وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو،
پيو ٿئي گھرگھلو، يار جلدي ملو.
جيءُ جبروت جنمن کان ويران آ،
ساھ ساميئڙو مڙئي مهمان آ،
ترسندو ڪيستائين ڀلا قافلو!؟
توسان چاهت ۽ چرپڻ به گھٽبا وڃن،
دل جا آرا ۽ ارپڻ به گھٽبا وڃن،
۽ وڇوڙن ۾ ناهي رهيو ولولو..
تنهنجي آڪاش وريھه ورچيو وڃي،
۽ ڪڏهن پل اندر پاڻ پرچيو وڃي،
دل هي سمجھي نٿي درد آ دادلو..
ٻول : آڪاش انصاري
آواز : بادل راهي