڻو گهر سڌو ماٿري جي تهذيب آهي. سنڌ جي زرعي آسودگي بابت هڪ عرب سياح جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿيندو ته جڏهن حضرت عمر کانئس پڇيو ته سنڌ بابت تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي، انهيءَجو جواب عرب سياح ٽن جملن ۾ ڏنو ته سندس درياءَ موتي آهن، سندس جبل ياقوت آهن ۽ سندس وڻ عطر آهن. جڏھن تاريخي حوالن سان اهو به چيو وڃي ٿو ته حضرت عيسيٰ کي جڏهن پنهنجي قوم صليب يا تختدار تي چاڙھيو پئي، تڏهن به کيس سنڌ جو ڪپڙو پاتل هو. مطلب ته قديم تاريخن مان اها ڳالھ صاف ظاهر آهي ته ڪپھ جو قديم گهر سنڌو ماٿري آهي. تيرهين عيسوي صديءَ جي مشھور سياح مارڪو پولو جي لکڻين مان پروڙ پوي ٿي ته هتان جو ڪپڙو اهڙو ته نفيس ۽ سنهڙو هو جو هٿ لائڻ سان ڄڻڪ محسوس ئي نه ٿيندو هو. اهو ڪپڙو ڌوئي جڏهن گاھ تي سُڪڻ لاءِ وڌو ويندو هو ته مشڪل سان ڏسڻ ۾ ايندو هو. ارڙھين عيسوي صديءَ جي شروع ۾ هڪ انگريز فوجي آفيسر پاٽنجر سنڌ جو دورو ڪندي ڄاڻايو آهي ته، سنڌ ۾ وونئڻن جو فصل سڀ کان اهم هو، جيڪو وچين۽ ڏاکڻي سنڌ جي علائقي ۾ وڏي پيماني تي پوکيو ويندو هو. اڳتي هلي ٻڌائي ٿو ته وونئڻ ٻن قسمن جا پوکبا هئا. هڪڙا دائمي وڻن وانگر ۽ ٻيا مندائتا يا هڪ سال وارا وونئڻ هئا. اوائلي ۽ جديد دؤرن ۾ سنڌ جي ڪپھ جو واپاري ۽ صنعتي سفر جاري رهندو آيو. سنڌ جو ڪپڙو ايران ۽ ترڪيءَ ۾ مشهور هو. هتان جو ڪپڙو بصري ۽ ڪانگو جي بندرن ڏانهن به ويندو هو. سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ ٺٽو، نصرپور، درٻيلو، ۽ ڪنڊيارو ڪپڙي جي صنعت جا مرڪز هئا. 1402ع ڌاري ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ جي ڇھه هزار بافتي جي ٿانن جو آرڊر ڏنو. 1436ع ۾ فريملن ايسٽ انڊيا ڪپني کي اطلاع ڏنو هو ته سڄي هندستان جو ڪپڙو سنڌ جي ڪپڙي جهڙو ناهي ۽ نه وري واپار لاءِ ايترو مال (ڪپھ) ٻئي ڪنهن هنڌان ملي سگهندو، ڪپڙو اهو رنگ ۽ اوڄ ۾ ڀلو آهي.