توکي وسارڻ لئه مونکي وقت گھڻو لڳندو،
مونکي ڇڏ تون وساري ڀلي منهنجو توتي نه ڏُک رهندو.
منهنجي دل جو گلشن آ صفا اُجڙي ويو جاني،
تنهنجي دل مان پيار منهنجو آهي نڪري ويو جاني،
پر تنهنجو پيار ڪڏهن هن دل مان ڪونه ويندو.
اهي پيار ڀريون راتيون ۽ پنهنجيون ملاقاتون،
نٿيون مونکان وسرن سي سانوڻ جون برساتون،
جنهنجي کنوڻن کان تون ڊڄي ٻانهن ۾ هُئين لڪندو.
توتي ناهي ميار پرين جي توکان پُڳي نه وفا،
گل حسن جي هيءَ توکي آهي دل سان وري به دعا،
ڀلي دردن ۾ مان هجان خوش توکي الله رکندو..
ٻول :
آواز : احمد مغل