• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : مونکي پيار پهريان جي ايڏو نه ڏين ها

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر

مونکي پيار پهريان جي ايڏو نه ڏين ها،
نه منهنجي ڳلهن تان هي ڳوڙها وهن ها.
نه ئي درد دل کي ملي ها اي دلبر
زماني جا ماڻهو نه مونتي کلن ها.

مرڻ تائين گڏ جا ڪيا واعدا تو،
پنهنجي ٻئي اکڙين تي ها هٿڙا رکيا تو،
ڪيان ها نه پهريان جي اعتبار توتي
فقيري نه منهنجا ههڙا حال ٿين ها.

تنهنجي ئي وڇوڙي مونکي غم ڏنو آ،
اڪيلو ٿي تولئه مون ڪيڏو رُنو آ،
نه توکي ڏسان ها نه ئي پيار ٿئي ها،
نڪي منهنجي دل کي هِي صدما ملن ها.

ڪري گل حسن پيو تنهنجي لاءِ دانهون،
مگر تون نه منهنجيون مڃين ٿو صدائون،
توکي دل ڏئي پوءِ سُکن لئه سکان پيو،
لڳي دل نه ها، نيڻ ڪيئن هِي سِڪَن ها..

ٻول : گل حسن
آواز : احمد مغل

 
Back
Top