ڀٽو ۽ سنڌ -----------'-------------- ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندين سونھين ، پر تن کي ڪوھ ڪندئين جي پنھنجن ھنيا پٺ ۾ سنڌ جنھن کي خدا جو حسن به چئي سگھجي ٿو جنھن ۾ خدا پنھنجو خلقيل سڀ ڪجھ پيدا ڪيو آھي سنڌ جو زمينون سر سبز آھن انھن جي اندر تيل گئس ڪوئلو آھي سنڌ وٽ جبل سمنڊ دريا آھي ٿر وارياسو آھي خدا جي ڪھڙي نعمت آھي جيڪا سنڌ ۾ نه ھجي ڪھڙن ڪھڙن نعمتن جو ذڪر ڪجي سنڌ جا ماڻھو محبت امن پيار جا سفير رھيا آھن سنڌ تي تاريخ ۾ وڏا حملا ڪيا ويا آھن سنڌ جي شھرن کي ساڙيو ويندو رھيو آھي ڪتب خانن کي جلايو ويو عالمن جو زبانو ڪٽي قتل ڪيا ويا سنڌ جيڪا مذھبن جي ماءُ آھي سنڌ ۾ تاريخ جنب ورتو انساني تاريخ پٿرن جي دورن مان نڪري ھوائن تي پھتي ھتي جي ماڻھن پنھجي وطن سان بي انتھا محبت عقيدت ڪئي آھي پر ڪجھ غدار قوم دشمن رھيا آھن ڪي وطن دوست ھوندا آھن ڪي قوم دشمن ھڪڙا ھٿرادو عوام جو درد کڻي ماڻھن مان قومي جذبو ڪڍندا آھن ۽ قومي غداري جو ڪم ڪندا آھن . سنڌ تي انگريزن جي حڪمراني ۾ انگريزن سنڌ کي بمبئي سان ملائي سنڌ جي سڃاڻپ ختم ڪئي ته وطن پرستن سنڌ سان محبت ڪندڙن سنڌ جي بقا جي جنگ شروع ڪئي ان تي انگريزن ڪميشن جوڙي جنھن جو چيئرمين شاھنواز ڀٽو ٿيو جنھن سنڌ جي علحدگي خلاف ووٽ ڏنو ان عيوض کيس سر جو لقب مليو ۽ سر شاھنواز بنيو اڳتي ھلي انگريزن پاڪستان نالي مملڪت جوڙي پنھنجي پاليلن تي احسان ڪري ويو اڳتي ھلي ون يونٽ قائم ڪري سنڌ جي سڃاڻپ ختم ڪئي وئي درتي دڻن ان ظلم خلاف ميدان ملھائڻ شروع ڪيو قوم فروشن ڀائواري ڪري وزارتون وٺي جنرل مين بنيا پي پي پي سر جي عملن کي برقرار رکندي جڏھن سنڌ تي ظلم ۽ جبر ھيو سنڌ جو مقدص نالو وٺڻ ڏوھ ھيو سنڌ جو زمينون ڌارين حوالي ھيو ته سنڌ جي جھموري ليڊر ون يونٽ قائم ڪندڙن وٺ پگھار تي وزير مقرر ٿيل ھيو ان ليڊر جي دور ۾ خان آف قلات کي قيد ڪيو ويو نوروز خان جي پنجن پٽن کي ڦاھي ڏني وئي ون يونٽ جي خفيه دستاويز تي ھڪ پنجاپي سياستدان ممتاز دولتانه صفي 5-6 تي لکيو آھي ته پٺاڻن وٽ بجلي آھي بلوچستان معدني وسيلن سان مالا مال آھي سنڌ جو زمينو سر سبز آھن ۽ قدرتي وسيلا آھن ان لاء ضروري آھي ته پنجاپ سرحد جي بجلي مان فائدو وٺي بلوچستان جي معدني دولت کائي سنڌ جي زمينن تي پنجاپي آبادگارن کي آباد ڪجي .. ورھاڳي کان اڳ ڪراچي ۾ 1300 سنڌي اسڪول ھيا جتي ٻاھري زبان کي آڻي سنڌي جا 200 اسڪول ڪيا ويا سنڌ جو نوڪريون زمينون پنجاپي مھاجرن ۾ تقسيم ڪيو ويو 70 واري اليڪشن ۾ شيخ مجيب رحمان جي جماعت وڏي اڪثريت سان کٽي آئي پر ان کي حڪومت نه ڏني وئي جنرلن جي چوڻ تي صدر بنجي بنگال ۾ ماڻھن کي مال جا ڪٺو ويو عورتن سان لکن جي تعداد ۾ زنا ڪري نسل تقسيم ڪرڻ جو فرمان ٻدايو ويو مين نه ڍاڪا ڊوبتي ديکها ۾ جنرل صديق سالڪ لکيو آھي ته دھاکے سے 14 کلومیٹر دور ٹونگی مین جانا پرا راستے مین درد ناک مناظر ديکهنے مین اے راستے مین جو عورتین نطر آئي ان که پاس سر پوشي که ليئه چند چيتھڙو که سوا کچھه نه تھا مين اپني آپ کو مجرم محسوس ڪرنه لگا .. ص 15 چيائون اودر تم ادهر هم الحمدالله بنگال بنگلاديش بنجي ويو جناب ڀٽو فرمايو الحمدالله ملڪ ٽٽڻ کان بچي ويو 90 ھزار فوجي قيد ڪرائي اڌ ملڪ الڳ ڪرائي آيا ۽ چيائون ملڪ بچي ويو 73 جو آئين ڏنو ويو جيڪو جھموري سڏيو ويو ان جي خالق جناب ڀٽي صاحب پاڻ 6 ترميمون ڪيون آئين نه جھموريت جو دفاع ڪري سگھيو نه خالق جو تحفظ بنگال جي الڳ ٿيڻ کان پو اليڪشن وري ٿيڻ گهرجي ھا پر ائين نه ڪيو ويو پنھنجي منظور نظر کي حڪمراني ڏني وئي سرحد جي اسيمبلي ٽوڙي بلوچستان جي اسيمبلي ٽوڙي فوجي آپريشن ڪيو ويو 15 ھزار بلوچ قتل ڪيا ويا سنڌ ۾ سنڌي رسالن ڪتابن اخبارن تي بندش ودي وئي قومي ورڪرن جو امڙيون گرفتار ڪري انھن جي ڪانچن ۾ ٻليون وديون ويو لکين غير سنڌين کي آباد ڪيو ويو سنڌ جي قومي سڃاڻپ ختم ڪري پاڪستان مسلم نالي ۾ ھزارين سالن جي سڃاڻپ ختم ڪئي ھزارين سالن جي سڃاڻپ ختم ڪري 30 سالن جي تاريخ ۾ قيد ڪيو ويو سنڌي سڏائڻ تي 5 سال ٽيپ جو آڊر جاري ڪيو ويو 1975 ۾ پوليس ڀرتي لاء ڊي آء جيء جي سربراھي ۾ ٽيم جوڙي پنجاپ مان 5 ھزار ماڻھو ڀرتي ڪيا ويا سنڌ سنڌ ڪندڙن کي تاحيات قيد رکڻ جا نادري حڪم جاري ڪيا ويا 1997 کان 2002 تائين سنڌ وفاق کي 994 ارب 47 ڪروڙ جمع ڪرايا ان جي موٽ ۾ ساڳي عرصي دوران سنڌ کي 139 ارب 66 ڪروڙ 70 لک روپيا موٽائي ڏنا ويا ٿر جي ڪوئلي جا 185 ارب ٽن زخيره وفاق جي حوالي ڪيا ويا آھن ملڪ جو 97 سيڪڙو ڪوئلو سنڌ مان نڪري ٿو اسان کي خيرات ۾ 14 سيڪڙو واپس ڏنا وڃن ٿا اھا مھرباني 73 جي آئين ۽ ان جي خالق جي آھي پاڪستان ۽ پنجاپن سان ايتريون وفاداريو ڪندڙ جناب ڀٽي کي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاسي ڏئي ماريو ويو سندس جا 2 پٽ به قتل ڪيا ويا جناب مرتضي ڀٽو ڀيڻ جي حڪومت ۾ گھر اڳيان گولن جو کاڄ بنايو ويو محترم بينظير ڀٽو کي پنڊي ۾ قتل ڪري پنجاپ سان وفاداري جو انعام ڏنو ويو جن اڃا تائين ڪيس داخل نه ڪرائي سگھيا آھن اھو سڀ جناب ڀٽو ۽ ٽيم طرفان ڪيا ويا آھن 73 جو آئين سنڌ جي ڳچي ۾ وجھي سنڌ جو ساھ اھڙو سوگھو ڪيو ويو آھي جو سنڌ پوئين پساھن ۾ آھي گر پڙي گر ڪر اٺُي ، اٺُ ڪر چلي اس طرح ڪاٽي هم ني زندگي --------------خادم حسين شر